سنڌي مسلمان واپار ۾ ناڪام ڇو ٿا وڃن؟!!!

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين الطاف شيخ جي فيس بوڪ جي وال تان ورتل مضمون.

    سنڌي مسلمان واپار ۾ ناڪام ڇو ٿا وڃن؟ !!!

    ڪيترا ماڻهو جن جو ڪڏهن واپار وڙي سان واسطو نه رهيو آهي اُهي اِهوئي ٿا سمجھن ته بزنيس ڪرڻ هڪ آسان ڪم آهي. هو سمجھن ٿا ته جيڪڏهن هنن وٽ پئسو اچي وڃي ته بزنيس آٽوميٽڪ ٿي ويندو. پر اها ڳالهه ناهي. جهاز هلائڻ دوران توڙي نوڪري دوران مون ڪيترن ئي ملڪن خاص ڪري سنگاپور، هانگ ڪانگ، ملائيشيا ۽ سري لنڪا کان ٽرنيڊاڊ، برمودا، بالٽيمور ۽ بريمن ۾ سنڌ کان لڏي آيل هندن، چينين، گجراتين ۽ بوهرين کي ويجھڙائي سان ڏٺو آهي. ڇا ته هنن کي بزنيس جي ڄاڻَ آهي جيڪا ظاهر آهي هنن پنهنجن ۽ وڏن جي تجربن مان حاصل ڪئي آهي. پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ ملائيشيا جي هڪ سنڌي هندو واپاريءَ جون ڳالهيون لکي چڪو آهيان ته هن چينين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪيئن ساڳي شيءِ ايتري ته گهٽ اگهه ۾ وڪي ٿي جيڪا ٻين دڪاندارن کي خريد ۾ به نٿي پئي. ان لاءِ هو هندو واپاري پاڻ مختلف ملڪن ۾ وڃي گهٽ اگهه تي گهڻو مال وٺي آيو ٿي. بهرحال سٺي دڪانداري لاءِ ڪئين اٽڪلون سٽڪلون آهن جيڪي هو پشت به پشت پنهنجن وڏن کان سکن ٿا جيڪي پڻ بزنيس ۾ ماهر هئا. هنن کي گراهڪن سان ميٺاج سان ڳالهائڻ جا طريقا اچن ٿا. ائين ناهي ته ڪو اسان جي ملڪ جو ڪامورو جنهن سڄي عمر ٻين سان رعب سان ڳالهايو اهو رٽائرڊ ٿيڻ تي ڪو دڪان کولي وهي ۽ هو گراهڪ کي باس سمجھڻ بدران اڃا تائين پاڻ کي ئي باس سمجھندو رهي. اهڙا ڪيترا بيوروڪريٽ منهنجي نظرن ۾ آهن جن رشوت جو خوب پئسو ٺاهيو ۽ پوءِ پڪڙ ڌڪڙ جي خوف کان پنهنجو ملڪ ڇڏي دبئي يا آمريڪا ۾ ڪو دڪان، ڪا اسٽيٽ يا ٽريول ايجنسي کولي. پر هو هلي نه سگهيا. ڪيترا ماڻهو اهو سمجھن ٿا ته پئسو اچي وڃي ته بس پوءِ ڪو نه ڪو بزنيس ڪري سگهجي ٿو ۽ زندگي آرام سان گذرندي رهڻ کپي پر ائين ناهي. بنا عقل، بنا بزنيس جي ڄاڻَ، بنا تجربي ۽ بنا بخت جي فقط پئسو ڪجهه نه آهي ۽ واپار ۾ آرام نه پر سخت محنت ۽ پريشاني آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ پگهار کڻڻ وارو واپار جي ڪمن کان بي خبر هجڻ ڪري هو ائين ئي سمجھي ٿو.
    مونکي ياد ٿو اچي ته اڄ کان ڏهه ٻارنهن سال اڳ پاڪستان جي ڪجهه بئنڪن ۽ ٻين ادارن پاڻ وٽ پگهار دارن جو تعداد گهٽائڻ لاءِ گولڊن هئنڊ شيڪ اسڪيم ڪڍي جنهن ۾ نوڪري ڇڏيندڙن کي پنج ڇهه لک ڏئي فارغ ڪيو ويو ٿي. اسان جي ڪيترن سنڌي مسلمان آفيسرن ۽ ڪلارڪن شايد سنڌي هندن کي يا ڪجهه شيخ ۽ ميمڻ واپارين کي خوشحال ڏسي پنهنجو سيڌي جو دڪان يا ٽريول ايجنسي، اسٽيٽ ايجنسي جهڙو ڌنڌو شروع ڪري گهڻو پئسو ڪمائڻ جي خوابن ۾ پنهنجيون نوڪريون ڇڏي ڏنيون. بزنيس جي ڄاڻ يا پهرين جو تجربو نه هجڻ ڪري هو ويچارا سال ٻن اندر سمورو پئسو چٽ ڪري پهرين کان وڌيڪَ غريب ٿي ويا.
    اڄ ڪلهه اهو دورو وري اکين اڳيان ڦري رهيو آهي جڏهن اسان جا ماڻهو.... خاص ڪري رشوتي آفيسر يا وڏيرا، سياستدان يا اهي جيڪي پنهنجي ملڪ جي سماجي ۽ معاشي حالتن کان مايوس ٿي پيا آهن اهي پنهنجو پئسو کڻي ملائيشيا ۾ بزنيس لاءِ اچن ٿا. اڄ کان چاليهه پنجاهه سال اڳ جڏهن آئون 1968ع ۾ پهريون دفعو ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ آيس ته هنن ملڪن جي مقابلي ۾ اسان جو ملڪ الائي ڇو هو ۽ اسان ڪنڌ مٿانهون ڪري هلندا هئاسين.... تعليم ۾، جهازراني ۾، عمارت سازي ۾، معاشي ترقي ۾.... اسان جي ملڪ جي مقابلي ۾ ملائيشيا جهڙا ملڪ مسڪين هئا. سنگاپور، ٿائلنڊ، انڊونيشيا ويندي هانگ ڪانگ ۽ ڪوريا جي حالت ته بيحد خراب هئي پر پوءِ پهرين جپان ان بعد سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۽ انهن کي ڏسي ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جهڙا ملڪ به ڳالهه سمجھي ويا ته ملڪ جي ترقيءَ لاءِ فقط ٻه چار معمولي شيون ضروري آهن. پوليس ۽ انصاف جو کاتو صحيح رکجي جيئن ملڪ ۾ امن امان ۽ انصاف رهي ۽ مڪاني توڙي ڌاريان ماڻهو سڪون محسوس ڪن ۽ ڪاروبار قائم رهي جيئن ڌارين ملڪن جا ماڻهو به پنهنجي ملڪ ۾ پئسو سيڙائڻ يا بئنڪن ۾ رکڻ بدران هيڏانهن اچن ۽ ٻيو زور تعليم تي ڏجي جيئن ملڪ جو ٻچو ٻچو پڙهيل ڳڙهيل ٿي وڃي. ۽ هاڻ نتيجو اسان جي سامهون آهي. 1980ع تائين به ڪنهن کي خواب خيال ۾ نه هو ته ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلنڊ جهڙا ملڪ يورپ جهڙا ٿي پوندا. اڄ تعليم توڙي واپار وڙي لاءِ هر ڪو هنن ملڪن جو رخ رکي ٿو. ۽ هي ملڪ ڌارين کي اهو ئي چون ٿا ته اچو اچي پاڻ به پئسو ڪمايو اسان کي به سکيو بنايو. ۽ اسانجا ڪيترائي ڌاڙيل جن اغوا ۽ ڌاڙن ذريعي پئسو ڪمايو آهي يا سياستدان جن ترقياتي ڪمن جو پئسو کاڌو يا نوڪريون وڪڻي پئسو حاصل ڪيو يا سرڪاري ڪامورا جن رشوتن ذريعي مال ٺاهيو اهي ڦُرَ جو پئسو کڻي هِتي ملائيشيا ۾ بزنيس لاءِ پهچن ٿا. پر آئون ڏسان پيو ته هِتي چينين ۽ انڊين سان مقابلي ۾ ڪو ورلي ڪامياب وڃي ٿو نه ته اسان جا گهڻا تڻا پنهنجي ڀينگ ڪري وهن ٿا.
    ويجھڙائيءَ ۾ هڪ همراهه ڪروڙها رپيا خرچ ڪري ملائيشيا ۾ زمين وٺي ان تي پيٽرول پمپ ۽ دڪان کوليو پر جيڪي هن خواب ڏٺا اهي پورا نه ٿي سگهيس يعني نه هليس ۽ ڀينگ ٿي ويو ۽ ڀڄي جان ڇڏيائين. ملائيشيا جي حڪومت کي فائدو ئي فائدو جو هڪ غير ملڪيءَ اچي هنن جي زمين ٺاهي، پئسو لڳايو ۽ مڪاني ماڻهن لاءِ روزگار پيدا ڪيو.
    هي بزنيس جي ڳالهه ان ڪري ڪڍي ويٺو آهيان جو ڪالهه سنڌ جي هڪ شهر جي خاتون جيڪا ڪنهن ڪاليج ۾ پروفيسر آهي ان جو فون آيو ته هوءَ ۽ هن جو مڙس جيڪو پڻ ڪنهن سرڪاري اداري ۾ آهي اهي نوڪريون ڇڏي سمورو پئسو کڻي ملائيشيا ۾ ڪو دڪان کولڻ ٿا چاهين ۽ پنهنجن ٻن ٻارن کي جيڪي اٺين ۽ نائين ڪلاس ۾ پڙهن ٿا انهن کي ملائيشيا ۾ پڙهائڻ چاهين ٿا.
    مون کين صلاح ڏني ته جيڪڏهن هنن کي بزنيس جو تجربو نه آهي ته پوءِ هڪ ڌارئين ملڪ ۾ اچي هڪ نئين شيءِ شروع ڪرڻ اجائي آهي. ان کان پنهنجي ملڪ ۾ جيڪو ڪم ڪريو پيا ان سان ئي رهو جو توهان کي ان جي ڄاڻَ ۽ تجربو آهي. ها، هنن ٻڌايو ته هنن وٽ ستر اسي لک رپيا آهن. ۽ هنن انٽرنيٽ تي ڏٺو آهي ته ڪوالالمپور ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا دڪان سٺ ستر لک رپين جيترن ڊالرن ۾ مليو وڃن ۽ دڪان وٺرائي ڏيڻ وارو اتي جو ايجنٽ ٽي سيڪڙو ڪميشن ٿو وٺي.
    مون هنن کي سمجھايو ته ايجنٽ کي ته پنهنجي ڪميشن سان واسطو. اهو ضرور دڪان وٺرائي ڏيندو پر پوءِ توهان ان دڪان کي ڪيئن هلائي سگهندائو؟ پنهنجو ملڪ ته نه آهي جنهن ۾ دڪان وٺي سامان رکي وڪرو شروع ڪري ڏجي. ڌارئين ملڪ ۾ رهڻ لاءِ خاص ڪري ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي هنن قاعدا ٺاهيا آهن اهي سڀ انهن جي فائدي لاءِ آهن. هڪ ته دڪان، هوٽل يا ڌنڌو شروع ڪرڻ لاءِ توهان کي ڳريون فيون ڏئي پهرين ڪمپني ٺاهڻي پوندي. پوءِ ان دڪان، هوٽل يا ڌنڌي ۾ ٻه يا ٽن مڪاني ماڻهن کي روزگار ڏيڻو پوندو يعني توهانجو دڪان هلي يا نه هلي پر هنن کي ڳرا پگهار، طبي سهولتون ۽ ٻيا فائدا ڏيڻا پوندا. ان بعد حڪومت فقط توهان کي ۽ توهان جي مڙس کي رهڻ ڏيندي. ٻارن کي هرگز نه. ٻارن کي اسڪول يا ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ تي رهڻ جي اجازت ڏيندا پر توهان جا ٻار جن ڪلاسن ۾ آهن انهن ۾ هنن کي سنڌي ۽ اڙدو سبجيڪٽن وانگر ملئي يا چيني زبان ۽ اگاما (مذهب) جو ملئي زبان ۾ سبجيڪٽ کڻڻ لازمي آهي. جيڪو پهرين ڪلاس کان پڙهڻ ته سولو آهي پر ستين ۽ اٺين ڪلاس ۾ ڊئريڪٽ اچڻ واري لاءِ بيحد مشڪل آهي.

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 مئي 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    اصل ۾ بزنس ڪرڻ ۾ فائدو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن توهان حساب ڪتاب سان ڪاروبار ڪندو اڪثر ڪري ڪجهه عرصو انتظار به ڪرڻو پوندو آهي ۽ هڪ دم امير ٿيڻ جو شوق به توهان کي ڇڏڻو پوندو گهر جا خرچ به توهان کي فل حال گهٽ ڪرڻا پوندا اسان سنڌي مسلمانن سان اها ويڌن رهي آهي ته هڪ دم اسان فائدي ٿيڻ جي ڳالهه ڪندا آهيون پر پهريان گراڪي ٺاهڻي پوندي آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    واپار جو هڪ اهم اصول هي به آهي ته ٿورو نفعو ڪمائجي جنهن ۾ برڪت گهڻي هوندي آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو