سنڌي ادب ۾ جديد لاڙا

'سنڌي ادب' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏19 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سياسي ۽ معاشرتي حالتن جو اثر ڪنهن به خاص ملڪ يا اُن جي ڪنهن حصي جي ادب تي پوي ٿو. يورپ ۾ جيڪي به انقلابي قسم جون تبديليون آيون اُنهن اُتان جي ادب تي خاص اثر وڌو. سنڌي ادب ۾ جديد لاڙا برِصغير پاڪ_هند جي ورهاڱي کانپوءِ داخل ٿيا. سنڌي ادب ۾ ڪيترائي جديد قسم جا لاڙا متعارف ڪيا ويا آهن اُنهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا

    سماجي حقيقت نگاري

    حقيقت نگاريءَ ۾ دنيا کي حقيقي رنگ ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. فنڪار جن سماجي حقيقتن کي جيئن ڏسي ٿو تيئن کين فطري انداز ۾ پيش ٿو ڪري. ورهاڱي کانپوءِ جمال ابڙو سنڌ جو پهريون ليکڪ هو جنهن حقيقت نگاريءَ کي سنڌي ادب م روشناس ڪرايو.

    مقاميت نگاري

    هن قسم جي ادب ۾ اديب ڪنهن خاص علائقي جي ٻولي، ثقافت، ريتن رسمن، رهڻي ڪهڻي ۽ مجموعي سوچ کي پنهنجي قلم ذريعي اجاگر ڪندو آهي. نسيم کرل جي ڪهاڻي ”پهرين مراد“ رسول پليجي جي ڪهاڻي ”جتي باهه ٻري“ ۽ جمال ابڙو جي ڪهاڻي ”پيراڻي“ سنڌي ادب ۾ مقاميت نگاريءَ جو بهترين مثال آهن.

    قومپرستي

    ون_يونٽ ٺهڻ کانپوءِ سنڌي اديبن ۾ قومپرستيءَ جو لاڙو تيزيءَ سان زور وٺڻ لڳو. امر جليل، سراج، علي بابا، عبدالقادر جوڻيجو۽ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي ادبي فن پارن ۾ قومپرستي نمايان طور تي محسوس ڪري سگهجي ٿي.

    شعور جي رو

    آغا سليم هن رجحان جو باني آهي. هن شعوري سفر کي پنهنجي ناول جو موضوع بڻائي سنڌي تهذيبي قدرن جي احساس کي منفرد انداز ۾ پيش ڪيو. سندس ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ هن قسم جو سنڌي ادب ۾ پهريون ۽ بهترين تجربو آهي.

    نفسياتي رجحان

    شروعاتي افسانن ۾ گهڻو ڪري سڄو زور حالتن ۽ واقعن تي هو. ڪردار حالتن جا غلام هئا. پر پوءِ آهستي آهستي ڪردارن جي دل ۽ دماغ جي به ڳالهه ٿيڻ لڳي. ڪردارن جي اندار جي اُمنگن، حسرتن ۽ نفسياني ڪشمش کي به افساني جو موضوع بڻايو ويو. جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”پشو پاشا“، غلام رباني آگري جي ڪهاڻي ”بدلو“، بشير مورياڻي جي ڪهاڻي ”پريم“، ۽ حفيظ شيخ جي ڪهاڻي ”امان مان اسڪول نه ويندس“ نفسياتي رجحانن تي مشتمل بهترين ڪهاڻيون آهن.

    مٿي بيان ڪيل ڪجهه اهم جديد لاڙا اڄڪلهه سنڌي ادب ۾ نمايان طور تي موجود آهن. ڪيترائي اديب اِنهن جديد لاڙن کي پنهنجي قلم ذريعي ويتر هٿي وٺرائي رهيا آهن. انهن کان علاوه ڪي ٻيا به جديد لاڙا آهن جن ٿورو ڪي گهڻو سنڌي ادب تي اثر ڪيو جيڪي هيٺ ڏجن ٿا

    رومانيت، انسان پرستي، عقل پرستي، خودي ۽ وجوديت وغيره
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو