فيس بوڪ رائونڊ اپ 15

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 15

    محمد سليمان وساڻ

    فيس بوڪ تي هڪ اهڙو ماحول جڙندو وڃي جو الائي ڇو پراڻا دوست ماٺار ۾ هليا ويا آهن يا انهن جون سرگرميون گهٽجي ويون آهن. ان جو سبب نون دوستن جي وڌيڪ سرگرمي آهي الائي پراڻا دوست فيس بوڪ جي هڪجهڙائي مان تنگ ٿي ويا آهن. پوءِ به اهو محسوس ڪيو ويو آهي ته مجموعي طور سنڌين جون سرگرميون وڌي رهيون آهن. پر ان مان ڪيئن لاڀ حاصل ڪجي؟ اهي سوال جواب طلب آهن. ان ئي حوالي سان گهڻن دوستن جو رايو آهي ته فيس بوڪ تبديلي نه ٿو آڻي سگهي باقي تبديلي لاء سٺو هٿيار آهي. هن هفتي سوشل ميڊيا تي ڪراچي جي ادبي ۽ سماجي سرگرمين جون تصويرون ۽ رپورٽون ڇانيل رهيون. جن مان هڪ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران ڪرايل انجنيئر شفقت وڌو جي تصويري نمائش به آهي. هڪ اهڙي سنڌي ماڻهوء جون تصويرون شهداد ڪوٽ کان ڪراچي ۾ نمائش لاء آيون جنهن بابت مون سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي خبر ئي ڪانه هئي. شفقت وڌي جي تصويرن جي نمائش سان گڏ سندس تصويري ڪتابEternal Journey of my life through Painting جي مهورتي تقريب پڻ منعقد ٿي جنهن ۾ ناميارن چترڪارن سندس فن بابت ڳالهايو. نامياري شاعر، ليکڪ ۽ فيس بوڪ جي ادبي تنظيم سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن جي چيئرمين هدايت بلوچ جي ڪالمن جي ڪتاب “يادگيرين جا البم” جي مهورت به سِگا پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ سوشل ميڊيا جي دوستن سان گڏ علمي ۽ ادبي شخصيتن سندس ڪالمن جي ڪتاب ۽ شخصيت تي روشني وڌي. ان موقعي تي مقررن ان ڳالهه کي ساراهيو ته هيڏي وڏي انتها پسندي جي دور ۾ به هدايت بلوچ ايڏو بهادري ۽ بي باڪيءَ سان لکيو آهي. شاهه محمد پيرزادي جي ڪتاب سونهن جون سَوَ صورتون جي مهورت به ڪراچي ۾ انيس انصاري اڪيڊمي پاران منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ شاعرن سندس شاعري بابت ڳالهايو ۽ هي ايونٽ سوشل ميڊيا جو حصو رهيو.

    جيو -جنگ، آءِ ايس آءِ ۽ ميڊيا جي جنگ ۾ سنڌ، سنڌي ماڻهو ۽ سنڌي ميڊيا ڪٿي بيٺي آهي اهو به سوشل ميڊيا جو هڪ هاٽ ٽاپڪ رهيو آهي. جيو کي ڪيترائي دوست سنڌ دشمن چينل سمجهي رهيا آهن پر جڏهن جيو ۽ آء ايس آء امهون سامهون آهن ته هڪ وڏو تعداد جيو جي سپورٽ پڻ ڪري رهيو آهي پر مجموعي طور تي جيو کي سنڌ ۽ بلوچستان مان گهٽ سپورٽ ملي آهي ان جو هڪ سبب جيو گروپ جي سنڌين ۽ بلوچن جي حقن جي آواز کي مناسب ڪوريج نه ڏيڻ پڻ آهي. ان حوالي سان سجاد مهر لکيو آهي “جيو پنهنجي تعصب پسندانه رويي سبب اڄ پوري ملڪ سوڌو سنڌ ۾ به اڪيلو ٿي پيو آهي. ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي هيڏي ساري ميڙ جي ڪوريج نه ڏئي جيو سنڌين سان دشمنيءَ جو ثبوت ڏنو هو، اڄ ان جي خلاف اٿندڙ آواز ان ڳالهه جو پختو دليل آهي ته هنن ڪالهه جيڪو پوکيو اڄ لڻڻو پئجي ويو اٿن..”

    هندستان ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ بي جي پي جي ڪاميابي تي پاڪستاني حڪومت ۽ فوج جو ڪهڙو رد عمل ايندو يا هو ان تي ڪيترو خوش آهن سا ڳالهه اڃان به سامهون ناهي آئي. پر اليڪشن جي هاڻوڪن نتيجن هندستاني سياست کي لوڏي ڇڏيو آهي. ڪنهن به تجزيي نگار يا بي جي پي کي پاڻ به ايڏي وڏي ڪاميابي جي توقع ڪانه هئي جيڪا کين ملي آهي. پر ڏسڻو اهو آهي ته سيڪيولر هندستان ۾ انتها پسند نريندر مودي پنهنجون ڪهڙيون پاليسيون ٿو آڻي. پر سوشل ميڊيا تي هندستان جي سنڌين کي اها اميد آهي ته بي جي پي جي ڪاميابيء سبب دور درشن تي سنڌي ٽي وي چينل جلد هندستان ۾ اچي ويندو. اها اميد آشا چاند سميت ڪيترن ئي سنڌين سوشل ميڊيا تي ڏيکاري آهي. نه صرف اهو پر ايل ڪي آڏواڻي ۽ نريندر مودي جون سنڌين سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سماج بابت وڊيوز فيسبوڪ تي گهڻو شيئر ٿي رهيون آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري، فڪر، ان وقت جي جاگرافيائي حالتن ۽ ڳالهين کي سمجهڻ لاءِ فيس بوڪ تي هڪ نئون پيج “اسان جو ڀٽائي وڏي ڳالهه آهه” جوڙيو ويو آهي. هن پيج تي ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي جي ڪتاب لطيفي سئر مان تصويرن ۽ ماڳن ذريعي ڄاڻ ڏني پئي وڃي. ڪمپوزنگ ۽ ڊزائن جي ماهر آفتاب حسين کوهاري پاران شاهه لطيف جي بيتن کي خوبصورت ڪمپيوٽر چترڪاري ذريعي سوشل ميڊيا تي پيش ڪيو پيو وڃي جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو آهي.

    سوشل ميڊيا تي هڪ اهم ڳالهه ڪيترن ئي ڏينهن کان زير بحث آهي ته سنڌ ۾ موجود خانگي اسڪولن ۾ سنڌي سکيا يا ته ناهي يا نه هجڻ برابر آهي. ساڳي ڳالهه آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ تقرير ڪندي نامياري سماج سڌارڪ ڊاڪٽر سليمان شيخ به ڪئي آهي. ڊاڪٽر سليمان شيخ جي اها تقرير مايوسين سان ڀريل لڳي رهي هئي، جنهن ۾ هن ذڪر ڪيو ته سندس ڀرسان رهندڙ سنڌين جا ٻار هاڻ گهٽين ۾ هڪٻئي سان سنڌي ڳالهائڻ بدران اردو يا انگريزي جو استعمال پيا ڪن، هن چيو ته ڪراچي کي ته ڇڏيو پر هاڻ ميرپور خاص ۽ هالا جي ڪيترن ئي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ بند ٿي رهي آهي. اهو هڪ اهڙو بحث آهي جيڪو اسان جون ننڊون حرام ڪري ٿو ڇڏي. پوش ۽ مهانگن علائقن ۾ رهندڙ سنڌ جي پيرن، اميرن، بيوروڪريٽس ۽ واپاري طبقي جا ٻار هاڻ سنڌي ٻوليءَ کان پري ٿيندا ٿا وڃن. ان جو ذميوار ڪو ٻيو نه پر اسان پاڻ آهيون جيڪي پنهنجي ٻارن کان پنهنجي مادري ٻوليءَ جو حق کسي رهيا آهيون ۽ يقين ڪريو ته تاريخ اسان کي اهڙي ڪڌي ڪم تي ڪڏهن به معاف ڪونه ڪندي.

    روزانه عوامي آواز 20 مئي 2014ع

    ____
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روزانه عوامي آواز 20 مئي 2014ع


    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جي سائين بلڪل درست
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    پراڻن دوستن: هر ڪنهن مون لڪائي پنهنجا پيج تيار ڪري رکيا آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو