ڊاڪٽر ايوب شيخ سنڌي ٻولي جي باري ۾ گذريل ڪيترن ورهين کان هڪ هلچل هلي رهي آهي ته پاڪستان جي ان سڀ کان قديم ترين ٻوليءَ ”سنڌي“ سميت ملڪ جي اصلوڪين ٻولين کي ”قومي ٻولين“ جو درجو ۽ رتبو ڏيئي ان جي مهانتا ۽ مڃتا جي باري ۾ پاڪستان جي سرڪار پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهو مطالبو اصل ۾ هڪ ڊگهو تاريخي پس منظر رکي ٿو. ان پسمنظر ۾ سنڌي ماڻهن توڙي ملڪ جي پڙهيل ماڻهن جو خيال آهي ته هن ملڪ جي (هاڻي چئن) صوبن جي اصلوڪين ٻولين کي ”قومي“ درجو ڏنو وڃي. ان مطالبي ڪندڙ رڳو سنڌ جا ماڻهو ڪونهن پر عالمي طور اهو گڏيل قومن توڙي دنيا جي هر باشعور انسان پاران اظهاريل ڳالهه آهي ته ”مادري ٻولي“ وسيلي ٻار جي واڌ ويجهه سڀ کان بهتر طريقي سان ڪري سگهجي ٿي. ان ڪري مادري ٻوليءَ جي ترقيءَ جي باري ۾ جيڪا به گهُر ٿي رهي آهي يا ڪئي پئي وڃي اصل ۾ اهو ”انساني حقن“ جو بڻياد آهي، جنهن کان نه عقل لنوائي سگهي ٿو نه سائنس انڪار ڪري سگهي ٿي. پاڪستان ۾ ان انڪار ڪندڙن وٽ ”ساڙ“ کانسواءِ ٻيو ڪوبه وسيلو ڪونهي جنهن کي هو دليل بڻائي ملڪ جي سمورين ٻولين جي ترقيءَ کان انڪار ڪندا آيا آهن. پاڪستان جيڪو پنهنجي وجود وقت پنجن صوبن جو ملڪ هيو، ان جو پنجون يا سڀ کان وڏو حصو ”اوڀر پاڪستان“ هاڻي بنگلاديش بڻجي چڪو آهي، ان بنگلاديش جي بنيادن ۾ پڻ چيو ويو آهي ته ان جي علحدگي جو ٻجُ ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح پاڻ ڇٽيو هيو، جنهن ملڪ جي آزاديءَ کانپوءِ پنهنجي پهرئين ۽ آخري دوري ۾ اوڀر جي گاديءَ واري شهر ڍاڪا ۾ پاليسي بيان ڏنو هيو ته ” اردو ملڪ جي سرڪاري ٻولي هوندي“ قائداعظم ڇا چيو هيو؟ پاڪستان ٺهڻ جي ستين مهيني تي 19 مارچ 1948ع تي ملڪ جي باني، گورنر جنرل، آئين ساز اسيمبلي جي صدر ۽ مسلم ليگ جي صدر قائداعظم محمد علي جناح اوڀر پاڪستان جو نون ڏينهن جو پهريون ۽ آخري دورو ڪيو، هن ڍاڪا، چٽاگانگ ۽ ٻين شهرن ۾ تقريرون ڪيون. 21 مارچ 1948ع تي هن رمنا ريس ڪورس گرائونڊ ( هاڻي سُهروردي گرائونڊ) ۾ هزارين ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو ته : 1. اردو ملڪ جي سرڪاري زبان هوندي 2. جيڪي به اردو جا مخالف آهن سي پاڪستان جا مخالف آهن 3. اردو جا مخالف اندر ويٺل دشمن جا ايجنٽ، ڪميونسٽ ۽ پاڪستان جا ويري آهن. قائداعظم پنهنجي تقرير ۾ خاص طور چيو ته : ” مون کي اها ڳالهه چٽي ڪرڻ ڏيو ته ٻي ڪابه ٻولي نه رڳو اردو پاڪستان جي سرڪاري زبان هوندي. جيڪو به ان باري ۾ اوهان کي گهمراهه ڪندو اهو ملڪ جو ويري ليکيو ويندو. ان سان سختي ڪبي. هڪ سرڪاري ٻوليءَ کانسواءِ دنيا جي ڪوبه ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو آهي“ جناح اها ڳالهه سرڪار تي ڇڏي ته اهي پاڻ فيصلو ڪن ته انتظاميا جي ٻولي ڪهڙي هجڻ گهرجي، تعليمي ادارن ۾ ڪهڙي ٻولي هجڻ گهرجي ۽ عدالتن ۾ ڪهڙي ٻولي هجڻ گهرجي. جناح جي ٻوليءَ بابت ان اعلان عوام ۾ اڻ تڻ پيدا ڪري ڇڏي. 23 مارچ 1948ع تي ”شير بنگال“ اي ڪي فضل حق قائداعظم پاران ”اندر ويٺل دشمن جي ايجنٽن“ ۽ ڪميونسٽن وغيره جهڙن اصطلاحن جي مخالفت ڪئي. هن چيو ته ”جناح جو لهجو نرم نه هيو ۽ سندس اردو کي سرڪاري ٻولي بڻائڻ تي زور ڏيڻ غلط هيو“ ”بينا ڊي ڪوسٽا“ نالي ليکڪ پنهنجي ڪتاب “Nationbuilding, Gender and War Crimes in South Asia” (2011) ۾ لکيو آهي ته ” جناح ڄڻ ته اهو چيو ته جيڪو به اردو جو حامي نه هوندو،اهو ملڪ سان وفادار نه هوندو“ جڏهن ته هڪ ٻئي ليکڪ ”ڪرسٽوفر جيفريلوٽ“ پنهنجي ڪتاب A history of Pakistan and Its Origin ( 2002) ۾ لکيو ” ان اعلان سان جناح جو سياسي قدبت گهٽجي ويو. هن کي غلط مشورو ڏنو ويو هيو. ان مان سندس ذهين هئڻ واري تاثر کي پڻ ڌڪ لڳو“ 24 مارچ تي جناح شاگردن جي مختلف وفدن سان مليو. انهن سان بحث ۾ منجهي پيو. هڪ موقعي تي هو شاگردن کان اهو سوال ڪري ويٺو ته ”اوهان بنگلا ٻولي جون ڳالهيون پيا ڪريو، اوهان ڪو وڏو ماڻهو پيدا ڪيو آهي“ تنهن تي شاگردن کيس ٻڌايو ته نوبل انعام ماڻيندڙ رابندر ناٿ ٽئگور، نذرل الاسلام ۽ بيا هن زمين پيدا ڪيا آهن. قائداعظم جي ان سوال تي شاگردن ۾ سندس ”ڄاڻ“ گهٽ هئڻ تي نه رڳو ڏک ٿيو پر ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن علي احد ۽ عبدالرحمان چوڌري کيس ٻڌايو ته ”هن کي بنگالين جي باري ۾ ڄاڻ بنهه گهٽ آهي“ قائداعظم 28 مارچ تي پنهنجو دورو پورو ڪري ڪراچي پهتو. هن کي سندس اعلان تي جيڪا مزاحمت ملي هئي تنهن کليس پريشان ڪيو هيو. پر هو پنهنجي اعلانيل ڳالهه کان هڪ قدم پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه هيو. هڪ ٻئي ليکڪ ” ڪريگ بئڪسٽر“ پنهنجي ڪتاب Bangladesh/ Government and Politics in South Asia ۾ لکيو آهي ته ” پاڪستان جو ٻه اڌ ٿيڻ اصل ۾ ان ناٽڪ جو آخري ايڪٽ هيو جنهن ۾ خاص ڪردار 1948ع ۾ قائداعظم ادا ڪيو هيو“ سنڌي ٻولي جي ڪهاڻي جا ڪي اهم حصا : سنڌي دنيا توڙي پاڪستان جي قديم ترين ٻولين مان هڪ آهي. ان ٻولي ۾ قران پاڪ جو ترجمو 822ع ڌاري ڪيو ويو. ادب توڙي لکت ۾ سنڌي ملڪ جي اڪيلي اصلوڪي ٻولي آهي جيڪا سرڪاري پناهه بدران عوامي مدد سان اڳتي وڌي آهي. تيار ڪيو. سنڌي ٻولي جيڪا سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن توڙي سياستدانن جي مدد سان پنهنجو سفر جاري رکيو. شهرن ۾ موجود سنڌي هندن جيڪي پڙهڻ م اڳڀرا هيا تن 19هين صديءَ ۾ هر ضلعي ۾ اسڪول کولرايا جنهن ۾ ”سنڌي“ خاص طور پڙهائي ويندي هئي، جڏهن ته ”فارسي“ ۽ ”عربي“ اهي شاگرد پڙهي سگهندا هيا جيڪي في ڀري سگهندا هيا. ان پاليسي وسيلي 19هين صديءَ ۾ سنڌي ادب ۽ صحافت کي بيپناهه ترقي ملي ۽ اها ان صديءَ ۾ مسلسل جاري رهي. ملڪ جو نامور ٻولي ماهر ڊاڪٽر طارق رحمان پنهنجي تحقيقي آرٽيڪل Language, Politics and Power in Pakistan:The Case of Sindh (ٻولي، سياست ۽ پاڪستاني اقتدار ۽ سنڌ جو مقدمو) ۾ لکي ٿو ته هندستان ۾ هندي ۽ اردو ۾ ڇڪتاڻ چالو هئي. اردو مسلمانن جي ٻولي ليکجڻ لڳي. هندي غيرمسلمانن جي ٻولي طور سامهون آندي وئي. سنڌ ۾ وڏيرڪا ٻار نه پڙهڻ جي ڪري ٻولي جي مالڪي جي سموري مامري کان پري هيا. 1913ع ۾ ”بمبئي پرڳڻي“ پاران ٻولي ڪميشن ٺاهي وئي. ان ۾ هڪ به سنڌي مسلمان ميمبر ڪونه هيو. انهن فيصلو ڪيو ته پڙهڻ جو طريقو اردو ۾ رائج ڪجي. ان ڪميشن ۾ هڪ ميمبر شمس الدين قادري مخالفت ۾ نوٽ لکيو. باقي چئن ميمبرن مان هڪ به سنڌي ڪونه هيو. جون 1913ع ۾ ڪميٽي بمبئي پرڳڻي ( سنڌ سميت) سمورن ضلعن کي تعليم اردو ۾ ڏيڻ ۽ ڪتاب ڇپائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. سنڌ ۾ تعليم جي ڊائريڪٽر W H Sharpبمبئي اختيارين کي لکيو ته ” اهو فيصلو نه رڳو درست ناهي پر ان جا نتيجا به بهتر نه نڪرندا“ جيئن جيئن ضلعن ۾ اردو پڙهائڻ جي رپورٽ پهچندي وئي ته ان جي مخالفت پڻ شروع ٿي . خيرپور رياست جي وزير محمد ابراهيم شيخ پنهنجي خط ۾ لکيو ته ” سنڌ جي مسلمانن ۾ اردو پڙهائڻ نه رڳو غيرضروري آهي پر ان جا نتيجا پڻ اگرا نڪرندا“ هن وڌيڪ لکيو ته ” سنڌ ۾ رهندڙ مسلمانن توڙي هندن جي مادري ٻولي سنڌي آهي، جنهن ۾ هو پڙهن ٿا. عدالتن جي ٻولي به سنڌي آهي. پر جي اردو کي لازمي طور نافذ ڪيو ويو ته هتان جا ٻارڙا تعليم ۾ پوئتي رهجي ويندا، انهن کي ٻن غيرمادري ٻولين پڙهڻ جي تڪليف سهڻي پوندي ۽ نتيجي ۾ تعليم گهٽجندي ويندي“ ( حوالو: سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر ڏانهن شيخ ابراهيم اسماعيل جو لکيل 14 مئي 1915ع تي لکيل خط) 11 فبروري 1915ع تي نوابشاهه جي ڪليڪٽر خانبهادر الهندو شاهه پاران سنڌ جي ڪمشنر ڏانهن ساڳي قسم جو خط لکي پنهنجي بيزاري ظا هر ڪئي. انهن خطن جي روشني ۾ سنڌ جي ڪمشنر بمبئي پريزيڊنسي ڏانهن پنهنجي راءِ ۾ لکيو ته ” هڪ ڳالهه تي سمورا ماڻهو سهمت آهن ، انهن ۾ آفيسر به آهن ته ٻيا پڻ، ته اردو پڙهائڻ جي ڪابه گهرج ڪونهي. جيئن ته سرڪار ان امر کان چڱيءَ پر واقف آهي ته بنا ڪنهن شڪ جي هتان جي مسلمانن توڙي ٻين جي ٻولي سنڌي آهي، جنهن ۾ هو پڙهن ٿا، پر جي سنڌين مٿان اردو مڙهي وئي ته ان سان خرابيون وڌنڌيون“ هن راءِ ڏني ته گذريل ڪميٽي وانگر هڪ ٻي ڪميٽي ٺاهي وڇي جيڪا مسلمانن جي تعليم جي باري ۾ غور ڪري ( سنڌ جي ڪمشنر جو بمبئي صدارت ڏانهن موڪليل يادداشتنامون تاريخ 26 مئي 1915ع نمبر اي 229) ڪمشنر جي سفارش تي 1915ع ۾ ڪميٽي ٺاهي وئي، جنهن هڪ سال کانپوءِ رپورٽ ڏني ته مسلمانن ۾ عربي ۽ فارسي پڙهائڻ جي همت افزائي ڪئي وڃي پر اردو واري ڳالهه تي گهڻو بحث ختم ڪرڻ گهرجي. اهڙي طرح سنڌيءَ کي ٻيهر موقعو مليو ۽ اها سنڌ ۾ مرڪزي ٻولي طور پڙهائجڻ لڳي. 1930ع جي آخري اڌ ۾ سنڌ بمبئي کان آزاد ٿي ته سنڌي ٻولي اهم ترين ٻولي هئي. ان آزادي کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي قائم ڪئي وئي پر ان جي پڙهائڻ جي ٻولي سنڌي نه رکي وئي. ڊاڪٽر گربخشاڻي ان روئي تي پنهنجي تبصري ۾ لکيو ته ” سنڌ قديم صوبو آهي، شايد انڊيا ۾ سڀ کان اوائلي صوبو آهي. ان جي تاريخ آهي، ريتون رسمون ۽ ثقافت آهي. ان جي مٽي ۽ پٿر ماضيءَ جي زمينن ٺهڻ جو ڏس ڏين ٿا. ان جا ماڻهو ۽ انهن جي ٻولي جي پنهنجي سڃاڻپ آهي. ڪڏهن به عربي، فارسي توڙي سنڌي جي باري ۾ کوجنا نه ڪئي وئي آهي نه ئي ان جي اهميت بابت ڄاتو وي آهي“ پاڪستان ٺهڻ مهل سنڌي طاقتوار ٻولي هئي. ان جو قد ڪاٺ زبردست هيو. ان وسيلي سنڌ ۾ مختلف ڏاڪن تي تعليم حاصل ڪئي ويندي هئي. ان کي مشهور ڪرڻ ۾ هيٺين سطح جي انتظاميا، عدالتي سسٽم ۽ صحافت شامل هيون. پر هندستان مان آيل اردو ڳالهائيندڙن پاران ڏاڪي به ڏاڪي شهرن ۾ گهڻو تڻو رهائش اختيار ڪئي ۽ سنڌي کي پڻ پڙهڻ جي ميدان مان ڪڍيو ويو. پاڪستان ۾ هڪ به ڏاڪي تي سرڪاري طور سنڌيءَ جي بچاءَ لاءِ ڪي به ڪوششون نه ڪيون ويون آهن ۽ نه ئي هندستان مان آيل اباديءَ پاران سنڌي ٻولي خلاف کنيل قدمن کي روڪڻ جي ڪا پاليسي ٺاهي وئي. سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي مان حيدرآباد لڏائڻ جو هڪ سبب پڻ اهي پاليسيون هيون. ڊاڪٽر فيروز احمد لکي ٿو ته ” سنڌ يونيورسٽي کي لڏائي ڪراچي يونيورسٽي ٺاهڻ جو جواز پيدا ڪيو ويو ۽ ان ۾ هاڻي رڳو هڪ سنڌي شعبو رکيو ويو. ڄڻ ته ڪراچي يونيورسٽي رڳو اردو ڳالهائن وارن لاءِ ٺاهي وئي“ ٻيو ته ”ڪراچي“ وفاق جي گادي جو شهر هيو. ان جي يونيورسٽي جو نالو ”ڪراچي“ رکي ”سنڌ“ کان پري ڏيکاريو ويو. 1954ع ۾ ”ون يونٽ“ لاڳو ڪيو ويو. ان زماني ۾ سنڌ جي وزيراعظم خانبهادر محمد ايوب کهڙي پنهنجي تقرير ۾ چيو هيو ته ” اسان کي اميد آهي ته سنڌ جي ڪلچر ۽ سنڌي ٻولي جي بچاءَ لاءِ خاص قدم کنيا ويندا“ 1957ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي شاگردن کان سنڌي ۾ امتحاڻ وٺڻ تي بندش وجهي ڇڏي. ان تي سڄي سنڌ احتجاج ڪيو،. مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي سخت احتجاج ڪندي چيو هيو ته ” هو چون ٿا ته ڪراچي ۾ نه اچو، سنڌي آهيو ته ”سنڌ“ ڏانهن وڃو“ ايوبي آمريت، ون يونٽ ۽ پهرين جمهوري سرڪار ۾ سنڌي ٻولي تي چڙهاين جي ڪري، هڪ ڳالهه عام رهي آهي ته سرڪار پاران ڪڏهن به سنڌي ٻولي جي ترقيءَ جي همت افزائي نه ڪئي وئي آهي. ڄام صادق علي ۽ محترما بينطير ڀٽو جي دور ۾ سنڌي ٻولي لاءِ جيڪي به ادارا ٺاهيا ويا آهن، انهن نتيجي ۾ ٻوليءَ کي بچائڻ ۾ ڪنهن وڏي ڪردار ادا ڪرڻ بدران رسمي ڇپاين کان اڳيان ڪجهه به ڪري نه ڏيکاريو آهي. سنڌي ڪمپيوٽر، سنڌي پريس جي ترقي، اشاعتي ادارن جي ٺهڻ، ترقي ڪرڻ، ٽي وي چينلن جي کلڻ، ڪمپيوٽر تي اخبارن جي ڇپجڻ توڙي انٽرنيٽ تي سڄي دنيا ۾ سنڌي ٻولي پهچڻ جهڙا بيمثال ڪارناما سنڌي ٻولي جي نصيب ۾ پئجي ويا. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ غنده گردي جو پندرنهن ورهيه خطرناڪ دور چالو رهيو، جنهن علم، سياست ۽ سنڌي شاگردن جي گڏيل ٻڌيءَ کي نقصان پهچايو. سنڌ جي سرڪاري تعليمي ادارن کي اڏوهي ۽ نااهلي کائي وئي. سرڪار ۽ استاد اسڪولن کي ويران ڪرڻ ۾ لڳي ويا. گذريل 35 ورهين جي مسلسل ڪوششن سان جنرل ضيا الحق پاران سنڌين جي هڪ اڻپڙهيل نسل پيدا ڪرڻ ۾ کين ڪاميابي حاصل ته ٿي آهي، پر سنڌ ۾ هڪ نئين قسم جو نوجوان پڻ پيدا ٿيڻ لڳو آهي. سنڌي ٻولي ايوبي آمريت ۽ تعصب جا سمورا وار سهندي سهندي اڄ هڪ اهڙي موڙي تي پهتي آهي جتي ان جي مالڪي وارثي سنڌي عوام ئي ڪري سگهي ٿو. ان مالڪيءَ لاءِ سنڌ جي دانشورن، استادن، شاعرن، اديبن، شاگردن، عورتن ۽ مردن کي اڳيان اچڻو پوندو. سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ ان جي وجود جي بقا لاءِ ايمانداري سان محنت ڪرڻي پوندي. اوهان مٿين ڪهاڻي ۾ ڏٺو ته رڳو خيرپور جو محمد ابراهيم، نوشهري جو سيد الهندو شاهه، انگريز ڪمشنر جيڪڏهن مالڪي ڪرڻ تي آيا ته گهٽ وسيلن واري جهان ۾ به سنڌي کي پار ڪري بچائي آيا. سنڌ اڄ ته ماڊرن زمانن ۾ سڄي دنيا سان ڳنڍيل آهي. رڳو اهليت، ايمانداري ۽ مسلسل محنت سان ئي وارثي ٿي سگهي ٿي. جديد زمانن ۾ دليل وري نعرن جي جاءِ والاري رهيا آهن.