• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تاريخ جي ايف آءِ آر

منصور سرور

سينيئر رڪن
اياز هوشو، مورو
سنڌ جي ويجهي ماضي تاريخ ۾ ڪيترا ماڻهو مرندا ۽ قتل ٿيندا رهيا آهن جن جي هن ملڪ جي قانون مطابق ايف آءِ آر داخل ٿينديون رهيون ۽ ختم ٿينديون رهيون آهن پر ڪجھ ڌرتي ڌڻين جا قتل صرف تاريخ ۾ ايف آءِ آر ٿيا. اسان کي هن ملڪ جي ايف آءِ آر مان جيڪا اميد آهي، اها سڀن جي سامهون آهي، جن ماڻهن جي ايف آءِ آر ٿي انهن جي قتل جا پيرا ئي نه کنيا ويا ته ڪاڏي ٿا وڃن پر ڪجھ ڪيس ته ايف آءِ آر ئي نه ٿيا سنڌ سان جيڪي نا انصافيون گذريل 65 يا 70 سالن کان ٿينديون پيون اچن اهي سڀ ڪجھ تاريخ ۾ درج ٿي چڪيون آهن جن جو انصاف به تاريخ ڪندي پر جيڪي نا انصافيون سنڌ سان گڏ سنڌ جي رهاڪن سان ٿيون انهن مان ڪجھ هن ملڪ جي ٿاڻن تي به ايف آءِ آر ٿيل آهن جن ۾ ڀورو ڀيل جي تذليل هجي يا سنڌي هندو عورتن جي اغوا ۽ زوري مذهب تبديل ڪري شادي ڪرائڻ هجي جن جون ايف آءِ آر ته داخل ٿيل آهن پر انهي جي پيروي صحيح نموني سان نه ٿي جو انهي کي انصاف نه ملي سگهيو، سنڌ ۾ ٿيندڙ رياستي قتل جي ته ايف آءِ ار ئي داخل نه ٿي ڪئي وڃي سنڌ ۾ قتل ٿيندڙ قومي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جو قتل ڪنهن کان ڳجهو آهي. شهيد سميع الله ڪلهوڙو کان وٺي شهيد سرائي قربان کهاوڙ ، روپلو چولياڻي ۽ نورالله تنيوکي ته ماري ساڙيو ويو، شهيد مظفر ڀٽو جو چچريل لاش مليو، شهيد افضل پنهور جو ڪوڙو اينڪائونٽر هجي يا شهيد صاحب خان گهوٽو، عامر کهاوڙ، سجاد مرکنڊ، ضامن شاھ، صوبل ڏهر هجن يا اهڙا کوڙ سارا قومي ڪارڪن جن جي ته وارثن ايف آءِ آر داخل ئي نه ڪرائي ڇو جو اهي سمجهن پيا ته انهي ايف آءِ آر سان اسان کي ورڻو ئي ڪجھ نه آهي پر تاريخ ۾ انهي جي ايف آءِ آر درج ٿي چڪي آهي، هن رياست جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻڻ رهبرن جا به قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا ته هنن غريب قومي ڪارڪنن کي هن رياست مان ڇا انصاف ملندو. هن رياست مان جند آجي ڪرائڻ لاءِ ڪو شان رهندڙ هر دل عزيز سنڌ جي دل رکندڙ بشير خان قريشي کي رات جي لٽيرن جيئن منصوري موت ڏنو ته ان جو ڪيس ته وارثن داخل ڪرائڻ پئي چاهيو جن جو جڏهن وارث ۽ فريادي مقصود قريشي ۽ جسقم قيادت جڏهن سڪرنڊ ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ پهتا ته ڪلاڪن جو انتظار ڪرائڻ کان پوءِ به ايف آءِ آر نه ورتي جنهن لاءِ مختلف قسمن جا احتجاج، ڌرڻا ۽ پريس ڪانفرنسون به ٿيون پر ايف آءِ آر داخل نه ٿي جنهن کانپوءِ سيشن ڪورٽ ۽ پوءِ اعليٰ عدالتن تائين به درخواستون داخل ڪيون ويون پر ايف آءِ آر داخل نه ٿي سگهي پر اها ايف آءِ آر به تاريخ ۾ درج ٿي چڪي آهي، بلڪه سنڌي قوم جي دلين ۾ به درج ٿي وئي. وري جڏهن رياست کان شهيد بشير خان قريشي جو پلاند وٺڻ ۽ سنڌ جي حقن جي آواز اٿارڻ لاءِ جسقم قيادت 23 مارچ 2014ع فريڊم مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته وري اهي رات جا لٽيرا سرگرم ٿيڻ شروع ٿيا انهن وري ڪنهن کي قتل ڪرڻ ۽ سنڌي قوم کي هڪ ٻيو تحفو ڏيڻ جا سانڀاھ شروع ڪيا ته هنن جي نظر ۾ بشير خان قريشي جو ڀاءُ ۽ سندس ڪيس جو فريادي شهيد مقصود قريشي آيو، جيڪو 21 مارچ تي 23 مارچ 2014ع آزادي مارچ جا پمفليٽ ۽ هينڊ بل سنڌ جي هر شهر هر ڳوٺ ۾ پئي ورهايا اهي جڏهن دادو ضلعي جي ميهڙ شهر ۾ پنهنجي پارٽي اڳواڻڻ سان ملاقاتون ڪري دادو وڃي رهيا هئا ته رات جي لٽيرن هنن کي اتان اغوا ڪري قتل ڪري کڻي وڃي ڀريا روڊ لنڪ روڊ تي ڪار کي باھ ڏئي ڇڏي جنهن ۾ شهيد مقصود خان قريشي ۽ 18 سالن جو نوجوان شاگرد شهيد سلمان وڌو جيڪو سنڌ جي نوجوانن لاءِ مثال هو شهيد ٿي ويا ڪنهن شاعر جي چوڻي ته:

ڪاٺ ٿيا تبديل ڪوئلي ۾ هئا،

هو سڙيا سنڌ جي سلسلي ۾ هئا.

وانگر اسان لاش نه کنيا پر هڏن ۽ ڪوئلن جون ڪجھ ڳٺڙيون کنيون.

جڏهن ڪوئلو ٿيل شهيد مقصود قريشي ۽ شهيد سلمان وڌو جي رياستي قتل جي ايف آءِ آر ڪٽرائڻ لاءِ وارث ۽ فريادي زوهيب خان قريشي ۽ جسقم قيادت ڀريا ٿاڻي تي پهتا ته 4 کان 5 ڪلاڪن جي ڊگهي بحث کان پوءِ به ايف آءِ آر نه ورتي وئي جنهن کان پوءِ احتجاج ٿيو ۽ وري سيشن ڪورٽ نوشهرو فيروز ۾ درخواست ڏني وئي جنهن ۾ جج حڪم ڏنو ته وارثن جي مرضي موجب ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي پر جج جي حڪم کي به ٿڏيو ويو. ياد رهي ته جج جو حڪم هڪ نه پر ٻه دفعا ٿڏيو ويو پر ايف آءِ آر داخل نه ٿي، الٽو ايس ايڇ او چوندو رهيو ته مون وٽ وارث ايف آءِ آر درج ڪرائڻ لاءِ نه پهتا آهن.

نيٺ 14 مئي جي رات جو ڀريا روڊ ٿاڻي تي هڪ اي ايس آء جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ٿي، جيڪا نامعلوم مقتول ۽ نامعلوم قاتلن تي ڪئي وئي هئي، اسان اهو چوڻ جي بلڪل حق بجانب آهيون ته هن رياست ۾ اسان سنڌي هڪ محڪوم قوم آهيون جنهن جي لاءِ اسان کي ماريو پيو وڃي ۽ داد فرياد به نه پئي ٻڌي وڃي، ڪورٽ جي آرڊر تي ايس ايڇ او ايف آءِ آر نه ٿو داخل ڪري! پر اهو ايس ايڇ او نه پر پويان ڪا ٻي وڏي طاقت آهي، اها طاقت اهي رات جا لٽيرا ۽ رياستي ادارا آهن.

پر دوستو اها ايف آءِ آر به تاريخ ۾ درج ٿي وئي تاريخ ڪڏهن به نه وساريندي هنن ايف آءِ آرز سان نيٺ انصاف ٿيڻو آ، نيٺ ته صبح ٿيڻو آهي.
 
Back
Top