ڪري ڪير ٿو هِي پکن مان پُڪارون،نه منهنجو ملير آ، نه ڪي منهنجا مارون! رهي گونجندي ڪوُڪ ڪائي فضا ۾ اُڏامي ويون ڪُونجڙين جون قطارون وِرَهه تنهنجي وستي ورهيه ٿيا وساڻي کڻي چڻنگ چوليءَ هليو ڪير پارون؟ وڃون ٿا پيا سِير جي اڄ سهاري نه تُرهو ئي تاڻيو، نه ڪي آهيون تارون ”اياز“ اُن سبب مَي پرستي ڇڏيندو؟ ميان، تون به ڪنهن کي ڏئين ٿو ميارون!