پکن مان پُڪارون

'شيخ اياز' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ڪري ڪير ٿو هِي پکن مان پُڪارون،
    نه منهنجو ملير آ، نه ڪي منهنجا مارون!

    رهي گونجندي ڪوُڪ ڪائي فضا ۾
    اُڏامي ويون ڪُونجڙين جون قطارون

    وِرَهه تنهنجي وستي ورهيه ٿيا وساڻي
    کڻي چڻنگ چوليءَ هليو ڪير پارون؟

    وڃون ٿا پيا سِير جي اڄ سهاري
    نه تُرهو ئي تاڻيو، نه ڪي آهيون تارون

    ”اياز“ اُن سبب مَي پرستي ڇڏيندو؟
    ميان، تون به ڪنهن کي ڏئين ٿو ميارون!​

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو