سکر جو آڳاٽو درسگاهه سينٽ ميري

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,243
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    • الطاف شيخ
    سکر جو آڳاٽو درسگاهه سينٽ ميري.....
    هي منهنجو ڪو پهريون دفعو سکر اچڻ نه ٿيو هو. ڪلاس ٻي يا ٽي ۾ هوس ته انهن ڏينهن ۾ منهنجو والد گل محمد شيخ سکر ۾ مختيارڪار هو ۽ اسان گهر جا ڀاتي اونهاري جي موڪلن ۾ هالا کان سکر اچي رهيا هئاسين. ايترو ياد اٿم ته اسانجو گهر ٻي ماڙ تي هو جنهن جي درين مان درياهه نظر آيو ٿي. فلم ڏسڻ لاءِ سرڪاري ڪامورن ۽ خاص ماڻهن لاءِ سئنيمائن ۾ الڳ بندوبست هوندو هو جنهن کي باڪس سڏبو هو. روهڙي جي سوڙهين گهٽين مان ٿي هڪ درگاهه يا مسجد ۾ حضور صلعم جن جو وارُ مُبارڪ ڏسڻ ويا هئاسين. اهو سال 1951ع يا 1952ع هوندو. ان بعد مئٽرڪ ۽ انٽر جي 1962ع وارن ڏينهن وارو سکر ٿو ياد اچيم جڏهن پنهنجي ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻي جي گهر خيرپور اچي رهندو هوس ۽ هڪ دفعو هن سان گڏ سکر اعجاز عباسي (ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ڀاءُ) جي گهر آيا هئاسين ۽ هڪ ڏينهن سندن ٽيون ڀاءُ الطاف عباسي ۽ رشيد ڀَٽي اسان کي روهڙي ۽ اروڙ گهمائڻ وٺي هليا هئا. اهو سکر ۽ روهڙي ڏسڻ جو هڪ دفعو وري ڏاڍو شوق ٿيو..... خاص ڪري جهاز هلائڻ دوران جڏهن هڪ جهاز تي منهنجو چيف انجنيئر هڪ بوهري هو جنهن جو ننڍپڻ سکر ۾ گذريو هو. هو هر بندرگاهه ۾ چاهي سنگاپور جي ڪنهن پارڪ جي ڳالهه ڪجي يا هانگ ڪانگ جي ڪنهن ٻيٽاري جي، شنگهائي جي شهر مان وهندڙ درياهه جي ڳالهه ڪجي يا بئنڪاڪ مان لنگهندڙ درياهه مٿان اڏيل پُل جي..... هن کي هر وقت سکر ۽ روهڙي ياد آيو ٿي..... سکر ۾ به بلڪل اهڙو پارڪ آهي، سکر جي بکر ٻيٽ جي بيهڪ به بلڪل اهڙي آهي، ان کان خوبصورت پل ته لئنسڊائون پل آهي جيڪا سکر ۽ روهڙي کي ڳنڍي ٿي..... سندس اهي ڳالهيون ٻڌي آئون ٽوئرزم جي خيالَ کان سکر ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيندو رهيس. وچ ۾ منهنجي ٻن دوستن: انڪم ٽئڪس ڪمشنر اقبال جماڻي ۽ ڊي آءِ جي پوليس راهو خان بروهيءَ جي سکر ۾ بدلي ٿي ۽ هنن مونکي سکر هنن وٽ رهڻ لاءِ ڏاڍو چيو پر شايد داڻو پاڻي لکيل نه هو. مونکي موڪل نه ملي سگهي جو پاڪستان اچي سکر ۽ روهڙي ڏسي سگهان.
    هينئر جڏهن ستر سالن جي ويجھو اچي ٿيو آهيان ته سکر ڏسڻ جو موقعو مليو آهي. خيرپور جي اديب، تعليمدان، رسالي جي ايڊيٽر ۽ پبلشر قربان منگيءَ منهنجو نئون ڪِتاب ڇپڻ لاءِ گهريو. ڊڄي ڊڄي ڏنو مانس ته خبر ناهي ڪيئن ڇپيندو. جڏهن ڇپيائين ته منهنجن 70 کن ڪِتابن ۾ اهو دي بيسٽ ثابت ٿيو...... ڇپائي، رنگين تصويرن، ٽائٽل ڪور، اندرين پني هر شيءِ کان. چيومانس توکي ته اوارڊ ڏيڻ کپي. چيائين ”اوارڊ نه پر ڪِتاب جي رونمائيءَ تي توهان خيرپور اچو.“
    ”يار ماري ڇڏيئه! آئون ڪِتابن جي رونمائي ۽ جنم ڏينهن ۾ دلچسپي نه رکندو آهيان. پر تنهنجي ڳالهه مڃيندس.“
    ۽ هاڻ منهنجي ان ڪِتاب ”مونکي موهيو ملائيشيا“ جي رونمائي لاءِ خيرپور جو پروگرام ٺاهيم. پر ڪٿي رهجي؟ خيرپور جي ڪنهن پراڻي دوست فئملي: جماڻي، لاڙڪ، کرل، قاضي، عباسي، شيخن وٽ..... ادل سومري يا ايازگل جهڙي ڪنهن اديب دوست کي تڪليف ڏجي جن وٽ سکر رهجي جِتان پوءِ خيرپور وڃجي..... آئون هر وقت اهو ئي سوچيندو رهيس.
    انهيءَ دوران منهنجي سکر جي منظور شيخ سان ڪراچيءَ ۾ سائين خورشيد شاهه جي ڌيءَ جي شادي ۾ ملاقات ٿي. منظور مون کان گهڻو گهڻو ننڍو آهي ۽ واپڊا جي پلاننگ ڊپارٽمينٽ ۾ مئنيجر آهي. پاڻ مئٽرڪ پير جي ڳوٺ مان ۽ انٽر خيرپور ميرس جي سپريئر سائنس ڪاليج مان 1976ع ۾ ڪيائين ان بعد NED مان اليڪٽريڪل ۾ B.E ڪيائين. هن جو سکر ۾ وڏو عرصو گذريو آهي. بيحد Soft Spoken ۽ يار ويس ماڻهو آهي. هن مونکي سکر گهمڻ لاءِ چيو ته مون کيس ڪنهن گيسٽ هائوس ۾ رهائش جي بندوبست لاءِ پڇيو جِتي آئون آزادي سان رهي سگهان.... جي دل چويم ته گهمڻ لاءِ نڪران نه ته سڄو ڏينهن ويٺو لکان پڙهان. مون اهوئي چاهيو ٿي ته کيس ماني ٽڪي جي تڪليف هرگز نه ڏيان پر بهرحال اسان جي مشرقي ڪلچر ۾ اهو ناممڪن ٿيو پوي. منظور کي هر وقت منهنجي مانيءَ جو فڪر رهيو ٿي ۽ جِتي موقعو مليس ٿي هن گهٽايو نٿي. ساڳي وقت گهمائڻ ڦيرائڻ ۾ به هن پاڻ يا پنهنجي پٽ منصور کي موڪليو ٿي. جيتوڻيڪ ايازگل به مون سان گڏ رهيو پر ڪي ڪي هنڌ خاص ڪري ساڌ ٻيلو، ستين جو آستان، بئراج ميوزيم وغيره اهڙو چڱي طرح نه ڏسي سگهان ها جيڪڏهن منظور صاحب جو هٿ نه هجي ها ته..... خاص ڪري سندس فرزند منصور ڪافي همت وارو نوجوان آهي جيڪو نه فقط ڊرائيونگ ڪندو رهيو پر فوٽو به واهه جا ڪڍيائين ٿي. منصور پڻ واپڊا کاتي ۾ آهي. پاڻ مئٽرڪ سکر جي سينٽ ميري اسڪول مان ڪيائين. انٽر پبلڪ اسڪول سکر مان ۽ بي. ڪام خيرپور جي شاهه لطيف يونيورسٽي مان ڪيائين. سندس برٿ ڊيٽ 3 مارچ 1988ع آهي. منصور جي اسڪول ”سينٽ ميري“ جي ڳالهه نڪتي آهي ته ان تي ٻه اکر لکڻ ضروري سمجھان ٿو متان اڳتي هلي ان تي لکڻ وسري وڃي. انگريزن جي ٺهرايل هن اسڪول جي اڃان تائين وڏي ساکَ آهي ۽ افسوس جو اسان آزادي حاصل ڪرڻ بعد ۽ اڄ جي دور ۾ تعليم جي اهميت سمجھڻ جي باوجود تعليم کي ايترو به وڌائي ويجھائي نه سگهيا آهيون جيترو انگريزن اڄ کان ڏيڍ صدي اڳ ان بابت سوچيو ۽ ڪري ڏيکاريو.
    سينٽ ميري هاءِ اسڪول انگريز حڪومت جي ڏينهن جو پهريون اسڪول آهي جيڪو انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ بعد سکر ۾ ٺهرايو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انگريزن سنڌ 1843ع ۾ فتح ڪئي .... ان کان اڳ هو سؤ سال کن سنڌ جي ڀر وارن علائقن راجستان، گجرات، يوپي، مهاراشٽرا، وغيره ۾ موجود هئا پر سنڌ جي حاڪمن ميرن کي اهو ڪڏهن به خيال نه آيو ته ان قسم جا اسڪول، شفا گهر، ريلوي وغيره جو بندوبست سنڌ ۾ به کڻي ڪجي جنهن سان عوام کي فائدو ٿيندو. ائين ته ٿائلنڊ (سيام) ۾ ته ڪڏهن به انگريزن يا يورپين جو راڄ نه رهيو پر تنهن هوندي به اتي جي راجائن انگريزن جي انهن ادارن کي بهتر سمجھي عوام جي فائدي لاءِ پنهنجي ملڪ ۾ کوليا جيڪي اڄ ڏينهن تائين هلندا اچن ۽ اڄ به اسان جي ملڪ جا انجنيئر پوسٽ گرئجوئيشن لاءِ بئنڪاڪ وڃن ٿا. ڀوپال رياست ۾ نواب مردن بدران سؤ سال کن نواب بيگمن جي حڪومت رهي. عورتون ٿي ڪري هنن پنهنجي رياست جي ماڻهن جي سک لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو..... مٺي پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ ڍنڍون، اسپتالن ۽ اسڪولن کان علاوه ريل جو نظام قائم ڪيائون جيڪو انگريزن انڊيا جي ڀر وارن شهرن بمبئي، مدراس، ڪلڪتي وغيره ۾ ڪيو هو. ۽ اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته تعليم جي معاملي ۾ سنڌ جي هندن وري به گهڻي دلچسپي ورتي ۽ نه فقط تعليم حاصل ڪئي پر تعليمي ادارا به کوليا. انڊيا جي ورهاڱي بعد هنن هندستان وڃي اتي به اسڪول ۽ ڪاليج کوليا جن ۾ نه فقط هنن جي ٻارن پر مڪاني مرهٺن، گجراتين، راجستانين ۽ تاملن جي ٻارن به تعليم ورتي ۽ اڄ ڏينهن تائين وٺندا اچن پر اسان وٽ 67 سال ٿي ويا آهن ڪنهن سنڌي مسلمان وڏيري، پير، مير، سيد، سياستدان، وزير ڪو ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج يا يونيورسٽي نه کولي آهي. بقائي، آغا خان، سر سيد، همدرد، NED جهڙيون پرائيويٽ يونيورسٽيون ڪهڙي سنڌي وڏيري جون آهن؟!
    ڪيترن پٺتي پيل ملڪن کي هاڻ سڌريل ڏسي ۽ پنهنجي سنڌُ سان ڀيٽي ڏک ٿو ٿئي ته سنڌ اهو صوبو آهي جنهن ۾ مڪاني ماڻهن يعني سنڌين جي حڪومت رهندي به هنن پنهنجي صوبي جي هلندڙ اسڪولن ۽ اسپتالن جو ئي خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي. ڪيڏي اچرج جي ڳالهه آهي ته هڪ هنڌ يعني انڊيا ۾ ’سنڌي‘ علم، تعليم پکيڙڻ، اسپتالون ۽ پارڪ ٺاهڻ جي علامت آهن ته ٻئي طرف سنڌ ۾ ’سنڌي‘ تعليم جا دشمن، نشي جا شوقين، ڌاڙن ۽ اغوائن کان مشهور آهن. هڪ ڪلياڻ يا الهاس نگر سنڌين جو علائقو آهي جنهن جي سونهن، امن امان، بنيادي سهولتن ۽ هاءِ ڪلاس هائجنڪ حالتن ڪري دنيا جا ماڻهو اتي رهڻ ۾ خوش نصيبي سمجھن ٿا ۽ هڪ اسان جي سنڌين جو علائقو قاسم آباد آهي! جيڪو گند، چورين، نشي پتي ۽ ڀتي خوري کان مشهور ٿيندو وڃي.
    سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت ٿيڻ سان هنن اسڪولن، اسپتالن، ريلوي، امن امان ۽ انصاف تي زور ڏنو. ڪراچي کان سکر ريلوي پهچڻ تي هنن روهڙي ۽ سکر کي ڳنڍڻ لاءِ پل جو بندوبست ڪيو جيئن سامان ٻيڙين رستي ڍوئڻ بدران ريل کي ڪتب آندو وڃي. انهن ئي ڏينهن ۾ هنن ملائيشيا، سنگاپور توڙي آفريڪا ۾ ڪينيا ۽ يوگنڊا ۾ به ريل جو بندوبست شروع ڪيو جنهن ڪم لاءِ هنن پنجاب جي سکن، هندن ۽ ڏکڻ هندستان جي تاملن، گوائن ۽ مدراسين کي لڳايو.
    سکر جي ريلوي تي ڪم ڪندڙ گوا، مدراس ۽ گجرات کان آيل ماڻهن جي پريشاني تي هنن جي ٻارن لاءِ هي سينٽ ميري هاءِ اسڪول قائم ڪيو ويو جنهن کي اڄ ڏيڍ صدي اچي ٿي آهي. هي اسڪول جڏهن 1881ع ۾ شروع ٿيو هو ته اهو فقط ريلوي ۾ ڪم ڪندڙ ٻارن لاءِ هو پر پوءِ 1897ع کان مڪاني ماڻهن جي ٻارن لاءِ پڻ عام ڪيو ويو. سنڌ جي ٻين ڪانوينٽ/مشنري اسڪولن وانگر هن اسڪول جي اڄ به وڏي ناموس آهي جِتي سٺي تعليم ۽ ڊسپلين جو خيال رکيو وڃي ٿو. مئٽرڪ تائين ڪو ـــ ايڊيوڪيشن آهي، ان بعد انٽر تائين فقط ڇوڪرين لاءِ آهي. 1972ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ڪيترائي هن قسم جا خانگي اسڪول نئشنلائيزڊ ڪيا هئا پر افسوس جو تعليم جو نظام، خاص ڪري سنڌ ۾، بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿي پيو. نتيجي ۾ هي اسڪول 1990ع ۾ وري اصلي مالڪن کي موٽايو ويو. هن اسڪول جو نظامُ ڪئٿولڪ بورڊ آف ايڊيوڪيشن وارا هلائين ٿا.
    Kawish Mid week Magazine 21 May 2014
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو