سَسُئِي حُسَينِي پُڇَن سي پَسَن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
پُڇَن سي پَسَن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي،
ڏورينديون ڏسَن، اڱڻ عجيبَن جا.


سر حسيني سسئي

پُڇَن = طلب رکن، سڪ رکن

* جي محبوب جي سڪ رکن ٿيون، طلب رکن ٿيون سي ئي محبوب جو مشاهدو ماڻن ٿيون، سي ئي محبوب
کي رسن ٿيون.

* جي هميشه جستجو ۾ آهن، ڳولا ۾ آهن، جي پاڻ پتوڙين ٿيون، ڪشالا ڪڍن ٿيون سي ئي محبوب ماڻن ٿيون.

سمجهاڻي :

ڀٽائي هدايت ٿو ڪري ته هر گهڙي، هر پل جستجو ۾ رهڻ، ڳولا ڪرڻ، تلاش ڪرڻ، پاڻ پتوڙڻ ۽ ڪشالا ڪڍڻ سان ئي محبوب ۽ منزلون حاصل ٿينديون آهن.

سائين مظفر منگي جي فيس بوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top