• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڻ به ته ڪجهه ڪريون

منصور سرور

سينيئر رڪن
خير محمد ڪولاچي

سنڌ ۾ تعليم جي ڪرندڙ معيار تي هر سڄاڻ سنڌي کي ڳڻتي آهي. اڄ جي دور ۾ ترقي جو بنياد ۽ پيمانو تعليم ئي آهي. دنيا جا ملڪ ۽ قومون ترقي لاءِ تعليم کي عام ڪرڻ سان گڏ ان جو معيار اونچو ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. بدقسمتي سان سنڌ هن اهم شعبي ۾ بهتر آڻڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن پوئتي وڃي رهي آهي. اهڙي صورتحال تي سنڌ دوست ماڻهو فڪرمند ٿيڻ سان گڏ بهتري لاءِ واڪا ڪندا رهن ٿا. سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) پڻ اهڙي فڪر سبب گذريل جنوري ۾ تعليم جي موضوع تي هڪ ڪنوينشن ڪوٺائي هئي. ڪراچي ۾ منعقد ٿيل ان ڪنوينشن ۾ سنڌ جو تعليم وارو وزير سيڪريٽري تعليم، سنڌ حڪومت جا ڪي وزير، اديب، دانشور ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شريڪ ٿيا هئا. ڪنوينشن جي ڪارروائي دوران مقررن مان هر ڪنهن سنڌ ۾ تعليم جي ڪرندڙ معيار واري ڳالهه سان اتفاق ڪندي بهتري لاءِ ڪوششن ڪرڻ تي زور پئي ڏنو. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جي سنڌ حڪومت جا بااختيار ماڻهو ۽ سنڌ جا سڄاڻ ماڻهو سڀ تعليم جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ چاهين ٿا ته ڪوششون به ڪندا رهن ٿا ته پوءِ بهتري اچي ڇو ڪونه ٿي. ڪٿي ته قيد آهي جو گهربل نتيجا ڪونه ٿا اچن.

سائنس جي اصولن موجب ته جيڪڏهن ڪنهن پٿر جي هٽائڻ لاءِ زور لڳائجي پر اهو پٿر پنهن جي جاءِ تان نه هٽي ته سمجهو ته ڪو ڪم ٿيو ئي ڪونه. ان سلسلي ۾ صوفي جانڻ چن جي شعر جو حوالو ڏيڻ به موزون ٿيندو. هن چيو آهي ته شريعت آ اهڙي شي جو مولا ساڻ ملائي

مليو ناهي جو مولا سان شريعت تي اهو ناهي.

مٿين پوزيشن ۽ حوالن کي ڌيان ۾ رکجي نتيجن نه ملڻ جي سببن تي غور ڪريون ته ائين لڳندو ته يا اسين ڪوششون ڪريون ئي نه پيا، پر جي ڪريون ٿا ته اهي ڏيکاءَ جي حد تائين آهن جي مٿيان سڀ واسطيدار ڪردار عملي ڪوششون ڪن ته سنڌ جي تعليم جي شعبي ۾ بهتري ضرور اچي ويندي. سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪن دوران تعليم ڪافي عام ٿي هئي. انهن ڏينهن ۾ اسڪول به گهٽ هئا، اسڪولن ۾ سهولتون به نالي ماتر هيون پر پوءِ به تعليم تيزي سان پکڙجي رهي هئي، ماڻهن ۾ علم حاصل ڪرڻ جو چاهه هيو ته ان سان گڏ استادن ۽ معاشري جي ٻين ڪردارن به وسان ڪين پئي گهٽايو. مون به انهن ڏينهن ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي. اسان جي پاڙي واري اسڪول ۾ ڪلاس رومن جي کوٽ هئي ان ڪري هڪ سال اسان جو ڪلاس وڻ جي ڇانوءَ هيٺ ٿيو هو. رات جو اسان پاڙي جا چند دوست لائيٽن جي چوڌاري ويهي پڙهندا هئاسين، ڇاڪاڻ انهن ڏينهن تائين اسان جي علائقي ۾ بجلي ڪونه آئي هئي. انهن ڏينهن ۾ ٻهراڙي جا ڪيترائي شاگرد پنڌ يا سائيڪلنتي سفر ڪري هاءِ اسڪول ۾ پنهنجي ڪلاس ۾ وقت تي اچي حاضر ٿيندا هئا، مون کي پنهنجي ڪلاس جو هڪ لائق ڇوڪرو به ياد ايندو آهي جيڪو هاءِ اسڪول ۾ تعليم دوران شهر ۾ پنهنجي پيءُ جي هڪ واقفڪار جي گهر ۾ رهندو هو. جيتوڻيڪ ميزبان جي سندس پيءُ سان ڪا گهاٽي ياري به ڪونه هئي پر جڏهن همراهه پنهنجي پٽ جي پڙهائي لاءِ شهر ۾ رهائش جي تڪيلف جو ذڪر ڪيو ته شهر ۾ رهندڙ سندس واقفڪار ڇوڪري کي پنهنجي گهر ۾ ترسائڻ جي آڇ ڪئي جيڪو پوءِ چار سال ان گهر ۾ رهي پڙهندو رهيو انهن شاگردن مان پوءِ انجنيئر، ڊاڪٽر، پروفيسر، ڪامورا ۽ ملازم ٿيا.

استادن به واهه جا هئا، ڊيوٽي دوران پڙهائي تي پورو ڌيان ڏيڻ کانپوءِ شام جو ڪمزور ٻارن کي واڌو وقت ڏيندا هئا، جيڪو هوشيار شاگرد سٺي رزلٽ خاطر محنت ڪندو هو تنهن کي همٿائڻ سان گڏ کيس وڌيڪ ڌيان ۽ وقت ڏيندا هئا، جيڪو شاگرد پوزيشن کڻڻ جهڙو هوندو هو تنهن تي سڄو اسڪول ڌيان پيو ڏيندو هو ته جيئن ڪنهن ٻار جي پوزيشن کڻڻ ڪري اسڪول جي ناما چاري ٿئي. پگهار به گهٽ هوندو هين پر پوءِ به ٽيوشن ذريعي ڪمائي جو ڪدرواج ڪونه هو. گهڻو هوشيار به ڪونه هوندا هئا پر جيڪو ڪجهه کين ايندو هو سو نيڪ نيتي سان پڙهائيندا هئا. هاڻي جڏهن اسڪول به گهڻا آهن، اسڪولن لاءِ ملندڙ فنڊن جي به کوٽ ڪونهي. ماستر به ضرورت کان وڌيڪ آهن ته پوءِ ڇو پڙهائي گهٽي آهي، هن کاتي جي ڪمزوري سنڌي معاشري کي پوئتي ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال جو لاڳيتو جاري رهڻ قومي وجود لاءِ خطرن جا انديشا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

جڏهن مون تعليم پوري ڪري نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي ته هڪ ڏينهن پنهنجي شهر باڊهه جي هڪ نيت صفت، يارن جي يار شخص محمد علي بروهي سان ملاقات ٿي هئي. محمد علي بروهي پڻ هاءِ اسڪول ۾ ماستري جي نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي هئي. خبرون چارون ڪندي هن مونکي چيو ته هو هڪ ذهين ۽ هوشيار ڇوڪري جي پڙهائڻ جي ذميواري کڻي چڪو آهي. هن موجب ته ڇوڪرو غريب آهي جي سندس مالي مدد نه ٿي ته پوءِ هو پڙهي ڪونه سگهندو. هن وڌيڪ چيو ته هن ڪجهه دوستن جي لسٽ ٺاهي آهي تن سڀ سان رابطو ڪري کين ان سلسلي ۾ مدد گهرندو. هن مونکي به ان لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو. مون به ان نيڪ ڪم ۾ مدد ڏين جي حامي ڀري ۽ پوءِ پنجن، ڇهن سالن تائين ماهوار مقرر رقم موڪليندو رهيس. اهو شاگرد پڙهي ڊاڪٽر بڻيو. منهنجي ان شاگرد سان ڪڏهن ڪا ملاقات نه ٿي ۽ نه مان ان کي سڃاڻيندو هوس پر محمد علي بروهي جي ان نيڪ ڪم ۾ هٿ وجهڻ سبب مونکي به خير جي ڪم ۾ حصو وٺڻ جو موقعو مليو. ائين هڪ سنڌي نوجوان جي زندگي سڌري وئي.

اهڙي ئي نيڪ ڪم جو هڪ بهترين مثال اسان جي هڪ محترم دوست طفيل احمد ميمڻ قائم ڪيو. طفيل ميمڻ ان صنعتي اداري ۾ انجنيئر عهدي تي فائز هو جنهن ۾ مان به نوڪري ڪندو هوس. طفيل ميمڻ جي کاتي ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ڪجهه مزدور هئا جن ۾ هڪ سنڌي ڇوڪرو به شامل هو. هڪ ڏينهن طفيل ميمن کائنس پڇي ورتو ته بابا تون ڪجهه پڙهيل به آهين يا نه تنهن کي نوجوان وراڻيس ته سائين مان مئٽرڪ ۽ انٽر فرسٽ ڪلاس ۾ پاس آهيان، غريب هئڻ سبب تعليم جاري رکي نه سگهيس، ان ڪري مزدوري پيو ڪريان، نوجوان جي اهڙي جواب طفيل ميمڻ کي اندر ۾ بيقرار ڪري ڇڏيو ۽ هن فيصلو ڪيو ته هو نوجوان کي پڙهائيندو هفتيوار موڪلن تي پنهنجي گهر حيدرآباد ويندي هو ان نوجوان کي به پاڻ سان وٺي ويو. هن ان نوجوان کي پنهنجي نيڪ دل ماءُ جي گهر ۾ ترسايو تنهن ان نوجوان کي تعليم مڪمل ڪرڻ تائين گهر ۾ رکڻ خوشي سان قبول ڪيو. هو پنهنجي پٽ جي اهڙي ڪوشش تي ب بيحد خوش ٿي. واضح رهي ته طفيل ميمڻ سنڌ جي نامياري تعليمي ماهر ۽ سابق ڊائريڪٽر تعليم حبيب الله ميمڻ جو فرزند آهي. ائين ان نوجوان جي تعليم جو سڄو خرچ طفيل ميمڻ ڀريندو رهيو. ان نوجوان پوءِ تعليم مڪمل ڪري نوڪري شروع ڪئي. اڄ اهو نوجوان هڪ مالياتي اداري ۾ چڱي عهدي تي فائز آهي، طفيل ميمڻ پوءِ تعليم جي شعبي ۾ خدمتن جو سلسلو جاري رکيو. اڄڪلهه پاڻ سان گڏ مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن جي مدد سان ساليانو سنڌ ۾ 35 اسڪالر شپون ڏئي رهيو آهي، پوين سال اهڙين اسڪالرشپن تي پڙهندڙ شاگردن مان 16 شاگرد پروفيشنل يونيورسٽين مان ڊگريون وٺي چڪا آهن ان کانسواءِ هن قائداعظم اسڪول جيڪو ڪراچي پپري ڀرسان لنڪ روڊ تي آهي تنهن ۾ لکين رپين جي خرچ سان هڪ لائبريري قائم ڪئي آهي، طفيل ميمڻ طرفان ذاتي حيثيت ۾ ڪيل ڪوششن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته جيڪڏهن هڪ ماڻهو به تعليم جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته هو ڪيتري خدمت ڪري سگهي ٿو. اهڙيون ڪوششون جي ٻيا سرندي وارا پڙهيل سنڌي به ڪن ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو.

سنڌ جي کاهوڙي ۽ علم دوست شخص ڊاڪٽر سليمان شيخ سان ٽورنٽو شهر ۾ ٿيل ملاقاتن دوران جڏهن کانئس تعليم جي شعبي ۾ خدمتن ۽ سگا جي بنياد رکڻ بابت پڇيم ته هن ٻڌايو ته جڏهن مان تعليم مڪمل ڪري روزگار سان لڳس ته هڪ ڀيري ڳوٺ ۾ ترسڻ دوران ان پرائمري اسڪول کي ڏسڻ هليو ويس جتان مون تعليم حاصل ڪئي هئي. اسڪول جي حالت ڏاڍي خرا هئي جنهن کي ڏسي ڏک ٿيو، جڏهن ان حوالي سان هيڊ ماستر سان ڳالهايم ته هن وراڻيو ته ابا مان ماستر آهيان، منهن جو آواز ڪير ٻڌندو. تون هاڻي پڙهڻ لائق ٿيو آهين جي تون ڪجهه ڪري سگهين ٿو ته ڪر، ڊاڪٽر صاحب موجب ته اها گهڙي هئي جڏهن منهن جي اندر تبديلي آئي ۽ مون ان اسڪول کي بهتر بڻائڻ لاءِ عملي ڪوششن جي آغاز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پوءِ خدمتن جو اهو سلسلو وڌندو رهيو ۽ پوءِ سگا جو بنياد رکي ان سلسلي کي اداري جي شڪل۾ آندو ويندو. ڊاڪٽر صاحب تعليم جي شعبي ۾ خدمت ڪرڻ جو جذبو رکندڙ خاص ڪري سمنڊ پار سنڌين لاءِ اهو چيو ته هو جيڪڏهن ان هڪ اسڪول جي سرپرستي ڪن جتان هو پڙهي نڪتا آهن ته هو هزارين اسڪول بهتر ٿي وڃن، اهڙين ذاتي ڪوششن جو نتيجو مجموعي بهتري ۾ نڪرندو.

تعليم جي شعبي ۾ خدمتن جو تازو مثال دادو ضلعي جي هڪ علم دوست شخص ذوالفقار شيخ قائم ڪيو آهي. هن پنهنجي ذاتي خرچ سان دادو شهر ۾ هڪ اسڪول کوليو آهي، جنهن ۾ غريب شاگردن کي مفت ۾ تعليم ڏني ويندي. هن اهو اسڪول پنهنجي شهري شوڪت سنڌي جي گهر ۾ کوليو آهي. شوڪت سنڌي سنڌ واسين جي عملي خدمتن جي حوالي سان هڪ وڏو نالو آهي. سندس گهر کي اسڪول ۾ تبديل ڪرڻ واري فيصلي جو سبب سنڌ جي ان هيري کي سلام پيش ڪرڻ آهي. مون کي يقين آهي ته ذوالفقار شيخ طرفان نيڪ نيتي سان شروع ڪيل خدمتن جو اهو سلسلو اڳتي وڌندو. دادو شهر ۾ ٻيا ڪيترائي سرندي وارا آهن، جيڪي هن نيڪ ڪم جي تقليد ڪري سگهن ٿا. سنڌ ۾ هزارين اهڙا پڙهيل سرندي وارا آهن جيڪي علائقي ۾ اسڪول کولي غريب شاگردن کي تعليم ڏيارڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا، ڪم سولو آهي فقط جذبو هجي ۽ عمل جي شروعات ڪرڻي آهي.

اسان مان اڪثر پڙهيل سنڌي اها خواهش رکن ٿا ته حڪومت مٿان سڀ ڪجهه ڪري تبديلي آڻي ڇڏي. هو نجي ڪچهرين ۾ تعليم جي ڪرندڙ معيار تي فڪر ڪرڻ سان گڏ حڪومت تي ڇوهه ڇنڊيندا رهن ٿا. پر ذاتي حيثيت ۾ اسين ڪا عملي ڪوشش ڪونه ٿا ڪريون جي هر ڪو ننڍي وڏي سطح تي وس آههر ڪوششون ڪري ته بهتري اچڻ يقيني ٿي ويندي. بدقسمتي سان اسان جو زور مطالبن، جلوسن ۽ مارچن تي آهي. اسان کي پڇاڻي واري روايت وجهندي سيمينارن ۽ مارچن ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن کي پابند ڪرڻ گهرجي ته هو اسٽِج تي ايندي سڀ کان پهريان ٻڌائين ته هنن ذاتي حيثيت ۾ تعليم جي شعبي ۾ ڪهڙي خدمت ڪئي آهي، جنهن ڪجهه به نه ڪيو آهي، تنهن کي ان سلسلي ۾ اڳوڻي جو حق ڪونهي. اهڙن ماڻهن جي نمائش ڪارروائين جو ڪو کڙ تيل ڪونه نڪرندو. اچو ته پاڻ به ته ڪريون.

ڪنهن هڪ شاگرد کي پڙهايون، پاڙي واري اسڪول کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪريون. گڏجي ڪو اسڪول کوليون، گوسڙو استادن تي دٻاءُ وجهي انهن کي پڙهائڻ تي مجبور ڪريون. لکين پڙهيل ماڻهو آهن، سوين تنظيمون ۽ سماج سڌارڪ ادارا آهن، جيڪي ذاتي ۽ اجتماعي حيثيت ۾ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا. ان ڪري اچو ته ڪجهه ڪريون.
 
Back
Top