سوپاري : بيوقوفن لاءِ کنڊ لڳل زهر

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 مئي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سوپاري- بيوقوفن لاءِ کنڊ لڳل زهر....

    الطاف شيخ


    ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڳوٺاڻي کي چيم:
    ”عيد برات تي به ڳوٺ نٿو وڃين. ڇو-؟“
    وراڻيائين: ”هونءَ ته هر عيد تي ويندو هوس پر هن سال نه ويو آهيان.“
    ”ڇو ڀلا-؟“ مون وري سوال ڪيومانس.
    ”ٻار بيمار ٿيو پون.“ هن سبب ٻڌايو.
    ”اهو ڀلا ڪيئن؟“
    ”ڏس نه منهنجا ٻار ننڍا آهن ۽ ڳوٺ جي گهٽين جي خبر اٿئي ته جتي ڪٿي شيون رکيو ويٺا وڪڻن. پوءِ ٻارن جي ضد سا ڪير پڄي پئسو به وڃائين ٿا ته صحت به.“
    ”پر يار شيون ته پاڻ به جڏهن ننڍا هئاسين ته وٺندا هئاسين.“
    مون چيومانس.
    ”هائو،“ منهنجي ڳوٺائي دوست مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”پر پاڻ ننڍي هوندي جڏهن خرچي ملندي هئي ته رانديڪا، کٽمٺڙا يا بسڪيٽ وٺندا هئاسين ۽ نه هي کنڊ چڙهيل زهر- منهنجو مطلب آهي سوپاريون- جيڪي اڄڪلهه هر ٻار وٺڻ لاءِ آتو آهي ۽ ان جي کائڻ سان بيماري پرائي ٿو.“
    ”پوءِ ڀلا ٻارن کي جهلي ڇڏ ته سوپاري خراب شيءِ آهي ۽ هو نه وٺن.“ مون صلاح ڏني مانس.
    ”ٻارن کي ڪيئن ۽ ڪيترو جهلجي جڏهن هو سڄو ڏينهن ٽي وي، ريڊيو تي مٺي سوپاري، ناز پان مصالا ۽ ’ڪيسي مزي ڪي هي سوپاري‘ ٻڌن ٿا. هاڻ هي ڇوڏن جهڙيون سوپاريون ۽ انهن تي چڙهيل سستا رنگ جيتوڻيڪ ٻارن کي ان ئي وقت بيمار کڻي نٿا بڻائي پر پنهنجو اثر اهڙو ڇڏين ٿا جو آهستي آهستي ٻار جو رت سڪڻ لڳي ٿو. دماغ ڪمزور ۽ موڳو ٿيڻ شروع ٿئي ٿو. ٻيو نه ته ٻار کي چرس ۽ سگريٽ وانگر سوپاريءَ جو عادي بنايو ڇڏين ۽ پوءِ سوپاريءَ بنا ٻار جهڙو ويڳاڻو! ڊاڪٽر ته انهن هٿرادو رنگن لاءِ دانهون ڪن ٿا ته اهي غير قدرتي رنگ ڪئنسر پيدا ڪن ٿا پر سوپاري ته ان کان وڌيڪ خطرناڪ شيءِ آهي. جنهن ۾ نه وٽامن آهي نه پروٽين.“
    ۽ پوءِ جذباتي ٿي چوڻ لڳو: ”خدا خانو خراب ڪري انهن مڙني سوپارين جي واپارين جو جن اسان غريبن جي ٻارن جو هيڻو حال ڪري وڌو آهي. مون کي پڪ آهي ته سوپاري امپورٽ ڪرڻ وارو يا پاڪيٽ ٺاهڻ وارو ڪارخانيدار سيٺ، پنهنجن ٻارن کي اها سوپاري کائڻ لاءِ هرگز نه ڏيندو هوندو.“
    ------******------
    بئنڪاڪ جو بندرگاهه. اسان جي جهاز تي پاڪستان لاءِ سامان چڙهي رهيو آهي. بانس جا ڊگها لڙها، اسپنج جا چئمپل، ڏونگهيون ۽ کوپري جو تيل، ٻهارا، هئڊ، لونگ وغيره وغيره.
    جهاز جي هڪ هئچ ۾ سوپارين جون ڳوڻيون به چڙهيل آهن. انهن جو مالڪ پنهنجين ڳوڻين تي نشان هڻائي رهيو آهي، جيئن ٻين جي مال سان سندس مال ملي نه وڃي. شام ڌاري ٻين واپارين جون پڻ، سوپارين جون ڳوڻيون، چڙهڻيون آهن. نشان لڳڻ ڪري ڪراچيءَ ۾ لاهڻ مهل ڀُل چُل نٿي ٿئي. ۽ ڪراچي پاسي جا خريدار جهاز پهچڻ تي پنهنجو پنهنجو سامان يڪدم سڃاڻي کڻي وٺن ٿا.
    نشان هڻائيندڙ ٿائي مالڪ منهن مهانڊن مان ڪجهه ڪجهه اسان جهڙو لڳي ٿو. آئون وڌي ساڻس ملان ٿو. خوش خير عافيت بعد هن ٻڌايو ته هو اصل بمبئيءَ جو مسلمان آهي پر هاڻ سالن کان بئنڪاڪ ۾ رهي ٿو ۽ امپورٽ ايڪسپورٽ جو بزنس ڪري ٿو. پاڻ گجراتي گاڏڙ اڙدو ڳالهائين ٿي. پاڪستان مان ڌاڳو ۽ ڪپڙو گهرائي ٿو ۽ ٿائلينڊ مان سوپاري موڪلي، چڱو پئسو ڪمائي ٿو.
    ”ڀلا سوپاريون رڳو پاڪستان موڪليو يا ٻين ملڪن ۾ به-؟“ مون کانئس پڇيو.
    ”ٿوري گهڻي ٻين ملڪن ۾ به وڃي ٿي پر هن قسم جي سادي جنس جي سوپاريءَ جي کپت، رڳو پاڪستان ۾ آهي.“
    ”ڇو ڀلا؟ پان ته هندستان ۽ ڪجهه عرب ملڪن ۾ به اڄڪلهه کاڌو وڃي ٿو.“ آئون وري پڇانس ٿو.
    ”بس. پاڪستان جا سيٺ اهو ئي مال گهرائين ٿا ۽ ملڪ جو صحت کاتو، شايد سختيءَ سان چڪاس نٿو ڪري.“ هن مون کي اهڙي نموني سان سمجهايو ڄڻ آئون ڪو احمق هجان يا مون کي سڀ خبر آهي ۽ آئون نئون بڻجڻ جي ڪوشش پيو ڪريان.
    ”توهان به سوپاريون کائو-؟“ هن مون کان سوال ڪيو جيڪو سوال گهٽ ٽوڪ وڌيڪ هئي.
    ”مون کي کڻي ڇڏيو. توهان جي ملڪ ۾ ٿين ٿيون، توهان ايڪسپورٽ ڪريو ٿا. توهان ڀلا کائو؟“ جواب بدران مون سوال ڪيومانس.
    پنهنجو هٿ منهنجي منهن ڏي تير وانگر جهلي ان اشاري جي ادائگي ڪئي جنهن جو مطلب هوندو آهي ته ’ڪهڙا ويٺو سوال ڪرين‘ ۽ پوءِ وات سان چيائين:
    ”نه سائين. سوپاري ته اسان وٽ باندر ڀولڙو به نٿو کائي. خاص ڪري هي سوپاريون ته هتي ڇوڏن وانگر ٻارڻ جي ئي ڪم اچن ٿيون.“
    ”تنهن جي معنيٰ ته هي سوپاريون انسان ذات جي کائڻ لاءِ سٺيون نه آهن.“ مون چيو.
    ”بلڪل صحيح ٿا چئو.“ سيٺ منهنجي ڳالهه جي تائيد ڪئي. ”ته پوءِ ڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته توهان مسلمان ٿي ڪري، هڪ خراب شيءِ ٻئي ملڪ ۾ موڪلي رهيا آهيو، جتي جا ماڻهو، خاص ڪري تنهنجا مسلمان ڀائر کائي بيمار ٿين ٿا.“
    ”سائين منهنجا!“ هن منهنجي ڪلهي تي پيار سان هٿ رکي سمجهائڻ واري انداز ۾ چيو، ”مذهب الڳ شيءِ آهي، بزنيس الڳ. هوءَ چوڻي ٻڌي اٿانوَ ته ’نماز ميرا فرض، چوري ميرا پيشه‘. آئون جي موڪلڻ بند ڪندس ته ڇا تنهنجا ڪراچيءَ جا ڊگهين ڏاڙهين وارا مسلمان واپاري گهرائڻ ڇڏي ڏيندا؟ ڇا هتي جا ٻيا واپاري به موڪلڻ بند ڪري ڇڏيندا؟ منهنجي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ٿي سگهي ٿو ٻيا واپاري هن کان به وڌيڪ سڙيل مال موڪلين. نتيجي ۾ منهنجي ڪمائي ته بند ٿي، ٻيا غلط ڪم ڪري رهيو آهيان پر توهان جي ملڪ جي پنهنجن مسلمانن کي ڇا ٿي ويو آهي جيڪي هن زهر ۾ رنگ ۽ ٻيون زهريلون شيون ملائي غريب ٻارن جو پيٽ خراب ڪن ٿا، ساهه جون بيماريون ڏين ٿا، رت سڪائين ٿا ۽ وڏي ڳالهه ته خرچيءَ مان ڪو ٻار ميوو يا مٺائيءَ جهڙي شيءِ وٺي طاقت حاصل ڪري، ان بدران ان کي سوپاريءَ جهڙي نشي جو عادي بڻائين ٿا.“
    اهو چئي اهو سيٺ اتان روانو ٿي ويو ۽ آئون جهاز جي ڊيڪ تان واپس پنهنجي ڪئبن ۾ پهتس. پکو هلائي دري کوليم. جهاز جو، اُن دريءَ وارو پاسو، جيٽي (ڌڪي) وارو پاسو هو. پري پري تائين بئنڪاڪ جون عمارتون ۽ وڻ ٽڻ نظر اچي رهيا هئا. هيٺ بندرگاهه ۾ ڪرينون ۽ ٽرڪون سامان لاهي چاڙهي رهيون هيون. جهاز جي ڏاڪڻ وٽ ٽي چار ٽرڪون، سوپارين جي ڳوڻين سان ڀريل، ڪرين (Crane) جو انتظار ڪري رهيون هيون- جيڪا ٽرڪن مان ڳوڻيون ڪڍي جهاز جي هئچ (گدام) ۾ رکي. سوپارين جي ٽرڪن جي ڀر ۾ ڪاري رنگ جي مرسيڊيز ڪار ۾ انهن سوپارين جي کپي جو هڪ ٻيو ايڪسپورٽر/ سيٺ انتظار ڪري رهيو هو ته سندس مال چڙهي ته پاڻ بي اونو ٿي موٽي. رکي رکي هن سگار جا ڊگها ڪش هڻي ڪجهه سوچيو ٿي. شايد اهوئي سوچيو ٿي ته سندس ان مان جي وڪري جي عيوض کيس لکين روپين جو فائدو ٿيندو، جنهن مان سندس اولاد وڌيڪ سُکي زندگي گذاري سگهندي. يا شايد اهو سوچي رهيو هجي ته پاڪستان جهڙي ملڪ جي سوين ڳوٺن ۽ شهرن جا هزارين لکين معصوم ٻار- جن جي اڳهين صحت ايترو صحيح نٿي رهي، اهي سندس سوپاريون کائي وڌيڪ بيمار ٿيندا.

    ڪراچيءَ ۾ رهندڙ هڪ ڏاهي کان سوپاريءَ جي وڌندڙ کپت بابت راءِ پڇيم:
    ”ادا، هي Syndrome (سوپاري جو استعمال)، اسان جي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ايترو ته وڌي ويو آهي،“ هن غمگين لهجي ۾ ٻڌايو، ”جو اهو اسان جي ڪلچر جو ماڳهين هڪ حصو بڻجي ويو آهي. شهرن توڙي ڳوٺن ۾ سوپارين جون چمڪندڙ پڙيون، ننڍن توڙي وڏن جي هٿن ۾، نظر اچن ٿيون. ٻهراڙيءَ ۾ شادي ٿئي يا کاڌي پيتي جي ڪا ٻي دعوت، جتي ڪٿي مانيءَ بعد سوپاريءَ جي پُڙي پيش ڪئي وڃي ٿي. ملڪ جي ويندي فائوَ اسٽار هوٽلن ۾ سوپاري ۽ پان مسالو وڪامڻ ۾ اچي ٿو.“
    هڪ پڙهيل ڳڙهيل همراهه کان پڇيم: ”سوپاري ڇو ٿو کائين؟“
    ”بس. وقت پاس ڪرڻ لاءِ.“ هن جواب ڏنو.
    هڪ ٻئي همراهه کان ساڳيو سوال ڪيم ته هن به ان قسم جو جواب ڏنو:
    ”دل پڪي ڪرڻ لاءِ.“ هن جواب ڏنو.
    هڪ پوڙهي عورت کان ساڳيو سوال ڪيم. ورڻيائين:
    ”کاڌي هضم ڪرڻ لاءِ.“
    (ان وقت صبح جا ڏهه يارنهن ٿيا هئا. خبر ناهي ڪهڙو کاڌو هضم ڪري رهي هئي. ستين وڳي واري نيرن هضم ڪرڻ لاءِ يا هڪ وڳي جيڪو ٻپهرو کائيندي، ان کي اڳواٽ هضم ڪرڻ لاءِ.)
    هڪ غريب پورهيت کان پڇيم: ”چاچا، تنهنجا ٻار سوپاريون ڇا ٿا کائين-؟“
    ”سائين رپئي اڌ ۾ ڀلا کين ٻي ڪهڙي شيءِ ملندي؟“
    هڪ ٻار جي ماءُ کان پڇيم: ”چار رپيا خرچي وٺي تنهنجو پٽ روزانو اسڪول ۾ سوپاريون ڇو ٿو وٺي؟ اسڪول جي گيٽ وٽ ٻين شين وارا به ته ويهن ٿا، انهن جون شيون ڇو نٿو وٺي.“
    ”سوپاريون سندس ڪلاس جي ماسترياڻي وڪڻي ٿي. ۽ نه وٺڻ تي هوءَ ناراض ٿئي ٿي.“
    هڪ دڪاندار کان سوپاري چٻاڙڻ جو پڇيم ته وراڻيائين: ”سائين ڏندن جي ورزش لاءِ چٻاڙيان ٿو- جيئن انگريز چيغم کائين ٿا.“
    (چيغم کائيندي هن خبر ناهي ڪهڙا انگريز ڏٺا يا ٻڌا آهن. اسان ته ڪڏهن به غريب انگريزن کي، چيغم پٺيان، ائين پئسو ۽ صحت برباد ڪندي نه ڏٺو جيئن اسان جا پاڪستاني پنهنجون ٻئي شيون: پئسو ۽ صحت وڃائي رهيا آهن. جيتوڻيڪ چيغم وري به سوپاريءَ کان گهٽ نقصان ڪار آهي.)
    هالا جي هڪ اسڪول جي ٽيهه کن ٻارن کان پڇيو ويو:
    ”سوپاري ڇا آهي؟“
    اڌ کان وڌيڪ جواب ڏئي نه سگهيا. ڪن چيو شيءِ آهي. ڪن چيو ٽِڪي (مٺائي) آهي، ڪن چيو سڪل ميوو آهي. هڪ چيو چُورو آهي. هڪ چيو ’شاهي‘ آهي. يعني سوپاري شاهي آهي! خبر ناهي سندس مطلب اهو هو ته سوپاري کائڻ ۾ شاهي (اعليٰ) آهي يا سوپاري شاهي خاندان سان تعلق رکي ٿي.
    بهرحال سوپاري ڇا آهي. مون کي به خبر نه هئي. گذريل دفعي ٿائلينڊ جي هڪ ائگريڪلچرلسٽ ٻڌايو ته ڀاڄي آهي. جنهن جي پوءِ پڪ پنهنجي ڳوٺ جي باٽني جي پروفيسر تاج محمد ميمڻ ۽ ڪراچيءَ جي عباسي شهيد اسپتال جي نڪ ڪن گلي جي ماهر سرجن سيد سرفراز شاهه ڪئي.
    ------*****------
    بئنڪاڪ ۾ هلندڙ هڪ سيمينار ۾ هڪ ٿائي دوست پڇيو:
    ”توهان پاڪستاني سوپاريون ڇو ٿا کائو؟ کائڻو اٿانوَ ته موري، گوبي، پالڪ، پٽاٽا يا واڱڻ ڀينڊي کائو.“
    آئون وائڙو ٿي ويس. نيٺ چيومانس:
    ”سوپاريءَ جو انهن ڀاڄين سان ڪهڙو واسطو؟“
    ”سوپاري به ته ڀاڄي آهي. هڪ تمام سستي قسم جي ڀاڄي جنهن ۾ ڪا طاقت ناهي. جنهن کي سگهو ئي جيت جڙو ۽ ڄارو (Fungus) لڳيو وڃي.“ ٿائي دوست ٻڌايو.
    ان بعد پاڪستان پهچڻ تي، ان سبجيڪٽ جي ڄاڻن- يعني مٿين پروفيسرن پڻ پڪ ڪئي ته سوپاري واقعي هڪ ڀاڄيءَ جو قسم آهي، جنهن جو سائنسي نالو Areca- Catechu آهي. يا فقط Areca سڏجڻ ۾ اچي ٿو. سندن ٻڌايل ڪجهه ٻيون ڳالهيون:
    سوپاري سريلنڪا، بنگلاديش، انڊونيشيا، انڊيا، برما، ٿائلينڊ ۽ ملائيشيا ۾ عام پوکي وڃي ٿي ۽ اها گهڻو ڪري اڌ ڪچي پڪي حالت ۾ پٽي، پوءِ گدامن ۾ رکڻ کان اڳ ان کي ڇانوري (Shade) ۾ سڪايو وڃي ٿو.
    اڻ هوادار، اونداهن، بدبودار ۽ گهميل گدامن ۽ ڀانڊن ۾ ڏينهن جا ڏينهن سوپاريون رکڻ ڪري انهن جي اندر هڪ قسم جو ڄارو (Fungus) لڳيو وڃي. جڏهن سوپاري سٺي حالت ۾ آهي ته ان کي اڌ ڪرڻ سان سندس وچ جو مال اڇي رنگ جو ٿئي ٿو. پر سرو ۽ ڄارو لڳڻ ڪري اهو ڀورو يا ناسي ڪارو ٿيو پوي.
    ڪراچيءَ ۾ جيڪي سوپاريون پهچن ٿيون انهن ۾ ٻن قسمن جو ڄارو عام نظر اچي ٿو. هڪ ڪاري رنگ جو Aspergillus Niger آهي ۽ ٻيو ناسي يا هئڊي رنگ جو Aspergillus- Falvus آهي. اهي ٻئي، بيحد خطرناڪ آهن ۽ Aflatoxin نالي زهر پيدا ڪن ٿا جيڪو جيري ۽ وات جي ڪئنسر (سرطان) جو ذميوار آهي.
    ڏٺو وڃي ته سٺي يا خراب سوپاري ٽي اهم راڱا ڪري ٿي:
    1- ساهه جي نلين کي بند ڪريو ڇڏي، جنهن ڪري ماڻهو ٻوساٽجي مري ٿو. سوپاري ڦاسڻ جا روزانو ڪيترائي ڪيس هر اسپتال ۾ اچن ٿا. ترت تدارڪ نه ٿيڻ ڪري ڪيتريون معصوم جانيون ان سوپاري کائڻ جي شوق ۾ مريو وڃن.
    2- سوپاري کائڻ ڪري ڪجهه وقت کانپوءِ وات ۾ سور ۽ ڦٽ ڦرڙيون ٿيو پون. ان کان علاوه سوپاري ڄاڙيءَ جي چرپر تي اثر انداز ٿئي ٿي.
    3- سوپاري گند ۽ پونءِ پيدا ڪري ٿي، جيڪا ڪئنسر پيدا ٿيڻ جي نشاني آهي. اهو گند Oral- Sumucovs Fibrosis هڪ لاعلاج مرض آهي. ان جو حملو ننڍن ٻارن تي گهڻو ٿئي ٿو. ڪيترن تي ان جا خراب اثر، ڪجهه سالن بعد ئي نمودار ٿين ٿا، پوءِ اڳتي هلي ڪئنسر پنهنجو روپ ڏيکاري ٿي. پاڪستان ۾ اٽڪل ويهه سيڪڙو ڪئنسر جا مريض وات جي ڪئنسر کان مرن ٿا، جنهن جو وڏو ڪارڻ سوپاري آهي.

    الطاف شيخ جي سفرنامي ”اوهڙيا جا عميق ڏي“ تان ورتل جيڪو 25 سال اڳ ڇپيو هو.
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو