ALI AKBAR SHAR
سينيئر رڪن

بدنما گهوڙي جي سواري
آمريڪي رياست واشنگٽن جي ڪجهه شهرن ۾ مقامي حڪومت عجب قانون بڻائي رکيو آهي. هن جي هڪ مثال شهر جو هڪ قانون انتهائي عجيب آهي. ڪو به شهري بدنما گهوڙي جي سواري نه ٿو ڪري سگهي خلاف ورزي جي صوروت ۾ ان جو اڳيون ٺڪاڻو جيل هوندو.

ڪپڙا ٽنگڻا آهن............ لائسنس آهي.
نيويار جو شمار ٽيڪنلوجي جي اعتبار سان دنيا جي جديد شهرن ۾ ٿئي ٿو. پر هتي به توهان جو واسطو عجيب و غريب قانون سان ضرور پوندو. جيئن ته توهان دري ۾ ڪپڙا ٽنگڻ چاهيو ته پهرين توهان کي باقائدگي سان لائسنس حاصل ڪرڻو پوندو. بغير لائسنس جي ڪپڙا ٽنگڻ ته جرمانو ادا ڪرڻو پوندو.

چوڪ ته ويهڻ منع آهي
وينس جو مشهور چوڪ سينٽ مارڪ اسڪوئر جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ اتي تمام سڙڪون پاڻ ۾ ملنديون آهن. جنهن جي ڪري هزارين سياح ان اسڪوئر تي پنهنجو ديرو ڄامائيڻ لڳا هئا. پر ان اسڪوئر تي سياحن جو اچڻ وڌي ويو ته ٽريف جام ٿيڻ لڳو. هن صورتحال کي ڏسندي حڪومت چوڪ تي ويهڻ جي پاپندي هڻي ڇڏي. جيڪڏهن هتي ڪنهن کي ويٺي ڏسي وٺجي ٿو ته پهرين نرمي سان ان پاپندي جي باري ۾ ٻڌايو وڃي ٿو نه مڃڻ جي صورت ۾ جيل جو رستو ڏيکاريو وڃي ٿو.

پنهنجو ڪچرو پنهنجي ڪچري دان ۾
آمريڪي رياست واشنگٽن جي شهر بريمرٽن جي حدود جيڪو شهري پنهنجو ڪچرو ڪنهن ٻئي جي ڪچري دان ۾ سٽيندي پڪڙيو وڃي ته ان کي وڏو جرمانو ادا ڪرڻو پوندو آهي. ان لاءِ بهتر آهي پنهنجو ڪچريو پنهنجي ڪچري دان ۾ سٽيو.

ڪبوترن کي ان ڏيڻ منع آهي
اٽلي جي شهر وينس جو شمار خوبصورت ترين شهرن ٿيندو آهي. هتي هر سال هڪ وڏي تعداد سياحن جي اچي ٿي پر وينس وڃڻ وارن سياحن کي ضرور معلوم هئڻ گهرجي ته هتي ڪپوترن کي ان ڏيڻ غير قانوني آهي. ان جي واجهه هي آهي ته ان ڏيڻ سان ڪبوترن جي تعداد ۾ اضافو ٿئي ٿو جنهن جي ڪري شهر ۾ مختلف بيماريو پکڻجن ٿيون. مشهورامريڪي شهر سان فرانسڪو ۾ به ڪبوترن کي ان ڏيڻ منع آهي.

ٽينڪي ڏسي وٺو ڪٿي پيٽرول نه ختم ٿي وڃي
ان ڳالهه کان هر ڪو واقف آهي ته جيڪڏهن رستي ۾ اچانڪ پيٽرول ختم ٿي وڃي ته انسان مصيبت ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو پر جرمن ۾ مين شاهرا آٽوبان تي پيٽرول ختم ٿيڻ تي جرمانو ادا ڪرڻو پوندو آهي. ان جي واجه هي آهي ته جرمن شاهرا تمام وڏيون هونديون آهن ان تي صرف ايمرجنسي کان سواءِ ڪنهن کي به رکڻ جي اجازت ته آهي. جرمن قانون اچانڪ پيٽرول ختم ٿيڻ ته ڊرائور جي غلطي قرار ڏني وڃي ٿي ته هن سفر شروع ڪرڻ کان پهرين پيٽرول چيڪ ڇو نه ڪيو هو؟

هتي کائيڻ پيڻ منع آهي
فلورنس اٽلي جو مشهور ترين شهر ۾ ڪيتريون تاريخي امارتو ۽ چرچ آهن جنهن کي ڏسڻ سياحن جي هڪ وڏي تعداد اچي ٿي. پر بدقسمتي سان ڪيترائي سياح ان شهر جي انوکي قانون جي ڪري پنهنجي خاصي رقتم جرماني طور ڏين ٿا. قانون هي آهي ته فلورنس ڪنهن به چرچ جي پوڙين يا اڳڻ تي ويهي کائڻ پيئڻ منع آهي. ۽ ائين ڪرڻ سان چرچ انتظاميا يه بلديه شهر جي ڪنهن به ملازم ڏسي ورتو ته جرمانو ادا ڪرڻو پوندو.
