• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعري

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نرمل
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نرمل

سينيئر رڪن
”نرمل“ کوهارو
مفڪر اعظم
اگهور ڪاري رات ۾
سنڌڙي جو سمورو وجود،
دهشت جي چادر ويڙهي،
آرامي ٿي چڪو هو،
مگر مفڪر اعظم،
ڪشالا سر تي سانڍي،
وحشين جي لشڪر ۾،
هڪل ڪئي،
او ويريو!
او پليتو!
پير پري ڪيو،
هي سنڌ نڌڻڪي ناهي،
هي سنڌ آڌياري ناهي،
هي سنڌ منهنجي آهي،
هي سنڌ منهنجي آهي.
او سامراجيو!
او بي ضميرو!
پير پري ڪيو،
پير پري ڪيو.
sindhsalamatsaathsal
 
Back
Top