شاعري

'سنڌي شاعري' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2010۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    ”نرمل“ کوهارو
    مفڪر اعظم
    اگهور ڪاري رات ۾
    سنڌڙي جو سمورو وجود،
    دهشت جي چادر ويڙهي،
    آرامي ٿي چڪو هو،
    مگر مفڪر اعظم،
    ڪشالا سر تي سانڍي،
    وحشين جي لشڪر ۾،
    هڪل ڪئي،
    او ويريو!
    او پليتو!
    پير پري ڪيو،
    هي سنڌ نڌڻڪي ناهي،
    هي سنڌ آڌياري ناهي،
    هي سنڌ منهنجي آهي،
    هي سنڌ منهنجي آهي.
    او سامراجيو!
    او بي ضميرو!
    پير پري ڪيو،
    پير پري ڪيو.
    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو