• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ناٽڪ

منصور سرور

سينيئر رڪن
سنڌي ناٽڪ اسان جي سماج کي ڪنهن طرف وٺي پيا وڃن؟؟؟
اڄ ڪل ڪارو سج ۽ پٿر جا ماڻهو سنڌي ناٽڪ سنڌي چينل تي تمام مقبول ناٽڪ آهن هن کي هر سنڌي ماڻهو وڏي شوق سان ڏسندو آهي جنهن ۾ خاص ڪري ٻار ۽ نوجوان تبڪو آهي جن تي هنن ناٽڪن جا منفي اثر پئي جي رهيا آهن جنهن طرف ڌيان ڏئيڻ جي ضرورت آهي۔
هنن ناٽڪن ۾ هٿيار جو استعمال تمام خطرناڪ ڪيو ٿو وڃي ۽ اهو بہ پنهنجي برادري جي ماڻهن خلاف ۽ قاتل کي بهادر ڪري ڏيکاريو ٿو وڃي ۽ هنن وٽ جيڪو هٿيار آهن هنن جي هار سينگھار کي ڏسي اين ٿو لڳي تہ ڄڻ هٿيارئي مردانگي آهي هن جو اثر تہ هئينر بہ اسان جي سامهون آهي ۽ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو اهو وقت ٻڌائيندو پر افسوس هن ڳاله جو آهي تہ ڇا هنن ناٽڪن جي جڳہ تي ڪي ٻيا ناٽڪ نٿا ٺهي سگھن؟ جنهن ۾ انسانيت جو احساس هجي، جنهن سان تعليم کي ترقي ڏئي سگھجي، پنهنجي ثقافت کي محفوظ ڪري سگھجي، پيار و محبت، امن و شانتي ۽ معاشري جي سڌاري تي ڪم ٿيل هجي جنهن سان سنڌ اندر برايون ختم ٿي سگھن، سڀ سنڌي پيار و محبت سان ڳڏ رهي سگھن ۽ سنڌ ترقي ڪري سگھي۔
سيتا ڊي داس
10361412_10152418717240040_2704159526752280090_n.jpg
 
سنڌي ناٽڪ اسان جي سماج کي ڪنهن طرف وٺي پيا وڃن؟؟؟
ڇا هنن ناٽڪن جي جڳہ تي ڪي ٻيا ناٽڪ نٿا ٺهي سگھن؟ جنهن ۾ انسانيت جو احساس هجي، جنهن سان تعليم کي ترقي ڏئي سگھجي، پنهنجي ثقافت کي محفوظ ڪري سگھجي، پيار و محبت، امن و شانتي ۽ معاشري جي سڌاري تي ڪم ٿيل هجي جنهن سان سنڌ اندر برايون ختم ٿي سگھن، سڀ سنڌي پيار و محبت سان ڳڏ رهي سگھن ۽ سنڌ ترقي ڪري سگھي۔

10361412_10152418717240040_2704159526752280090_n.jpg
ادا توهان تمام سهڻي ڳالھ ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي ، پر يار انسان دوستي ۽ تعليم جي ترقي ، محبت ، امن ۽ ڀائيچارو انهن ڳالهين کان اسانکي تمام پري ڪيو پيو وڃي ، اسانکي رڳو واھ سائين واھ ، واه جو جوان آ ، خوشامندي سست ۽ ڪاهل ڪيو پيو وڃي ، اسين انفرادي طور به سڌاري لاءِ گهٽ ٿا ڪوشش ڪيون،
ٻيو ڪو ته ڪونه چاهيندو ته اسين سکيا ستابا هجون ، امن ۽ ڀائيچاري سان رهون ، اسانکي پاڻ کي سستي ۽ ڪاهلي مان نڪرڻ گهرجي!
 
ادا تعليم جي ڪمي آهي . جهالت وڌندي پئي وڃي.انهن ڊرامن ۽ وڏيرڪي نظام سنڌ کي اونداهي دور ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي
 
ادا اهو بلڪل غلط آهي ته ٽي وي ۾ هٿيار ٿا استعمال ٿين.. ڪجهه وقت پهريان مون پنهنجي ننڍي ڪزن کان پڇو ته تون وڏو ٿي ڇا ٿيندي،.. يڪدم جواب ڏيندي چيئين ته آئون وڏو ٿي سدورو ٿيندس.. تنهن تي مونکي ڏاڍو افسوس ٿيو ته ننڍپڻ کان ڌاڙيل ٿيڻ جي خواهش ٿو رکين.. چيو مانس ته پڙهندي نه؟؟ چيئي پڙهندس پر سدورو ٿيندس... آئون ته افسوس کان سوا ڪجهه به نٿي ڪري سگهان.........
 
Back
Top