منصور سرور
سينيئر رڪن
لطف علي سنگراسي
ڏاهن جو چوڻ آهي ته، ”جڏهن به ڪو بحران ڊگهو وقت برقرار رهي ٿو ته هڪ اهڙو وقت به اچيو وڃي، جڏهن ڪنهن سوچيل سمجهيل آپشن بدران ان بحران جو هر صورت ۾ خاتمو خود هڪ آپشن بڻجيو وڃي.“ بهرحال اهڙي ڪنهن به گهمسان جي بداسلوبي يا خوش اسلوبي پُڄاڻان سنڌ جا سُورَ ساڳيا ئي نه، بلڪه پهرين کان وڌيڪ ابتر ٿيڻا آهن. عام ماڻهو جيڪو سالن کان وٺي پنهنجي زندگي جي ڀوڳنائن کي لکئي جو ليک سمجهي ڀوڳيندو رهيو آهي، اُن جي ڀوڳنائن ۾ گهٽتائيءَ بدران وڌيڪ اضافو ئي متوقع آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جون اقتداري واڳون نه پهرين ڪڏهن ڪنهن ذميوار جي هٿ ۾ رهيون آهن، نه وري هن وقت ائين نظر اچي پيو. ڪمزوري ڪنهن هڪ شعبي جي هجي ته ان جو نالو کڻي وائکو ڪجي، پر هتي ته جهڳو ئي جهڻ ٿيل آهي. صوبائي حڪومت جي پت وائکي ته کڻي ٿرپارڪر ۾ ٿي آهي، پر ڏسجي ته ڪارونجهرکان ڪشمور، ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين سڄي سنڌ ”لاقانونيت“ ۽ ”بيڊگورينس“ جي هڪڙي ئي صف ۾ نوحو ڪندي محسوس ٿئي پئي. سالن کان وچ درياءَ ۾ لوڏا کائيندڙ سنڌ جي ٻيڙيءَ کي خبر ناهي، ڇو تجربيڪار مانجهيءَ جي سپرد ڪرڻ بدران بدنصيبيءَ جي لهرن حوالي ڪيو ويو آهي؟!! نه وفاق وٽ سنڌ جي حوالي سان ڪا ترجيح آهي، نه وري صوبائي مهندارن وٽ اهڙي نسخي جي ڪا ڳولا يا تَجَسُس آهي، نه قومپرست سياست سالن پڄاڻان سنڌ جي زخمن تي ڪي پَها رکي سگهي آهي ۽ نه وري اشوز جي سياست ڪندڙ ڌريون سنڌ جي درد جو درمان ڪري سگهيون آهن. اسان کي تسليم ڪرڻ کپي ته، انهن سمورن اَهنجن جو پهريون ۽ آخري حل ”حڪمرانيءَ“ کي سٺو بنائڻ آهي، سو جنهن عوام جي سگهه ذريعي هِي ڀوتارڪو سياسي ڪلچر پنهنجو تسلسل جاري رکندو پيو اچي، ساڃاهه وندن کي مصلحتن جا سڀ دروازا ٽوڙي اُن سگهه کي سَلهاڙڻ واري ڪوششن جو پاڻمرادو حصو بڻجي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻي پوندي.
حڪمرانيءَ جي مالڪيءَ لاءِ، جيڪڏهن اسان اکين تان پردو هٽائي ڏسون ته سنڌ جي زميني حقيقتن سان مڪمل طور ٺهڪندڙ فارمولو سينيئر صحافي ۽ نامياري تجزيه نگار علي قاضي صاحب جو ئي نظر ايندو، جنهن جو آسان لفظن ۾ نچوڙ سنڌ جي ساڃاهه وندن پاران پنهنجي سگهه ذريعي سياست ۽ اقتدار جي مالڪي ڪري پنهنجي زميني تقدير پنهنجي هٿن سان تبديل ڪرڻ آهي. اسان وٽ ”ڪجهه نه ڪجي ڪلب“ جي ميمبرن پاران اُڀاريل نراسائيءَ جو احساس به اڪثر ذهنن تي غالب رهندو رهيو آهي، پر ساڳئي وقت ۾ تاريخي طور پوئتي ڪَنڌ ورائي ڏسجي ته سماج ۾ مختلف موقعن تي جڏهن به سنڌ واسين پنهنجو گڏيل فهم ۽ حوصلو ڪتب آندو آهي، ته مروج فرسوده سياسي ڪلچر جا امين هميشه دنگ ئي رهيا آهن. ان دعوى جي ثبوت ۾ 88ع واريون چونڊون، 6 ڊسمبر 2009ع، 24 جنوري2010ع سوڌو گذريل چئن سالن کان تسلسل سان ملهايو ويندڙ” ايڪتا جي ڏهاڙن“ کي حوالي طور پيش ڪري سگهجي پيو. سنڌ ۾ معياري تبديليءَ جي ڳولائو ڪردارن جو هڪ وڏو تعداد رهي ٿو، انهن مان هڪ طبقو موجوده فرسوده سياسي ڪلچر سان سمجهوتو ڪيل نظر اچي ٿو، ٻيو طبقو ”ڪجهه نه ڪجي ڪلب“ جي ميمبرن جو آهي، جيڪو پاڻمرادو ۽ خودساخته نراسائيءَ جو مبلغ بڻيل نظر اچي پيو. ٽيون طبقو هر حال ۾ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ لاءِ ڪوشان ۽ متحرڪ نظر ايندو رهيو آهي. هن وقت سنڌ جي ساڃاهه وندن لاءِ اها خوشيءَ جي ڳالهه چئجي، جو اهو ٽيون طبقو گڏيل سگهه ۽ گڏيل محبت جي اهڙي ٻوڏ آڻڻ لاءِ، هڪ ڀيرو وري باقاعدگيءَ سان سرگرم نظر اچڻ لڳو آهي ۽ تبديلي پسند نيٽ ورڪ جي پليٽفارم تان پوري سنڌ ۾ ڇڙو ڇڙ تبديليءَ جي سفيرن کي هڪ گڏيل سگهه ۾ پروئڻ لاءِ پيرَ ڀَري اڳتي وڌيوآهي ته هن عمل کي ڀليڪار چوڻ بغير رهي نٿو سگهجي. اکين ۾ ڄمي ويل برف کي ڳارڻ لاءِ اونو رکندڙ ڪردار 22 جنوري 2012ع واري جذبي سان سٿ ۾ شامل ٿي تبديليءَ واري تصور مان، جيڪو هڪ سوچ ۽ خواب ٿي اُڀريو آهي، جنهن مان اُتساهه ماڻڻ لڳا آهن ته، ان سان اُميد جي هڪ نئين لهر ضرور اُڀرندي نظر اچي پئي. هتي اسان کي اهو وسارڻ نه کپي ته ”تبديليءَ وارو نعرو“ ڪنهن فردِ واحد جي جاگير نه آهي، اهو سنڌ جي هر ڌڙڪندڙ دِل جو آواز آهي، پر دوستن کي هن حقيقت سان اتفاق ڪرڻو ئي پوندو ته جيستائين هڪ ٻئي سان جُڙي پنهنجي حصي جو ڪم پاڻ نه ڪنداسين ۽ نقصان لاءِ پنهنجي بجاءِ ٻئي کي اڳتي ڪرڻ ۽ پاڻ بچائڻ جا جَتن ڪندا رهنداسين، تيستائين ڪو محور جُڙي نه سگهندو. محور کان بغير ۽ ڪنهن وڏي ڪم جو لائسنس ڏيڻ کان پهرين ڪو اوکو ۽ وڏو قدم ڪيئن کڻي سگهجي ٿو؟! انهيءَ ڪري سنڌ جا اُهي سمجهدار روح، جيڪي محض سنڌ ۽ ڀوتاري قوتن هٿان سنڌ جي ڏکويل عوام جي اَهنجن کي سَهنجن ۾ بدلائڻ جو جذبو رکن ٿا، انهن کي اڄ به دعوتِ عام عرض رکجي ٿي ته، اُهي اڳتي اچن ۽ سنڌ جي ڪاز کي سمجهي، ان سان جُڙيل سوچَ ۽ خُواب جي مالڪي ڪن!