سڀني سنڌي حبدارن کي اپيل ته توهانکي جيتري خبر آهي صحيح حوالن سان شيئر ڪريو ته پاڪستان ۾ سرڪاري طرح سان مُتفق رائج ڪوٽ سسٽم ڪيترو آهي، ايسٽ پاڪستان وقت ڪيترو هو ۽ هاڻ ڪيترو آهي ۽ ان جي تقسيم ڪيتري آهي. ڪنهن رائج ڪيو؟ ڇو رائج ڪيو هڪ نيوٽرل ڄاڻو ٿي ٻُڌايو ته هڪ ڪرٽيڪل مضمون لکي سگهجي ۽ ان ترتيب سان وفاق کان گهرج ڪجي ته ٻين صوبن جا جيڪي ماڻهون سنڌ ۾ رهائش پذير آهن اُنهن تي ٽيڪس لاڳو ڪجي ڇو جو هو سنڌ جا ريسورسز، پاڻي، بجلي، گئس، جايون، نوڪريون هٿايو ويٺا آهن ۽ سنڌي بک اُڃ ۽ بيروزگار ۽ لاچار بڻيو پيو آهي. ان جي ضرورت ان ڪري محسوس پئي ٿئي ته سنڌ پاڪستان جو واحد صوبو آهي جنهن ۾ نه صرف ٻين صوبن جا ماڻهون اچي رهن ٿا ۽ سنڌ جي ڪوٽا شيئر پيا ڪن ۽ انهن تي ڪو ٽيڪس ڪونهين ۽ هو سنڌ مان تعليم ۽ ٻيا فائدا به حاصل ڪن ٿا، سندن ڊبل ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ به آهن.