• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان جي چال آ چاهت اسان جو مان آ محبت

اسان جي چال آ چاهت اسان جو مان آ محبت
نه ڄاڻو پاڻ ڪا قلفت اسان جو نينهن آ نسبت
اڙي او دوکي جا دهمان مڙي وڃ تون منداين کان
اسان سنڌي صدين کان هون پڙهي ڏس تاريخ جي تربت
ولوڙيو وقت کي آهي نهوڙيو بخت کي آهي
اڙي او بدو تون بدروح رکي ڏس سنڌ سان صحبت
ڪروڙين ڪئي هو قاتل ها عربين ٿي اٿيا آهيون
اسان جو ساه آ سنڌ سان هلي ٿي پئي اڃا رغبت
اڙي مروان تون ماري سنڌ تي ڪئي آيا ڀاري
ڀڄي ويا هو هتان ڀاڙي جڏ ٿياسين سنڌ سان سهمت
ڏٺا سين ڏاڍ سڀ ارغونن تڏا ويڙهي ڇڏياسين تن
اسان سان آ اچايو جنهن ٿيو برباد ڀاڙي بت
 
Back
Top