ڪتاب سنڌ ۽ پاڪستان جي رياستي نظام ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ واري ڏينهن کان ئي سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين ۽ ڏاڍاين جو ذڪر ڪيل آهي، جن جو وڌ کان وڌ نقصان ۽ اثر سنڌ تي ٿيو آهي. سنڌ جي مالي وسيلن تي جتي هندستان کان آيل پناهگيرن جو قبضو ٿي ويو، اتي سرڪاري نوڪرين ۽ زمينن ۾ وري پنجاب جو قبضو ڪرايو ويو. سنڌين کي نوڪرين کان محروم رکڻ لاءِ پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان جي دور ۾ ڪوٽا سسٽم رائج ڪيو ويو، جنهن سان سنڌين جو مرڪز توڙي صوبي ۾ نوڪرين جي جائز حق کي وڏو ڇيهو رسيو. اڄ اها ساڳي پناهگير لابي سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم جي مخالفت ڪري رهي آهي. باوجود ان جي اڄ به مرڪز ۽ خصوصن سنڌ جي ٻهراڙيءَ واري ڪوٽا تي عمل نه ٿي رهيو آهي. وفاقي ادارن ۾ سنڌي حيران ڪندڙ حد تائين پنهنجي جائز ڪوٽا کان به گهٽ آهن. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين ڪو به فوجي سربراهه سنڌي نه رهيو آهي. ايتري قدر جو ايئر مارشل عظيم دائود پوٽو (علامه دائود پوٽي جو فرزند) ۽ حيدرآباد ڄائي سنڌي ايئر مارشل رياض شيخ جي سينيئر هئڻ باوجود، کيس فوج جو سربراهه نه بڻايو ويو. هن ڪتاب ۾ قاضي فضل الحق عشرتي اصلاحات جي سري هيٺ انگن اکرن سان ثابت ڪيو آهي ته هن ملڪ ۾ سنڌ سان ڪهڙا ويل وهايا ويا. ڪوڙن انگن اکرن، ڪوڙن ۽ هٿ ٺوڪين بهانن سان سنڌ ڄاون کي امتيازي بنيادن تي پوئتي رکيو ويو.جاڳ سنڌي جاڳ.. فيس بوڪ پيج تان ورتل