سَسُئِي حُسَينِي جيءُ منهنجو جن، اَنگڙيارو وَڍيو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
جيءُ منهنجو جن، اَنگڙيارو وَڍيو
پُڄاڻان پريُن، سبَان سَڄَو نه ٿئي.


سر حسيني "سسئي "

جيءُ = جسم، جان، بدن، دل
اَنگڙيارو = بي ترتيب، آڏو ابتو، هنڌان هنڌان
وڍئو = چيريو، ڪپيو

* محبوبن, معشوقن منهنجي جسم کي ايئين ويهي وڍيو، ڪپيو ۽ ڪوريو آهي جو ڪوبه سنڌُ ساڄو ۽ سالم ناهي.

* ڏاڍي ڪوشش ڪئي اٿم وڍيل ۽ ڪپيل عضوا ميڙي ڳنڍڻ جي پر هي گهايل جسم سڄو ٿئي ئي نٿو.

سمجهاڻي:

عاشق رڳو ڪهاڙي، بندوق ۽ گوليءَ سان نه گهائبو آهي پر محبوب جا ناز انداز، ماڻان ۽ ادائون به وڍي، ڪپي، ڪَورَي ۽ گهائي وجهنديون آهن.
وري محبوب ئي گهايل جسم کي پنهنجي پيار جا پَهَا رکي ۽ محبت جي ملم سان چاڪُ ڪندا.


پنهنجو خيال رکندا ڪيو

سائين مظفر منگي جي فيس بوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
 
10414644_10152476624328216_2369061775031256246_n.jpg
 
Back
Top