ڇا سنڌي لوڪ شاعري لساني ۽ لغوي خوبين سان ڀرپور آهي؟

'لوڪ چوڻيون ۽ پهاڪا' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2010۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    ”نرمل“ کوهارو
    ڇا سنڌي لوڪ شاعري لساني ۽ لغوي خوبين سان ڀرپور آهي؟
    جيئن ته ”لوڪ“سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ماڻهو“. اهڙيءَ ريت لوڪ ادب کي دحقاني ادب به چئي سگهجي ٿو. اهو لوڪ ادب ئي آهي جنهن ۾ عوام جي تصوير عين به عين ڇڪيل نظر اچي ٿي، جيڪا ڪنهن به وقت انهن ئي انگن اکرن ۾ ڏسي سگهجي ٿي.هي ادب عوام جي احساسن، جذبن، امنگن ۽ اُڌمن جي ڪنجي آهي.
    اهڙي طرح ”لوڪ ادب“ کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
    1. نثري حصو
    2. نظمي حصو
    1. نثري حصو: نثري حصي ۾ لوڪ ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون، جنهن ۾ نه رڳو عشق ۽ الفت جا داستان سمايل آهن، پر منجهن سورويرتا ۽ شجاعت، همت ۽ همدردي جا مثال ملن ٿا، اهي نه رڳو ريجهه، رهاڻ ۽ واندڪائي جي وندر جو سُهائيندڙ سامان آهي پر پس پرده سمجهه ۽ سياڻپ جا سبق شامل آهن.
    2. نظمي حصو: نظمي حصي ۾ لوڪ شاعري اچي وڃي ٿي جهڙوڪ: پرولي، ڳجهارت، پهاڪا، هنر، دُراهو، ڏور، ست سُرا، ڏَهَسنامو، سِنگار، ڇلڙو، مورو، ٻيلڻ، مانجهيئڙو، هو جمالو، وائي-ڪافي ۽ جهُولڻا، لولي ، ڪوڏاڻا ۽ لوڪ گيت وغيره پڻ اچي وڃن ٿا.
    لوڪ شاعري:
    هر ملڪ جي لوڪ شاعري تي ملڪي حالتن مطابق، اتي جو مڪاني رنگ رچيل هوندو آهي، مگر انهي هوندي به ڪي اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي هر انساني گروهه ۾ هر قوم جي ”لوڪ ادب“ ۾ هڪجهڙيون آهن. مثلاً هر ملڪ جي ”لوڪ ادب“۾ شاعر يا انهيءَ جو مؤجد جي شخصيت عدم موجود هوندي آهي”لوڪ شاعريءَ“جو نمونو زماني جي انقلابن ۽ تحريڪن ۾ مٽبو سٽبو، ويڙهبو، سيڙهبو اڳتي هلندو رهيو آهي. ”لوڪ شاعري“ جي ابتدا جي باري ۾ پڻ عالمن جا ڪيترا رايا آهن، چارڻن ۽ ڀٽن جو ”لوڪ شاعري“ جي تخليق ۾ نه ته به ان کي زنده رکڻ ۾ وڏو هٿ آهي.
    سنڌ جي لوڪ شاعريءَ ۾ ڪا به ٺاهه ٺوهه يا بناوت نه آهي، ان ۾ تڪلف جي ته بوءِ به ڪانهي، عام لوڪن، پنهنجي دل جي جذبن ۽ امنگن کي پنهنجي ماحول مطابق پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جي روشنيءَ ۾ روزمره جي سادي سلوني سڪ، محبت ۽ قرب سليل ۽ مٺڙي ٻوليءَ ۾ پيش ڪبو آهي. جنهن جي جهونگارڻ مان نه صرف جهانگين جا جذبات اڀرن ٿا، مگر شهرين جون دليون پڻ امنگن سان اڀريو اچن، انهن ئي گيتن ۾ لوڪن جي معصوميت سمايل هوندي آهي ۽ انهن جي گيتن ۾ سندن فن جي انتها آهي انهن گيتن ۾ سندن فني ۽ ادبي لياقت پڻ شامل هوندي آهي. سگهڙ ئي لوڪ شاعري جي زندگي جو آئينو آهن ۽ سندن تهذيب جا سرچشماآهن. (سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ- صفحو 19- الله بخش نظاماڻي)
    لوڪ شاعريءَ جي نمونن مان ڪجهه خاص قسم هيٺ ڏجن ٿا:
    (1) پرولي: ”پرولي“ادب جي صنفن مان پياري پر اهميت واري آهي، جنهن کي ڪچهريءَ جا ڪوڏيا، شوق سان ٻڌن ۽ ڀڃن، ڳجهارت جو بنياد به پرولي تي رکيل آهي، پروليءَ کي هنديءَ ۾ پهيلي، پراڪرت ۾ پهيليا، پالي ۾ پهليڪا ۽ سنسڪرت ۾ پرهيلڪا چون ٿا ته جنهن جو مطلب آهي چڱي طرح سان وندرائڻ. جنهن جو هڪ مثال هيٺ پيش ڪجي ٿو:
    ”گهر گهر ۾ ڳاڙهي ڪنوار“.
    جواب: باهه
    اڇو اڇو پاڻ سؤ کلن ساڻ.
    جواب: بصر
    (2) هنر: ”هنر“ سنڌي لوڪ ادب جي هڪ انوکي صنف آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، عقلي فن يا ڪاريگري.
    هنر جا ڪيترائي قسم آهن، پر سگهڙ پنهنجو هنر بيتن ۽ ڏوهيڙن جي صورت ۾ پيش ڪندا آهن. اُهي پنهنجي اصل مفهوم کي لڪائڻ لاءِ ڪيئي رمزون رچائيندا آهن.
    مثال طور هڪ بيت هيٺ پيش ڪجي ٿو:
    اڱڻ مٿي اوپرا، جڏهن ڏٺا تو ڏاهي،
    سَهي نه ڪيئي سسئي، توڙئو تو ڏاهي،
    پنهل وٺي ويا پاڻ سين، تڙي تو ڏاهي،
    تُرُ تون ڏاهي، ڪاهي ويا ڪيچ ڏي.
    1. ڏاهي=سياڻي.
    2. تو ڏاهي=تو +ڏانءُ+ هِي، هِي ڏان (ڍنگ، اٽڪل) تو ڏيرن جو هي ڍنگ سهي نه ڪيو.
    3. توڏا+ هي = هي توڏا (اٺ)، پنهل سان گڏ، اٺ به وٺي ويا.
    4. تو ڏاهي= تو + ڏاهين= تو + اوڏاهين.
    ”اي سياڻي سسئي، جڏهن تو اوپرا (ڌاريا) اٺ ڏٺا هئا، تڏهن تون انهن جي جاچ ته ڪرين ها. منڍ کان، شروع کان، جڏهن کان اُٺ آيل هئا، تنهن وقت کان، تو هنن جي اٽڪل سهي ڪا نه ڪئي. ڏس، اٺن سان گڏ، پنهل به وٺي ويا. هاڻ اي سسئي، تون هڪدم اوڏانهين ڪاهه.“
    (3) سينگار: لوڪ ادبي جي صنفن ۾ ”سينگار“ جي صنف وڏي اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته محبوب جي حسن و جمال، خط وخيال، باڪمال ۽ بي مثال جو بيان اهڙو ته نازڪ ۽ نفيس نموني ڪيل آهي، جو شاعرن ۽ سگهڙن جي بلند خيال ۽ ذهني ذوق جو پورو پتو پوي ٿو، ”سينگار“ جا بيت ادبي، لغوي ۽ معنوي لحاظ کان لوڪ ادب جي جان آهن.سنڌي سينگار شاعري جو اوج ۽ ڪمال اسان کي سڀ کان پهريائين سگهڙن جي سرتاج جلال کٽي جي بي بها بيتن ۾ نظر اچي ٿو.
    هنديءَ جي ڪن اديبن ۽ لغت نويسن جن ”سورهن سينگارن“ جي تشريح ڪئي آهي، تن فقط سورهن ”ظاهري هار سينگار“ ڳڻيا آهن. جيڪي هي آهن. ڪن جي خيال ۾ عورت ها ”سورهن سينگار“ هي آهن.
    چار چلنت، چار اُڏنت، چار ڦول، ڦَل چار،
    اهي سورهن سينگار، ابر نوي اٺ چار“.
    چار چلنت:
    مرگهه تُمهاري نين هِن، ڪٽ چيني بنراج،
    گهوُنگهٽ وان ڪوتُري ڪو ڊَگ چالي گجراج.
    چئن هلندڙن (جانورن) جا نالا: 1. مرگهه (هرڻ) 2. بنراج (شينهن) 3. تري (گهوڙو) 4. گجراج (وڏو هاٿي، هاٿين جو سردار)
    نين = اکيون. ڪٽ= ڪمر. چيني= سنهي. وان ڪو= ان جو. ڊگ هلڻ، چال.
    (اي محبوب) تنهنجون اکيون هرڻ جهڙيون، چيلهه شينهن جهڙي (پتلي ۽ لڪدار) ناز ۽ نخرو گهوڙيءَ جهڙو (شانائتو ۽ گنڀير) ۽ هاٿيءَ جهڙي (ڌيمي ڌيمي) لوڏ آهي.
    چار اُڏنت:
    ناس ڪڪِيلو، ڪوئل بيني، ڪنٺ هاري مور
    ڀِرون سجن ڪي شام هين، يون چمپاتي ڀونر.
    چئن اُڏامندڙ جا نالا: 1. ڪڪيلو (طوطو، چتون) 2. ڪوئل 3. مور 4. ڀونر.
    بيني= آواز، ڳالهائڻ، ڪنٺ. هاري= ڳچي واري. شام= شيام= ڪارا. يون = جئن. چمپو= گل جو قسم، جنهن جي گلن جو رنگ هلڪو پيلو ٿيندو آهي.
    نڪ طوطي جهڙو (ڪنڍو)، ڳالهائڻ ڪوئل جهڙو (مٺو)، ڳچي مور جيان (ڊگهي ۽ سنهي)، ڀرون ڪارا جي سهڻي ۽ سون ورني جهڙي تي ائين سونهن ٿا. جيئن چمپي گل تي ڀونر.
    چار ڦول:
    آڌر ڪپول گلاب هين، ڪيس سوسن ڪي ريهه
    ڪيسر آنگي، مک ڪنول اُٺ ساجن وصل لي.
    چئن گلن جا نالا: 1. گلاب 2. سوسن 3. ڪيسر 4. ڪنول.
    اڌر= چپ (خصوصاً هيٺيون) ڪپول= رخسار، ڳل. ڪيس= وار. ريهه= ليڪا. چپ ۽ ڳل گلاب جهڙا ۽ وار سوسن جي گلن جهڙا (ڪارا) گويا سنهيون ليڪون، بدن ڪيسر (گل زعفران) مثال (سهڻو ۽ سون ورتو) ۽ منهن، ڪنول جي گل جهڙو (سدا بهار ۽ هڳسان وارو).
    چار ڦل:
    ڪر ڪيلي، دُڇن آنار، اُڙي سوپاري تان،
    سٿن ڪامِني ناريل هين، آنگيا سوڀيامان.
    چئن ميون جا نالا: 1. ڪيلو. 2. انار (ڏاڙهون) 3. سوپاري 4. ناريل
    ڪر= هٿ. دڇن= ڏند. اُڙي= پير جي کڙي. تان= وانگر، جئن. سٿن= پستان. ڪامني= ڪامڻي، عورت. انگيا= عورتن جي چولي. سوڀيا= شوڀا، سونهن. مان= ۾.
    هٿ ڪيلي جي ڦريءَ جهڙا (نرم)، ۽ ڏند ڏاڙهونءَ جي ڪَڻ، جهڙا (جڙدار ۽ ڳاڙهسرا)، ۽ کُڙي سوپايءَ جيان (ننڍڙي ۽ گول) ڪامڻيءَ جا پستان سندس چوليءَ اندران ناريل جهڙا، ڏاڍي سونهن ڪن ٿا.
    ”سنگار رس“ شاعريءَ جي اهي عنوان ۽ اشعار سنڌ جي سگهڙ ڀٽن ۽ چارڻن، منچلن مڱڻهارن ۽ ٻين سجاڳ سنڌ ۾ رائج ڪيا. مغلن جي دور ۾ ”سنگار رس“ شاعري عروج کي پهتي.
    جيتوڻيڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ۽ ڊاڪٽر سنديلي صاحب پنهنجي لوڪ شاعريءَ جي ڪتابن ۾ عورتن جا هيٺيان قسم بيان ڪيا آهن. ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو اهو رايو به آهي ته انهن بيتن تي ڍاٽڪيءَ ۽ سنڌيءَ جو اثر به آهي.
    ”سڄاڻن عورتن جا چار قسم مقرر ڪيا آهن، اُهي آهن:
    پدمڻي
    چترني
    سنکڻي
    هستني (يا هسڻي)
    روايتن موجب اڪبر بادشاه، بيربل کي حرم سراءِ ۾ وٺي ويو ۽ کيس اِن ڳالهه جو جواب ڏيڻ لاءِ چيائين ته حرم جي عورتن ۾ ڪهڙي پدمڻي هئي؟ بيربل جواب ڏنو: ”ڪهي بيربل، سُني اڪبر، اِس گهر نهين نار پدمڻي“ ۽ اِن سلسلي ۾ سگهڙن بيت چيا آهن. اُنهن بيتن ۾ اڪثر چترني جي جاءِ تي ڪامني ۽ سنکڻيءَ جي جاءِ تي استري به آيو آهي. ڊاڪٽر سنديلي بيتن جي هيٺين روايت ڏني آهي، جنهن ۾ عورتن جا پار پتا ڏنل آهن.
    خوراڪ:
    پدمڻي توپان ڍاپي، مان ڍاپي، مان ڍاپي هسڻي،
    چترني اڌ پاءُ ڍاپي، ڪونڊي ڍاپي سنکڻي.
    (پدمڻي پَن جيترو کائي، هسڻي مان عزت سان ڍاپي چترين اڌ پاءَ ڍاپي ۽ سنکڻي ڪونڊا ڪونڊا چٽ ڪري وڃي).
    هلڻ:
    پدمڻي تو پلڪ چال چالي، گينگ چال هسڻي،
    چترني تولٽڪ چال چالي، ڌمڪ چال سنکڻي.
    (پدمڻي آهستي آهستي هلي، هستني (هسڻ) هاٿيءَ وانگر هلي، چترني لوڏي ۽ ناز سان هلي، سنکڻي زمين تي ڌان ڌان ۽ ڌمڪو ڪري هلندي).
    وار:
    پدمڻي تو پهپ ڪيشان، سرڙ ڪيشان هڻي،
    چترني تو لٽڪ ڪيشان، اُوڀ ڪيشان سنکڻي.
    (پدمڻي جا گل جهڙا وار، هڻسيءَ جا ڊگها چيلهه تائين، چترني جي وارن جون چڳون جدا جدا ۽ سنکڻي جا وار اُڀا هوندا).
    ننڊ:
    پدمڻي ڪي پلڪ نندرا، سڻڪ نندرا هسڻي،
    چترني ڪي مرگهه نندرا، اگهور نندرا سنکڻي.
    (پدمڻي ته هڪ پلڪ (ٽي ڪلاڪ) ننڊ ڪندي، هسڻي ست پلڪ، چترنيءَ جي هرڻ واري ننڊ تمام گهڻي ننڊ ڪندي.)
    پدمڻي تو پانچ ورسي، چار ورسي جترين،
    هسڻي تو تين ورسي، سال جڻي سنکڻي.
    (پدمڻي پنجين سال ٻار ڄڻي، چترني چوٿين سال، هستني ٽئين سال ۽ سنکڻي ته سال به سال ٻار ڄڻي).
    جاڳ:
    پدمڻي تو پوَن جاڳي، آهٽ جاڳي چترني،
    سڏ جاڳي هسڻي، اور سٽ جاڳي سنکڻي.
    (پدمڻي ته هوا جي جهوٽي تي جاڳي پوي، کڙڪي تي چترني جاڳي، سڏ سان هسڻي ۽ سٽ لوڏي سان سنکڻي جاڳي).
    (4) ڏهسنامو: لوڪ ادب، ۾ ڏهس به هڪ صنف آهي، جا سنڌي سگهڙپائيءَ جو آڳاٽو ۽ نج نمونو آهي، لوڪ ادب جي اها ئي هڪ صنف آهي، جا مواد جي نقطئه نگاهه کان بنهه ٿوري، پر نهايت قيمتي آهي. ”ڏهس“ اصل ۾ آهي، ڏهه + س= ڏهه سنسڪرت ”دشن“ آهي ۽ ”س“ نسبتي علامت آهي، يعني ڏهس واري صنف اصطلاحن، اها صنف جنهن مان هڪ اسم جا ڏهن مختلف زبانن مان ڏهه هم معنيٰ الفاظ آندل هجن. جن سان محبوب جي ڪنهن نه ڪنهن خوبي يا وصف کي ڀيٽي سگهجي. غالباً سنڌ جي سگهڙن ”ڏهسنامي“جو نالو ان وقت جي فارسي تعليم جي اصطلاحن کان متاثر ٿي اختيارڪيو. فارسي سکڻ لاءِ، ”دو وايو“، ”ٽه وايو“ ۽ ”آمدنامو“ مشهور اصطلاحي نالا هئا.
    هن صنف جي ڪاميابيءَ جو سهرو يقيني طور حضرت جلال جي سر سونهي. جلال جو هڪ بيت مثال طور ڏجي ٿو:
    1. تَمهر روُپ تُرنگ، آهن ڪنول ڪيس قريب جا
    2. سِهه ڳچي، قد سرو سنئون، ڪنونر نيف نسنگ
    3. ڦوگَرَ ڦوڳ پريانه جا، مزگان ڪيس خدنگ
    4. لڪ ليئي، ڏهر ڪپور، ڀروان ڀونر ڀونگ،
    5. تنهن سُسايا سارنگ، جُلوي ساڻ جلال.
    جلال جي هن بيت ۾ عربي، فارسي، سنسڪرت، هندي ۽ سنڌي زبانن جي لغت سمايل آهي، ۽ غالباً سندن ئي هن سِٽاءُ ذريعي سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ انوکن لفظن جو استعمال هڪ مڃيل معيار بنجي ويو.
    اهڙي طرح سان اسان کي معلوم ٿيو ته لوڪ شاعري جي مٿين صنفن وسيلي اسان جي ٻولي ۾ لساني ۽ لغوي ذخيره اندوزي ٿي ۽ ان سان اسان جي ٻولي کي تمام گهڻو فائدو پهتو، جنهن سان سگهڙن جي هر دور ۾ همت افزائي ٿيندي رهي توڙي عوام ان کي وقت به وقت داد ٿي ڏنو ۽ اهڙي ريت لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعري جي واڌ ويجهه جو عمل وقت به وقت هلندو رهيو.

    مددي ڪتاب:
    1. لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
    2. سينگار : ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
    3. ڏهس نامون: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
    5. لوڪ ادب جي ارتقا: الله بخش نظاماڻي
    6. لوڪ گيت: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    7. سنڌي سينگار شاعري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    8. هنر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ


    sindhsalamatsaathsal
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ڇا سنڌي لوڪ شاعري لساني ۽ لغوي خوبين سان ڀرپور آهي؟

    مهرباني ...................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو