سائل مهراڻ
سينيئر رڪن
ٿر تعليم کان ڇو محروم آهه؟؟؟؟؟؟؟؟!!!!!!
““سائل مهراڻ””
ڪنهن ،ڪنهن کان پڇيو آهي تھ ٿر تعليم کان ڇو محروم آهي؟ هڪڙا اچن ٿا هڪڙا وڃن ٿا . بس! هرڪو پنهنجي ۾ پورو آهي ڪي تھ ويچارا انصاف لاءِ درد ڀريون دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهن . معصوم ويچارا ٿيهلي ۽ قلم جي بدران ڪي تھ وڃي وڏيرن وٽ مجبوري تحت وڪاڻا آهن ،ڪي تھ وڃي سيٺن جي کڏين (غاليچن جو ڪم) ۾ ڦاٿا آهن ،ڪي تھ ولر وارڻ وري ڪرت سان ڳڍيل آهن ۽ ڪي تھ شهرن جي گلين ۾ بکئي پيٽ جي باهھ اجهائڻ لاءِ گند ڪچرو گڏ ڪري پنهنجو توڙي پنهنجن مائٽن جي بک اجهائندا آهن ، باقي بچن ٿا اهي آهن وڏيرن ۽ آفيسرن جو اولاد جيڪو پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٿاپڙهن، باقي وچولي طبقي وارن جا ٻار اسڪول تھ وڃن ٿا پر انهن کي اها خبر ڪونهي تھ الف ب ۾ گهڻا اکر آهن ؟ بس ! باقي استاد سڳورا اهي آهن ايماندار “ڪير ٿو پڙهائي اسان کي مهيني تھ پگهار ملي ويندو ٻيو ڇا گهرجي ااسان جو اولاد پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهايون ٿا” ڪن تھ اسڪول جو دروازو بھ ڪونھ ڏٺو آهي باقي بچن ٿا اهي آهن پڙاهئڻ وارا، تن کي تھ سياست وڪوڙي وئي آهي ، ۽انهن کي تھ جنهن جو دور هجو ٿو اهو انهن مان پئيسا ڪڍائڻ خاطر هڪ ڏينهن هڪ هنڌ ٻئي ڏينهن ٻئي هنڌ بدلي ڪري موڪلن، اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ اهڙو استاد هو جنهن جي بدلي ٿي وئي اهو منهنجي سوٽ جو استاد هو مون پنهنجي سوٽ کان پڇيو تھ ڏي خبر اسڪول ۾ پڙهائي ڪيئن آهي .چيائين ماٺ ڪري وهھ مون پڇيو ڇو؟ چيائين پڙهائي جو نالو نھ وٺ جيڪو استاد اسان کي پڙهائندو اهو بدلي ٿي ويو آهي باقي ويٺا آهن اهي صرف وات هڻڻ لاءِ ، هر ٿر واسي اهو ٿو سوچي تھ ڇا ايندڙ نسل ترقي ڪري سگهندو يا نھ ڇو تھ تعليم کي انسان جي ٽئي اک چيو ويو آهي ۽ هاڻ هن دور ۾ تعليم جو ڏيو وسامڻ جي برابر رهيو آهي ، مٿان وري ٿر ۾ ڪوئلي نڪرن جي ڪري ڌارين کي اهميت ڏني پئي وڃي ان جو سبب بھ تعليم ٿي سگهي ٿو ، ڇا اسان وٽ تعليم کي ايتري اهميت ڪونهي جيتري ٻاهرين ملڪن ۾ آهي؟ ڇا ايندڙ نسل تعليم جي زيور سان سينگاريل هوندو يا نھ ؟ اهي اهڙا سوال آهن جنجو جواب اين جي اوز NGOS) ( ڏئي سگهن ٿا ڇو تھ اهي پنهنجي ذاتي اسڪولن مان ٻارن کي مفت تعليم ڏئي رهيا آهن ۽ اڄ بھ اهو سوچن ٿا تھ ڪنهن غريب جو ٻار تعليم جي روشني سان سينگاريل هجي باقي گورنمينٽ اها آهي وڏيرن جي ور چڙهيل ،هرڪو پنهنجي ڪرسي بچائڻ ۾ پورو ۽ پنهنجا کيسا ڀرڻ ۾ پورو انهن کي ڪهڙي پرواهھ اهي ويٺا آهن اي سي ڪمرن ۾ مزا ماڻن پنهنجا ڇوڪرا پرائويٽ ادارن ۽ اسڪولن داخل ڪاش! اهي حڪمران پنهنجي پٽن ڌيئن سان جيتروپيارڪن ٿا۽تعليم لاءِ پئسا خرچ ڪن ٿا اوترو هن سڄي ديش جي غريب توڙي امير جي ٻارن سان پيار ڪري هن جي تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ تھ هي ملڪ پهنجي ترقي جون منزلون تئھ ڪري هڪ طاقتور ملڪ بينجي وڃي.
آخر ۾ اچو تھ سڀ دڻي در اها دعا گهرون تھ اسان جي ملڪ ۾ تعليم جي روشني
کي وسامڻ کان بچائي ان جي لاٽ کي اڃان بھ اونچو ڪري.”آمين”