محمد اسلم عباسي
سينيئر رڪن
جسقم ته ڪمال ئِي ڪري ڏيکاريو!
زرار پيرزادو
زرار پيرزادو
- سياست کي جنهن عوامي رنگ ۾ عوام ڏسڻ چاهي ٿو ۽ جيڪو تصور سندن اکين جي سرحدن اندر ڀٽڪندو ۽ لڇندو رهيو هو تنهن خواب کي جسقم ڪالهه گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن لاءِ پورهئي جو ڏهاڙو ملهائي ڪري ساڀيان ڪري ڏيکاريو آهي.
- جيڪڏهن سياسي پارٽيون ايئن ئي عوام ۽ پورهيت دوست ٿي ڪم ڪنديون رهن ۽ عوام کي رليف پهچائن ته پوءِ ڏسجو ته عوام کين ڪٿي ٿو پهچائي.
- جسقم واقعي به ڪالهه انتهائي دلچسپ ۽ انوکو ڏينهن ملهائي نه رڳو هڪ انتهائي خوشگوار تاثر ڏنو آهي پر هڪ مثبت پيغام پڻ ڏنو آهي جيڪو اڄ جي سياست کي نئون لاڙو ڏئي سگهي ٿو.
- جسقم جي اعليٰ قيادت پاڻ ڪالهه پورهيو ڪندي پورهئي جو ڏينهن ملهايو ۽ ان ملهايل ڏينهن کي ڏسي ماڻهن کي يقيني طور تي ڏندين آڱريون اچي ويون ڇاڪاڻ ته اڄ جي سياست اهڙن عوامي رنگن کان وانجهيل آهي.
- اسان جسقم جي نوجوان قيادت ۽ شهيد بشير قريشيءَ جي نشاني صنعان قريشيءَ جي دور ۾ ملهايل ان انوکي ڏينهن کي ان اميد سان ڏسون ٿا ته سنڌ جي قومي سياست هاڻي ان ئي عوامي رنگ ۾ پاڻ ملهائيندي رهندي.
- سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهڙي سياست اُهي سياستدان ۽ اُهي پارٽيون ئي ڪري سگهن ٿيون جيڪي سياست کي عبادت سمجهن ۽ عبادت سمجهي سياست ڪن.
عوامي آواز ....... اربع 28 مئي 2014ع، 28 رجب 1435هه