• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جسقم ته ڪمال ئِي ڪري ڏيکاريو!

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
جسقم ته ڪمال ئِي ڪري ڏيکاريو!
زرار پيرزادو
  • سياست کي جنهن عوامي رنگ ۾ عوام ڏسڻ چاهي ٿو ۽ جيڪو تصور سندن اکين جي سرحدن اندر ڀٽڪندو ۽ لڇندو رهيو هو تنهن خواب کي جسقم ڪالهه گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن لاءِ پورهئي جو ڏهاڙو ملهائي ڪري ساڀيان ڪري ڏيکاريو آهي.
  • جيڪڏهن سياسي پارٽيون ايئن ئي عوام ۽ پورهيت دوست ٿي ڪم ڪنديون رهن ۽ عوام کي رليف پهچائن ته پوءِ ڏسجو ته عوام کين ڪٿي ٿو پهچائي.
  • جسقم واقعي به ڪالهه انتهائي دلچسپ ۽ انوکو ڏينهن ملهائي نه رڳو هڪ انتهائي خوشگوار تاثر ڏنو آهي پر هڪ مثبت پيغام پڻ ڏنو آهي جيڪو اڄ جي سياست کي نئون لاڙو ڏئي سگهي ٿو.
  • جسقم جي اعليٰ قيادت پاڻ ڪالهه پورهيو ڪندي پورهئي جو ڏينهن ملهايو ۽ ان ملهايل ڏينهن کي ڏسي ماڻهن کي يقيني طور تي ڏندين آڱريون اچي ويون ڇاڪاڻ ته اڄ جي سياست اهڙن عوامي رنگن کان وانجهيل آهي.
  • اسان جسقم جي نوجوان قيادت ۽ شهيد بشير قريشيءَ جي نشاني صنعان قريشيءَ جي دور ۾ ملهايل ان انوکي ڏينهن کي ان اميد سان ڏسون ٿا ته سنڌ جي قومي سياست هاڻي ان ئي عوامي رنگ ۾ پاڻ ملهائيندي رهندي.
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهڙي سياست اُهي سياستدان ۽ اُهي پارٽيون ئي ڪري سگهن ٿيون جيڪي سياست کي عبادت سمجهن ۽ عبادت سمجهي سياست ڪن.
عوامي آواز ....... اربع 28 مئي 2014ع، 28 رجب 1435هه
 
اها اهڙي شروعات آهي جنهن جي تعريف ڪرڻ سان گڏ ساٿ ڏيڻ گهرجي ... ڪاش اسان جون تنظيمون ڀتي خور ڪلچر کي الله واهي چئي ماڻهن سان گڏ هجن ۽ محنت جي جوت جلائين.
 
Back
Top