ڊي ايس پي پيو ڳالهيان

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ALI AKBAR SHAR طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2014۔

  1. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    شام جو ٽائيم هيو بجلي به بند ڪسٽمرس جي به رش هوئي. سي سي آر ڪائونٽر ته آفيشل فون تي هڪ ڪال آئي جنهن سان سعيد لاڙڪ ڪجهه دير تائين ڳالهه ڪئي پوءِ مون ڏانهن فون موڪليان ته ڊي ايس پي صاحب جو فون آهي. مون نمبر کي ڏٺو ۽ پنهنجي انداز ۾ حال حوال ڪرڻ کان پوءِ پوڇومانس سائين اسان توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهو ٿا.
    چيائين پٽ توهان موبي ڪيش ڪندا آهيو
    ها سائين
    15000 جا چارجز ڇا آهن
    مون چيو 450 رپيا آهن
    ڊي ايس پي: موڪلڻ جو طريقار ڪهڙو آهي
    مون چيو سائين جيڪو موڪلي رهيو آهي ان جو فون نمبر ۽ شناختي ڪارڊ نمبر ۽ جيڪو وٺي رهيو آهي ان جو فون نمبر ۽ شناختي ڪارڊ نمبر لازمي آهي.
    چيائين پٽ مان فيلڊ ۾ آهيان پئسا مونکي گهر ڏانهن جلدي ۾ موڪلڻا آهن شناختي ڪارڊ نمبر توهان کي ايس ايم ايس ڪري رهيو آهي. فون ڪال بند ٿي وئي
    هڪ منٽ جي اندر شناختي ڪارڊ مونکي ايس ايم ذريعي ملي ويو. مان بيڪ ڪال ڪري پڇومانس ته سائين اسان کي پئسا ڪير ڏيندو.
    چيائين پٽ جيڪو توهان کان سپاهي نمبر وٺي ويو هو ان کي مان ڪال ڪري چوان ٿو هو توهان کي پئسا ڏيندو
    چيو مانس ته سائين هڪ منٽ هولڊ ڪيو
    مون پنهنجي سي سي آر کان پڇو توهان کان ڪهڙو سپاهي نمبر وٺي ويو هو.
    سي سي آر جواب ڏنو حاجي عاشق آيو هو نمبر وٺي ويو آهي.
    مان چيو ٺيڪ آهي.
    جئين فون بند ڪيو بابا وارا ليڪچر ياد اچي ويا ۽ جيڪي روز ويچارن ڪسٽمرس سان محترمه بينظر ان ڪم سپورٽس پروگرام جي ڪري لالڇ ۾ جعلي ماڻهن کان فون ذريعي ڦرجي اچن تا اهي ياد اچي ويا فورن پنهنجي منيجر کي اطلاح ڏنو. ايتري ۾ ٻهير ڊي ايس صاحب جو فون آيو پسئا موڪليا يه ڪون
    مون چيو سائين سسٽم خراب آهي. منيجر سان ڳالهه ڪيو
    منيجر هيلو ڪري ڪا ڳالهه ٻڌڻ کان پهرين چيائين سائين توهان جي لاءِ عزت آهي پهرين اسان کي پئسا ملندا پوءِ اسان توهان ڏنهن موڪليو ٿا. يه سپاهي جو نمبر ڏيو اسان پاڻ ان سان ڳالهه ڪيو ٿا. هو ڪٿي آهي. ائين چوڻ سان ڊي ايس پي صاحب فون بند ڪري ويو.
    انڪوئري جي لاءِ اسان عاشق کي فون ڪيو توهان کان اسان جو فون نمبر ڪنهن گهريو هو هن چيو ايس پي آفيس جو ريڊر هو جنهن توهان جو نمبر نه پر سڀ فرنچائزن جا نمبر گهريا هئا. اسان ان کي سڃي ڳالهه ڪري ٻڌائي سين هو ويچارو پاڻ پريشان ٿي ويو.
    مون پنهنجي سينئر سي سي آر سعيد لاڙڪ کي چيو 15000 ڪو وڏو مسئلو ڪون هو جيڪا سڃي عمر خواري اچي ها مان ان جو سوچي تمام گهڻو پريشان ٿي رهيو آهيان.
    حقيقت ۾ مان ڊي ايس پي جي فون ڪال کان سو سيڪڙو مطمئن ٿي ويو هم انهي ڪري به اسانجو فرانچائز آنر سياسي توڙي سماجي خدمت سان گڏ پوليس وارن سان به سٺا تعلقات آهن. بهرحال مان پاڻ انهي سبق مان وڌيڪ سکڻ چهيان ٿو ڇو جو اڃ ڪلهه ڪنهن کي به بيوقوف بڻائڻ آسان آهي،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو