شاعريءَ بابت اعليٰ پايي جي مفڪرن جا نظريا

'سنڌي ادب' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2010۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    69
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    ”نرمل“ کوهارو
    شاعريءَ بابت اعليٰ پايي جي مفڪرن جا نظريا:
    تعارف :
    ڪويل ڪوڪي رات جو، ڪوڪ وراڻي بن،
    لُڏيا پپل پن، تارن ڇنڀيون اکيون.
    ڪنهن به ”شخصيت“ جي بُڻ بنياد جو ڏس پتو ٻڌائڻ ته ڏاڍو سولو ڪم آهي، پر اُن جو پيرائتو بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. شخصيت جو بڻ بڻياد خانداني حالتون ۽ روايتون به ٿي سگهن ٿيون، آسپاس جو مخصوص ماحول به ٿي سگهي ٿو ۽ ڪو غير معمولي واقعو يا خاص فرد به ٿي سگهي ٿو: يا وري اهي سموريون يا ڪجهه ڳالهيون گڏجي ڪنهن جي شخصيت جي ابتدائي تشڪيل ڪن ٿيون. تمام ٿورين حالتن ۾ ڪي شخصيتون، پنهنجي خاندان ۾ ماحول جي اُبتڙ، رڳو پنهنجي فڪر ۽ احساس جيي سهاري سجاڳ ٿيون. هونئن ته هر ڪنهن بنياد مان غير معمولي ماڻهو مٿي اچن ٿا، پر جيڪي شخصيتون پنهنجي اندر جي اُٿل سان اُڀرن ٿيون، سي وڌيڪ جاندار ۽ شاندار ثابت ٿيندا آهن. ٻئي ڪنهن به بنياد وارا زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي ۾ ڪنهن نه ڪنهن معاملي تي مصلحت کان ڪم وٺي سگهن ٿا، پر پوئين قسم جي بنياد وارا مرڻ گهڙيءَ تائين اٽل ۽ اڏول رهندا آهن. تنهن مان هڪ معتبر، اعليٰ ۽ اُتم نالو نالو افلاطون جو به پڻ آهي.
    شاعريءَ بابت مفڪرن جا رايا:
    افلاطون:
    يونان هڪ اهڙو منفرد ملڪ آهي جنهن جا علم ۽ فن محفوظ رهي سگهيا آهن، ان ڪري جڏهن به ڪنهن علم يا فن جي تاريخي سلسلي جي ڇنڊڇاڻ ڪبي آهي ته سلسلو يونان کان کڻبو آهي. يونان ۾ پڻ ڪيترائي شاعر ٿي گذريا آهن جن مان ڪن اهم شاعرن جا نالا هي آهن: ارسطو، افلاطون، سقراط، ، هومر، هيئسڊ، پنڊار،جورجيس ۽ ارسٽوفينز شامل آهن. افلاطون جيئن ته ننڍپڻ کان ئي ذهين هو، ان ڪري هُو پنهنجي ملڪ جي سياسي، پنگتي ۽ سماجي حالتن جو ڳوڙهو اڀياس ڪندو رهيو. اٿنس جي ’سِسلي‘ سان جنگ ۽ ان جا اثرات، ملڪ جي اندروني وڳوڙ، رعيت جو حڪومت تي قبضو، سادگي ۽ صلح سانت جي بدران ڏڦيڙ ۽ عيش عشرت، ملڪ جو وڻج واپار، بندر ۽ بازاريون، بک ۽ بيڪاري، ظلم ۽ زوراوري مطلب ته هر ڳالهه تي افلاطون جي اک هئي، انهيءَ ڪري هڪ سڄاڻ چترڪار جيان هن انهن منظرن کي پنهنجي علمي ڏاهپ ۽ شعور وسيلي کين شاعري وسيلي عملي جامو پهرايو.
    جيڪا شاعري ۽ ادب پنهنجي اهميت هر سماج ۾ قائم رکي، هر قوم ۾ انهيءَ جي ساڳي اهميت هجي جيڪا شاعري بدلجندڙ زماني ۾ به ساڳي هجي مشهور هجي جيڪو ادب ڪائناتي اصولن جي روشني ۾ کنيو وڃي ۽ ايندڙ زمانن تي مشتمل هجي. جيڪو ادب ۽ جيڪا شاعري دنيا جي باوجود پنهنجو سفر قائم رکندي اچي اهو ادب يا شاعري پنهنجي عهد ۾ اهڙا فڪري ۽ فني بنياد قائم ڪري جن تي آئيندي جو ادب تخليق ٿي سگهي يا شاعري سرجي سگهي تنهن کي ڪلاسيڪي شاعري چئبو آهي.
    شاعري انسان جي بنهه شروعاتي دؤر جي جمالياتي عمل سان گڏوگڏ آڳاٽو تخليقي عمل به سڏجي ٿي. انسان جي انهيءَ لطيف ترين اظهار جي نموني بابت ڪيترائي نظريا مروج آهن. شاعريءَ جو هڪ قديم نظريو اهو هوندو هو ته ”شاعر خدا جو شاگرد آهي.“ انهيءَ مقولي جو بنياد ”تلميذ الرحمان“ جو اصطلاح آهي. معنيٰ ته شاعر جيڪي ڪجهه چوي ٿو سو کيس خدا طرفان سيکاريل آهي. ڪجهه اهڙو ئي تصور يورپ ۾ به رهيو آهي ته اها ملڪوتي جبروتي شيءَ آهي ۽ (Divine force) يا خدائي قوت آهي.
    افلاطون جي شعر جي چواڻي مطابق ته:
    ” شاعر هڪ روشني آهي ۽ اڏامڻ وارو پاڪ وجود آهي جيڪو ان وقت تائين تخليق نٿو ڪري جيستائين الهامي قوت مٿس غالب نه اچي وڃي ۽ هو پنهنجا حواس زائل نه ڪري ۽ عقل بنهه غائب نه ٿي وڃي. جيستائين هو اهڙي جذب ۽ مستيءَ جي عالم ۾ نٿو اچي تيستائين اها قوت نٿي اچيس ۽ پاڻ تي ٿيندڙ الهام کي لفظن جي روپ ۾ پيش نٿو ڪري سگهي. اهي ڏاڍا شاندار لفظ هوندا آهن جن ۾ شاعر انسان پيدا ڪو نه ٿا ڪري سگهن. صرف شاعريءَ جي ديوي منجهن انهيءَ الهاميءَ قوت کي بيدار ڪندي آهي. انهيءَ ڪيف ۽ مستيءَ واري ڪيفيت ۾ هو ڪو جوشيلو ڀڄن لکندا آهن، ڪو آئمبڪ (Iambic) شعر ٺاهيندا آهن. جيڪو هڪڙي صنف ۾ بهتر هوندو آهي سو ٻيءَ ۾ اها طاقت نه رکندو آهي. ڇو ته شاعر فن جي سکيا سان نه بلڪ آسماني قوت سان شعر چوندا آهن.“
    يونان ۾ عام خيال اهو هو ته شاعريءَ جي ديوي (Muse) ڪن ماڻهن ۾ اهڙي قوت پيدا ڪندي آهي جيڪا کانئن شاعري ڪرائيندي آهي. هڪ مشهور روايت آهي ته مشهور يوناني شاعر هيسئڊ کي هيليڪان جبل تي زيتون جي ٽاري هٿ ۾ ڏيئي ديووينيا مقدس دوشيزائن اهڙي قوت ڏني جنهن هو پنهنجو ڪلام ڳائي سگهي.
    يوناني فلسفي افلاطون پنهنجو وجدان وارو نظريو (Theory of Institution) ڏنو جنهن ۾ چيائين ته روح مثاليت (Ideality) کي جڏهن پاڻ ظاهر ڪرڻو هوندو آهي ته پوءِ اها ڪنهن اهڙي وجود کي ڳوليندي آهي جيڪو کيس ظاهر ڪري. اهو وجود ”شاعر“ جو هوندو آهي.
    روم ۾شاعرن کي ويٽس (Vates)چيو ويندو هو جنهن جي معنيٰ پيشن بين يا پيغمبر آهي، يعني اهي جيڪي اڳواٽ ڏسي سگهن.
    فارسيءَ ۾ هن شاعريءَ کي پيغمبريءَ جو جزو ڪوٺيو ويو آهي.
    ”شاعري جرويست از پيغمبري“
    سنڌيءَ ۾ شاهه لطيف پنهنجن بيتن کي پيغام نشانيون يا آيتون چيو آهي:
    ”جي تون بيت ڀانئيان سي آيتون آهين“.
    سچل سرمست دعويٰ ڪئي ته هو جيڪي ڪجهه به چوي ٿو سو کانئس چوايو وڃي ٿو:
    ”من نمي گويم، يار مي گويد بگو“.
    (مان نٿو چوان، منهنجو يار ٿو چوي ته چئو)
    اردوءَ ۾ غالب چيو آهي ته:
    ”آتي هين غيب سي يه مضامين خيال مين“
    ساميءَ به ائين ڄاڻايو ته:
    ”ويدن جا ويچار سنڌيءَ ۾ سڻايم“
    انهن قديم شاعرن کان سواءِ اسان جو جديد دور جو شاعر شيخ اياز به ڏات جي ديويءَ جي وجود جو قائل ٿو محسوس ٿئي ۽ هو شاعريءَ جي ڪيفيت کي الهامي ٿو سمجهي، هڪ هنڌ وري هيئن به چيو اٿس:
    اي ڏاتار تون مون کي ايتري ڏات ڏين ٿو جو مان اها ٻڪ ۾ جهلي به نٿو سگهان.“
    اهڙيءَ ريت فن ۽ شاعريءَ جي باري ۾ ٻه واضع نظريا موجود آهن. هڪ نظريي موجب اها الهامي شيءِ آهي، ۽ ٻئي پٺيان شعوري، عمل، جنهن جو بنياد تحت الشعور ۽ لاشعور آهن. اهي ٻئي نظريا هن وقت تائين اسان جي شاعرن توڙي نقادن وٽ قابل قبول آهن، سادن سولن لفظن ۾ هيئن چئي سگهجي ٿو ته فن (شاعري) هڪ اهڙي قدرتي تخليقي ڏات آهي جيڪا ڪن ٿورن ماڻهن کي قدرت طرفان مليل هوندي آهي، انهيءَ ڏات کي هر ڪو فنڪار (شاعر) پنهنجي ماحول ۽ زماني جي شعور سان لاڳاپي، فني سکيا ۽ ٽيڪنيڪي ڄاڻ ذريعي بهترين طريقي سان ظاهر ڪري ٿو.
    دنيا ۾ جيڪڏهن شعر جي شروعات کي ڏسبو ته سڀ کان اول حضرت آدم پنهنجي پٽ هابيل جي قتل ٿيڻ تي شعر چيو ان کان پوءِ ايران جي فارسيءَ ٻوليءَ ۾ بهرام گور پنهنجي شڪار جي خوشي ۾ چيو، اهڙي طرح دنيا جي مختلف ٻولين ۾ شعر جي ابتدا ٿي.
    شاعر لفظ جي لغت جي معنيٰ کان نياز ٿي وڃي ٿو. لطيف ”الله“ جي لاءِ لفظ ”آگو“ بيان ڪيو آهي. شاعر جنهن نموني سان لفظ استعمال ڪري ٿو، اهو ئي اصل ۾ شاعر ٿي سگهي ٿو.
    جيڪڏهن اسين شعر جي ساڃاهه کي ”سونهن جي ساڃاهه“ يا ادراڪ چئون، ”سونهن جو احساس“ چئون يا اهڙو هڪ عمل يا سرگرمي چئون ۽ انهيءِ ڳالهه کي بنا ڇنڊڇاڻ جي ڇڏي ڏيون ته به ڳالهه پوري ٿي ويندي پر بدقسمتي سان گهڻا ماڻهو مطمئن ڪو نه ٿيندا ڇو ته اهي ان ڳالهه جا قائل آهن ته شعر جي ڪشش، ڇڪ يا اپيل جي ڪري جذبن ۾ هلچل پيدا ٿيڻ سان به شعر جي ساڃاهه واري معنيٰ لاڳو آهي.
    شاعريءَ جي اهڙين خوبين (ڪشش يا اپيل) تي زور ڏيڻ سان اسان کي وزن بحر جي پورائي، ترنم جي سونهن ۽ لفظن جي ميٺاج ۽ تجنيسن وغيره جي سونهن جي اعليٰ مثالن جي باري ۾ سوچڻ ۽ ڳالهائڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي جڏهن ته اهي سموريون ڳالهيون ڪنهن به نظم جي مڪمل تناسب کي بگاڙي اسان جي توجهه شعر جي ساڃاهه جي وڌيڪ اهم پهلوءَ کان پري ٿيون ڪري ڇڏين، جيڪو ڪنهن ڀرپور تجربي جي وحدت سان لاڳاپو رکندا آهن.
    اسان کي شعر جي اهڙين سمجهاڻين مان مطمئن ٿيڻ نه گهرجي جن جو تعلق محض ڳالهه ٻڌائڻ، تعريف توصيف ڪرڻ ۽ مختلف خوبين مان اڀرندڙ جذبن احساسن جي رد عمل سان هجي پر انهن ڳالهين کان سواءِ به وڌيڪ اطمينان ڏيندڙ ڪيتريون ٻيون ڳالهيون ضروري آهن، ڇو ته شعر جي ساڃاهه ۽ پرک ايتري آسان ڳالهه ڪانهي بلڪ اهو هڪ غير راوجي پيچيده سرگرمين ۽ لاڳيتو سلسلو آهي.
    شاعريءَ ۾ محض جذباتيت يا لفظن جي ترنم کي ڳولڻ ٻاراڻي ڳالهه ٿيندي ۽ اهڙو جمالياتي ذوق پڻ ٻاراڻو ليکبو.
    جيئن لاريمر چيو آهي ته:
    ”باشعور زندگيءَ ۾ شاعري محض بي انت جذباتي ڪيفيت ۽ ابتدائي ترنم تائين محدود ڪا نه هوندي آهي بلڪ ان ۾ تمام ڳوڙهو فڪر انگيز تجسس ۽ فني اصول شامل هوندا آهن.“
    شيلي جي چواڻي مطابق ته:
    ”ڇا توهان شاعريءَ ۾ پڙهيل ڪارنامن سبب جوش ۽ ولولي سان نٿا ڀرجي وڃو ۽ توهين پاڻ کي اٿيڪا يا ٽراءِ ۾ محسوس نٿا ڪريو، يا شاي جتي چاهي توهان کي نٿي کڻي وڃي؟“.
    جيئن ته ڊاڪٽر ليوس شاعرن لاءِ چيو آهي:
    ”شاعر عام انسان کان وڌيڪ غير رواجي طرح حساس، وڌيڪ سڄاڻ ۽ وڌيڪ خلوص پنهجي ذات سان سچا هوندا آهن.“
    ٻيو ته عام ماڻهوءَ جو دماغ عمومي، ان جا تصور غير منظم، بي ترتيب ۽ گهٽ پختا هوندا آهن. سندس احساس سطحي ۽ عارضي هوندا آهن ۽ هو پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن کي شاعر وانگر نزاڪت سان پر اهميت ڏئي پيش ڪرڻ جي صلاحيت ڪو نه رکندو آهي ۽ ان جو دماغ ڪنهن به ترنم جي پوئواري ڪري ڪو نه سگهندو آهي ۽ هو ڍلي ڍالي نموني سوچيندو آهي.
    طبقاتي سماجن ۾ فن جو ڪردار مختلف هوندو آهي، فن ۾ جيڪا اثر وجهڻ جي سگهه آهي انهيءَ کي طبقاتي جدوجهد جو هٿيار بنائي سگهي ٿي، ان سان سماجي آدرش حاصل ڪرڻ ۾ مدد وٺي سگهجي ٿي. اهڙو شاعري ڏيندڙ شاعر ڪميٽيڊ هوندا آهن. هو صدقات ۽ تاريخ جي معروضي تقاضائن جي اثر هيٺ رجعت پرست قوتن جي خدمت کان انڪار ڪري ڇڏيندا آهن ۽ عام ماڻهوءَ مان ٻانهپ، غلامي ۽ زيردستيءَ جو احساس ڪمتري ڪڍڻ لاءِ چوندا آهن:
    ٻانهون ڀانءِ مَ پاڻ تون ئي آهين مالڪ ملڪ جو.“
    وارو متو رکندا آهن. هو سچائيءَ، زندگيءَ سان گهري وابستگي، انصاف ۽ عقل جي فتح جو يقين رکي لکندا آهن، يونيورسل يا آفاقي بڻجي سگهندا آهن. شيڪسپيئر، گوئٽي، رومي، ٽالسٽاءِ، گروڪي، غالب، شاهه، سچل ۽ اياز هر دؤر ۽ هر هنڌ هڪجهڙي اهميت رکڻ جهڙا فنڪار آهن. ان جو سبب صداقت جي عڪاسيءَ ۾ سچائي، گهرائي، عوام سان ويجهائپ، زندگيءَ جي فنڪارانه تصوير ڪشي ۽ سموري دنيا جي ترقي پسند راويتن کي پنهنجو ڪرڻ چئي سگهجي ٿو. ڪو به شعر ٻن قسمن جا تجربا پيش ڪري ٿو هڪ پاسي ڪهاڻي، دليل، فڪر بيان هوندا آهن جيڪي لفظن تي گهڻي توجهه ڏيڻ کان سواءِ بنا گهڻو غورڪرڻ جي ۽ بنا ڪنهن شعوري ڪوشش جي محسوس ڪري سگهبا آهن. ٻئي پاسي وري اهو ”تصور“ هوندو آهي جنهن سان شعر جا سمورا لفظ، انهن جيترتيب ڊيگهه ويڪر ڏسي، انهي اظهار ڪريل فڪر، تخيل جو شعور حاصل ڪري انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪبي آهي. ٻنهي تجربن ۾ فرق لفظن جي پڙهندڙ وٽ اهميت موجب هوندو آهي، اهو ٻيو تجربو ئي آهي جيڪو گهرو اطمينان ۽ سڪون بخشيندو آهي جنهن کي اصل ۾ شعوري تجربو (Poetic Experience) چئي سگهجي ٿو.
    ارسطو جو شاعريءَ مطابق نظريو:
    ”اسين سڀ قدرتي طرح سان نقل يا ترجماني مان مزو وٺندا آهيون، اهو ئي سبب آهي شاعريءَ ۾ اسان جي دلچسپيءَ جو.“
    ڊاڪٽر ليوس جي چوڻ موجب ته:
    ”شاعر عام انسان کان وڌيڪ غير رواجي طرح حساس، وڌيڪ سڄاڻ ۽ وڌيڪ پر خلوص ۽ پنهنجي ذات سان سچا هوندا آهن.“
    ڊبليو ايمپسن جي مطابق ته:
    ”شاعريءَ کي سمجهڻ نالو آهي انهيءَ عمل جو جنهن جي ذريعي اسين انهيءَ تخليق کي پنهنجي ذهن ۾ ٻيهر جوڙي سگهون ٿا.“
    ميڊيڪس هيوفر شاعريءَ بابت رايو ڏنو هو ته:
    ”شعر نالو آهي نادر لفظن جي مجموعي جو.“
    گريول ڪڪ جو چوڻ آهي ته:
    ”اسان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته شعر ۾ اندرموجود خيال اسان کي غير معمولي نوعيت جو ذهني ۽ فڪري تجربو مهيا ڪري ٿو. جنهن جي غير معمولي سونهن شاعر جي خيال پيش ڪرڻ واري اعليٰ صلاحيت تي منحصر آهي ۽ ان تجربي کي نواڻ، تازگي ۽ موزونيت واريون خوبيون لفظ ڏيندا آهن.“
    پروفيسر وائيٽ بيڊ جي چوڻ موجب :
    ”طبيعت جي خوشيءَ لاءِ تخيل کي ماڻڻ جي افاديت تڏهن حاصل ڪرڻ ممڪن هوندي آهي جڏهن وجدان جي عميق گهرائي تائين پهچي سگهبو آهي.“
    جيئن ورڊس ورٿ اسان کي شاعري ۾ تخيل بابت خبردار ڪري ٿو ته:
    The Voice which is the voice of my poetry, without imagination cannot be heard.
    مطلب ته: ”منهنجي شاعريءَ جو جيڪو آواز آهي اهو تخيل بنا ٻڌي ڪو نه سگهبو.“
    هاروي جي نظم ڊڪس مان هي چند سٽون اخذ ڪيل آهن هاروي چوي ٿو ته:
    But if you go too near
    They look at you through black
    Small topaz tinied eyes
    And wish you ill.
    پر جي تون گهڻو ويجهو وڃين ٿو،
    ته اهي تو ڏانهن نهارين ٿيون،
    ننڍڙين ڪارين پکراج اکين سان،
    ۽ تو لاءِ برو چاهين ٿيون.
    سنڌيءَ شاعريءَ جو هڪ مثال ڏجي ٿو:
    ڪويل ڪوڪي رات جو، ڪوڪَ وراڻي بن،
    لُڏيا پپل پن، تارن ڇنڀيون اکڙيون.
    ورڊس ورٿ ڪيتري يقين سان چيو هو ته:
    ”شعر جذبن جي اظهار جو ٻيو نالو آهي.“ انهيءَ جاءِ تي انهيءَ لفظ کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته ڪولرج وري هيئن چيو ته:
    ”جذبي يا اُڌمي (Paisson) مان مراد اها ڪيفيت آهي جيڪا حواسن جي قوت ۽ احساستي سگهه سان تحرڪ پيدا ڪري.“
    ايڊنگٽن جي چوڻ موجب:
    ڪيترائي نقاد ڪنهن شاعر جو قدر ۽ قيمت سندس لفظن جي شور ۽ گوڙ مان مقررڪرڻ چاهيندا آهن ڄڻ ته شاعري ڪو صوتي عمل هجي.“
    شعر مطابق ڊبليو پيڪر جو چوڻ آهي ته:
    ”خيال کي لفظن جي موسيقيءَ تي نچڻ گهرجي ۽ جيڪي فطرتي خيال شاعر جي خوابن ۾ لهي اچن ٿا اهي لفظن کي به نچڻ تي مجبور ڪن ٿا.“
    bhali kareaya
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شاعريءَ بابت اعليٰ پايي جي مفڪرن جا نظريا

    تمام سهڻا خيال ۽ تمام سهڻي سمجهاڻي آهي ۔۔۔ شاعري جيئن ته اندر جي اڌمن جو آواز آهي ۽ آواز بنا لفظن جي ٿيندو ته مصوري ٿي پوندي، يا ڪو ٻيو ڪمال ٿيندو پر جڏهن اندر جي اڌمن کي لفظ ملن ۽ اهي به ڪنهن ترتيب سان سمويل هجن جو انهن مان ترنم نڪري نروار ٿئي ته شاعري سڏائبي ۽ جي اهي لفظ ترتيب کان علاوه ڪنهن ترنم واري لپي ۾ نه هوندا ته آکاڻي ٺهندي يا افسانو ٺهندو ۔۔۔ يا وري اڃان ڪو ٻيو شاهڪار ۔۔۔

    مطلب ته انسان جي اندر جا اڌما سهڻا هوندا يا ڪوجها ته اظهار به اهڙو ئي ٿيندو آهي ۔۔۔ جي شاعري پاڪ ۽ پوتر جذبن جي اظهار جي هجي ته عبادت ٿيو پوي ۽ جي فحش، ڪاوڙ ۽ ڪوڙ جي جذبن جو اظهار ڪندي هجي ته شيطان جو هٿيار ٿيو پوي، انڪري اسانکي شاعري ڪرڻ وقت سماجي اخلاقن کي ۽ شخصي تخيل کي وڌائي ان منزل تي رسائڻو پوندو جنهن منزل تي لطيف هو، جنهن منزل تي رومي هو يا جنهن منزل تي سچل هو يا وري دنيا جا ٻيا عظيم شاعر رسيل هئا ۔۔۔

    مهرباني دوست، اهڙيون سمجهاڻيون پيا موڪلجو ته من اسانجهڙا ٻيا دوست پڻ لاڀ حاصل ڪن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو