ڇِپُن ڇِنَا پيرَ، هَلي هَلي ماءِ ! ڪوهياري جَي ڪَاءِ ، ڳنيَو ڀُڻان ڳالڙي. سر حسيني " سسئي " ڇپُن = پهڻن، پهاڙن، جبلن ڇنَا = ڦٽيا، زخمي ڪيا، رتورت ڪيا ماءِ = او جيجل ماءُ ڪوهياري = ڪوهستان ڏي ويندڙ پنهون ڪاءِ = جي ڪري ڳنيو = ياد ڪيو ڀُڻان = هلندي هلان ڳالڙي = ڳالهيون، يادگيريون * او منهنجي جيجل ماءُ هنن پهڻن تان پنڌ ڪندي ڪندي هاڻي ته منهنجا پير ڦٽجي پيا هن، زخمي ٿي پيا هن، پيرن مان رت پيو ڳڙي. * پر پوءِ به پنهل سان ڪيل ڳالهين ۽ وچن کي ورجائيندي اڳتي وڌندي رهان ٿي. سمجهاڻي: * محبوب ۽ منزلن جي ڳولائن کي راهه هلندي سخت تڪليفن ۽ مصيبتن کي مُنهُن ڏيڻو پوندو آهي. پوءِ به محبوب ۽ منزلون ماڻڻ لاءِ ۽ وچن کي پاڙڻڻ لاءِ قربانيون ته اوس ڏيڻيون ئي پونديون. پنهنجو خيال رکندا ڪيو مظفر منگي صاحب جي في بوڪ وال تان ورتل