ڇِپُن ڇِنَا پيرَ، هَلي هَلي ماءِ !

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڇِپُن ڇِنَا پيرَ، هَلي هَلي ماءِ !
ڪوهياري جَي ڪَاءِ ، ڳنيَو ڀُڻان ڳالڙي.


سر حسيني " سسئي "

ڇپُن = پهڻن، پهاڙن، جبلن
ڇنَا = ڦٽيا، زخمي ڪيا، رتورت ڪيا
ماءِ = او جيجل ماءُ
ڪوهياري = ڪوهستان ڏي ويندڙ پنهون
ڪاءِ = جي ڪري
ڳنيو = ياد ڪيو
ڀُڻان = هلندي هلان
ڳالڙي = ڳالهيون، يادگيريون

* او منهنجي جيجل ماءُ هنن پهڻن تان پنڌ ڪندي ڪندي هاڻي ته منهنجا پير ڦٽجي پيا هن، زخمي ٿي پيا هن، پيرن مان رت پيو ڳڙي.

* پر پوءِ به پنهل سان ڪيل ڳالهين ۽ وچن کي ورجائيندي اڳتي وڌندي رهان ٿي.

سمجهاڻي:

* محبوب ۽ منزلن جي ڳولائن کي راهه هلندي سخت تڪليفن ۽ مصيبتن کي مُنهُن ڏيڻو پوندو آهي. پوءِ به محبوب ۽ منزلون ماڻڻ لاءِ ۽ وچن کي پاڙڻڻ لاءِ قربانيون ته اوس ڏيڻيون ئي پونديون.

پنهنجو خيال رکندا ڪيو

مظفر منگي صاحب جي في بوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top