عاشق علي سومرو
سينيئر رڪن
اسان سنڌي سنڌ جيجل سان پيار ڪرڻ وارا آهيون، اسان کي سنڌ سان چاهه به آهي پر اسا سنڌ جي اديبن، صحافين جي مٿان ظلم ڪندڙن خلاف هڪ آواز ڇو نه ٿا اٿاريون، اهي سنڌي صحافي جيڪي اسان جي سنڌ لا ڪافي ڪجه ڪري رهيا آهن انهن مٿان وري پوليس جا ڪامورا ظلم ڪري انهن جو آواز دٻائڻ چاهن ٿا. هڪ اهڙو افسوس ناق واقعو نوشهرو فيرز جي سينئر صحافي امتياز علي سومرو سان پيش آيو. هن صحافي کي سچ لکڻ جي عيوض ايس ايڇ او نوشهرو فيروز صحافي مٿان تشدد ڪيو۽ ان کي لاڪپ پڻ ڪيو، جنهن جا فوٽيج دهرتي ٽي وي وارن لائيو ڏيکاريا، اسان سڀني کي اهڙي عمل خلاف هڪ آواز اٿارڻ گهرجي جيئن صحافي کي تشدد ڪندڙ ملزم کي سزا ملي سگهي.