• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي صحافين سان پوليس جون ڏاڍايون انتهائي شرم جوڳي ڳالهه آهي

عاشق علي سومرو

سينيئر رڪن
اسان سنڌي سنڌ جيجل سان پيار ڪرڻ وارا آهيون، اسان کي سنڌ سان چاهه به آهي پر اسا سنڌ جي اديبن، صحافين جي مٿان ظلم ڪندڙن خلاف هڪ آواز ڇو نه ٿا اٿاريون، اهي سنڌي صحافي جيڪي اسان جي سنڌ لا ڪافي ڪجه ڪري رهيا آهن انهن مٿان وري پوليس جا ڪامورا ظلم ڪري انهن جو آواز دٻائڻ چاهن ٿا. هڪ اهڙو افسوس ناق واقعو نوشهرو فيرز جي سينئر صحافي امتياز علي سومرو سان پيش آيو. هن صحافي کي سچ لکڻ جي عيوض ايس ايڇ او نوشهرو فيروز صحافي مٿان تشدد ڪيو۽ ان کي لاڪپ پڻ ڪيو، جنهن جا فوٽيج دهرتي ٽي وي وارن لائيو ڏيکاريا، اسان سڀني کي اهڙي عمل خلاف هڪ آواز اٿارڻ گهرجي جيئن صحافي کي تشدد ڪندڙ ملزم کي سزا ملي سگهي.
 
ادا اسانوٽ بد قسمتي سان ڪو قاعدو ۽ قانون لاڳو ڪونهي ، اهڙي عملن خلاف ڪيئي آواز اٿاريا ويا پر انجو ڪو تدارڪ نه ٿيو ۽ ان کان علاوه هر قسم جي ظلم جي انتها لڳي پئي آهي ، رڳو ڪُھُ ڪُهان لڳي پئي آ ، هر برائي عروج تي آ ، بنيادي سهولتون ڪونهن ، روزگار جا مسئلا ، هر پهلو تي آواز اٿاريا وڃڻ ٿا مگر پر گهور نٿِي لڌي وڃي! ڇا ڪجي ، الله پاڪ کان بهتري جي دعا آهي
 
جي ادا اوهان بلڪل ٺيڪ چئي رهيا آهيو، اسان جي ملڪ ۾ بلڪل قانون جو نالو به نه آهي، عوام ويچارو آخر ڇا ڪري ، هتي انڌير ننگري آهي، پر اگر عوام ملي ڪري هڪ آواز بڻجي ته حڪومت کي به هٽائي سگهجي ٿو.
 
ايس ايڇ او نوشهرو فيروز جي شايد قسمت ئي ڦٽي جو هن صحافي تي تشدد ڪيو... نه ته ڪير ٿو اڄ ڪلهه صحافي جي خلاف ڪاروائي ڪري...
چوندڙ ته اهو به چوندا آهن.. اڄ جو صحافي خود ظالم ۽ بليڪ ميلر آهي.. ڪنهن ٻئي تي ٿيندڙ ظلم جي خبر به ڪجهه وٺڻ کانسواءِ نه هلائيندو پر پنهنجي خلاف اٿيل هڪ لفظ به وڏو ڪري پيش ڪندو آهي... خير پوليس تي سدايئن اهڙن عملن ڪري آڱريون کنيون وينديون آهن... پر پوليس طرفان ڪنهن صحافي خلاف شايد ئي ڪڏهن ڪاروائي ڪئي وئي هجي...
 
اسان سنڌي سنڌ جيجل سان پيار ڪرڻ وارا آهيون، اسان کي سنڌ سان چاهه به آهي پر اسا سنڌ جي اديبن، صحافين جي مٿان ظلم ڪندڙن خلاف هڪ آواز ڇو نه ٿا اٿاريون، اهي سنڌي صحافي جيڪي اسان جي سنڌ لا ڪافي ڪجه ڪري رهيا آهن انهن مٿان وري پوليس جا ڪامورا ظلم ڪري انهن جو آواز دٻائڻ چاهن ٿا. هڪ اهڙو افسوس ناق واقعو نوشهرو فيرز جي سينئر صحافي امتياز علي سومرو سان پيش آيو. هن صحافي کي سچ لکڻ جي عيوض ايس ايڇ او نوشهرو فيروز صحافي مٿان تشدد ڪيو۽ ان کي لاڪپ پڻ ڪيو، جنهن جا فوٽيج دهرتي ٽي وي وارن لائيو ڏيکاريا، اسان سڀني کي اهڙي عمل خلاف هڪ آواز اٿارڻ گهرجي جيئن صحافي کي تشدد ڪندڙ ملزم کي سزا ملي سگهي.
انڌير نگري، چرٻٽ راجا...........!
 
ادا اهڙي ڳالهه نه آهي جي صحافين کي بدنام پيو ڪيو وڃي، هن صحافي کي مان پاڻ سڃاڻا ٿو هن سان ظلم ٿيو آهي، ايس ايڇ او هڪ بدماش تبعت جو مالڪ آهي، هي پاڻ کي دبنگ ڪوٺيندو آهي فلمي خواب ڏسندو رهي ٿو.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
اسان سڀني کي خبر آهي ته سنڌ پوليس ڪيتري چڱي آهي.
۽
وري اها به خبر آهي ته سنڌ جا صحافي ڪيترا چڱا آهن.
ٻنهي جو پاڻ ۾ ناني ويڙهو آهي.
هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ آهن.
 
ادا گل سومرو صاحب توهان جو واسطو انهن صحافين سان پيو آهي جيڪي صحافي نه پر جلاد آهن، اوهان سڀني کي هڪ جهڙو سمجهي رهيا آهيو، حقيقت کان اڻڄاڻ آهيو تڏهن اهڙيون ڳالهيون پيا ڪيو، هڪ ڳالهه واضع آهي ته پوليس جو ڪردار ڪيترو چڱو آهي ان کان دنيا وارا واقف آهن، جيئن سج جي روشني کي ڪو به روڪي ناهي سگھندو بلڪل اهڙي طرح سچ جڏهن مچ مچائيندو آهي ان کي به ڪو روڪي ناهي سگھندو، سچ ۽ حق کي لڪائڻ لاءِ وقت جا وحشي ماڻهو سوليون سينگاريندا رهيا آهن ۽ سچائي جو ساٿ نڀائيندڙ ماڻهو صليب تي چڙهي به سچ تان گھڙي لاءِ پوئتي ناهن هٽيا،
 
ادا
هميشه اڪثريت جي ڳالهه ٿيندي آهي. اگر هڪ هزار ۾ ڪو هڪ چڱو هوندو ته توهان انهن کي چڱو نه چوندئو،
سچائي ۽ صحافت. ٻه متزاد شيون آهن.
جهڙي طرح پوليس جي ڪردار کان سڀ واقف آهن، اهڙي طرح صحافين جو ڪردار به ڳجهو نه آهي.
حقيقت اها آهي ته پوليس کان به وڌيڪ صحافين جا ڪردار آهن.
صحافي اگر دوست هجي يا ڪو مٽ مائٽ هجي ته اسين ناانصافي ڪندي ان کي صحيح قرار ڏيندا آهيون.
سچ براشت ڪرڻ مشڪل ترين عمل آهي.
 
ادا پوليس جي طرفداري، شريف انسان ته پوليس جي پاڇي کان به پناهه گهرندو آهي، هتي ڳاله مٽ مائٽ جي نه پر هڪ سچائي جو ساٿ ڏيڻ آهي، جيڪو هر ڪنهن کي جوڳو نه ٿو لڳي. مان صرف هڪ صحافي جي مٿان ظلم جي ڳالهه پيو ڪيان، جيڪي اوهان کي پسند نه پئي لڳي.
 
جهڙا پوليس وارا ، اوهڙا صحافي،
مان پوليس جي حمايت نه ٿو ڪريان، پر مان صحافين جي به حمايت نه ٿو ڪريان، جيئن مان اڳ به عرض ڪيو هيو ته اهي ٻئي هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ آهن.
اهي ٻئي ملي ڪري اسان ئي لٽين ٿا.
انهن ٻنهي ۾ ڪجهه چڱا ضرورآهن، جئين صحافين ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر شريف آهن ته اهڙي طرح پوليس ۾ به اهڙا شريف آهن .
ته پو صرف هڪ ڌر جي حمايت ڪرڻ انصاف نه ٿيندو.
حقيقت ۾ اهي ٻئي اسان جي معاشري جا ناسور آهن.
منهنجو واسطو صحافين سان ته پوندو رهندو آهي پر پوليس سان به پيو آهي،
ان ڪري ٻنهي ڌرين جي ڳالهه پيو ڪريان.
 
ادا عاشق ڀا اگر اسان جي صحافين جي حمايت نه ڪرڻ تي اوهان اسان کي رڍون ٿا سمجهو ته به اسان انهن ٻنهي ڌرين ۾ ڪنهن جي حمايت نه ڪنداسين.
اهي ٻئي هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ آهن ۽ ٻئي هڪجهڙا ڪرتوت رکن ٿا.
مان منيان ٿو ته صحافين ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر سچا ماڻهون آهن، اوهان چئو ٿا ته چند چنڱن صحافين جي ڪري اسين سڀني صحافين کي برو نه سمجهون ته بلڪل ان ئي فارمولا تي عمل ڪندي پو اسان پوليس کي به برو نه سمجهون ڇو جو انهن ۾ به ڪي چڱا هوندا. ليڪن اڪثريت کي اقليت تي غلبو هوندو آهي، ان ڪري جيئن ته اڪثر پوليس وارا سٺي ڪردار جا حامل نه آهن ته اهڙي طرڪ اڪثر صحافي به نيڪ ڪو نه آهن،
ادا گهوٽڪي جي هڪ صحافي لا چيو ويندو آهي ته اگر ڪتو مري وڃي ۽ ان کي خبر لڳائڻ لا پئسا ڏنا وڃن ته اها خبر شه سرخي ۾ لڳندي ۽ اگر ماڻهو مري وڃي ۽ ان کي پئسا نه ڏنا وڃن ته خبر نه لڳندي.
ادا منهن جو پوليس کان وڌيڪ صحافين سان تعلق آهي، مان انهن جي اندر کي سڃاڻان ادا.
باقي اوهان اگر اسان کي ان ڪري رڍ قرار ڏيو ته اکين تي ادا، اسان ڪنهن صحافي جي دوست طرفان ، سچ ڳالهائڻ جي ڪري اهو به قبول ڪريون ٿا.
 
منهنجا ادا اوهان ان جملي جو غلط مطلب وٺي رهيا آهو، مان اوهان کي رڍون نه پيو چوان، اوهان غلط طرف نه وڃو.
 
Back
Top