ﺣﻀﺮت ﺻﻮﻓﻲ ﺳﻮﭜﻮ ﻓﻘﻴﺮ لغاري اويسي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2014۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    [​IMG]

    ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺜﻤﺎن ﺳﻮﻣﺮو
    ﺣﻀﺮت ﺳﻮﭜﻲ ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻦ ﺟﻮ ﺧﺎﻧﺪان رﻳﺎﺳﺖ ﺑﻬﺎوﻟﭙﻮر ﮐﺎن ﻫﺠﺮت ڪﺮي ﻣُﻠڪ ﺳﻨﮅ ۾ ﻗﻴﺎم ﭘﺬﻳﺮ ﭤﻴو. ﭘﺎڻ ﻣﺸﻬﻮر ﺧﺎﻧﺪان ﻗﻮم ﺟﺎ ﻟﻐﺎري آﻫﻦ. ﭘﺎڻ ﺑﺤﺮ ﻋﺮﻓﺎن ﺟﻲ ﻣﺨﺰن ﻣﻤﺘﺎز ﻫﺴﺘﻲ درﻳﺎ ﻳﻘﻴﻦ ﺟﺎ رﻫﺒﺮ ڪﺎﻣﻞ و اڪﻤﻞ ۽ ﺧ...ﻠﻴﻔﻪ ﺣﻀﺮت ﺻﺎﺣﺖ اﻟﺴﻴﺮ ﻋﻠﻴﻪ اﻟﺮﺣﻤﺘﻪ ﭤﻲ ﮔﺬاﻳﺎ آﻫﻦ. ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺎدري ﭔﻮﻟﻲ رﻳﺎﺳﺘﻲ آﻫﻲ. ﭘﺎڻ ﺳﻨﮅ ۾ رﻫﮡ ﻗﺒﻮل ڪﺮڻ ڪﺮي ﺳﻨﮅي ﭔﻮل ﭼﺎل ﺑﻪ ڪﻨﺪا ﻫﻴﺎ. اﻧﻬﻲءَ ڪﺮي ﺷﻌﺮ ﺑﻪ رﻳﺎﺳﺘﻲ ۽ ﺳﻨﮅي ﭔﻨﻬﻲ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﺗﺼﻨﻴﻒ ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ آهي. فقير صاحب عشق جو آڙاهه هو جنهن جي ڪري هميشه مست رهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن نشي جي حالت طاري هوندي هين. مستي جي حالت ۾ شعر جاري هوندو هُين. انهيءَ واسطي پنهنجي اشعار ۾ ڪٿي ڪٿي رياستي زبان جا مليل جليل الفاظ استعمال ۾ ٿيندا نظر اچن ٿا. ڪلام چوڻ وقت فقير کي پاڻ جي حال ۾ ڪونه هوندو هين.
    نالو ۽ ولادت
    ماءُ ۽ پيءُ سندس نالو سوڀو فقير رکيو. سوڀي فقير جا والد جو نالو احمد هو. فقير جن جي ولادت ڳوٺ دائو والي ۾ ٿي. دائو والي ڏهرڪي اسٽيشن کان اُتر طرف اندازن 5 يا 6 ميل جي مفاصلي تي واقع آهي، فقير سائين جن کي هڪ ڀيڻ ۽ ٽي ڀائر هئا. فقير سائين جن تاريخ ولادت دستياب ڪونه ٿي سگهي آهي. البته تاريخ وفات کي مدنظر رکي ڪري سندس ولادت جو سن هجي قيام ڪيو 1335 ڪيو وڃي ٿو. فقير صاحب جي ولادت کان بعد ڪجهه عرصي ۾ سندس مائٽ دائو والي کان هجرت ڪري ڳوٺ داد لغاري ۾ سڪونت اختيار ڪئي. اڄ به فقير سائين جن جي خاندان جا ڪافي فرد ڳوٺ داد لغاري ۾ رهائش پذير آهن.
    ظاهري تعيلم
    پاڻ ننڍي عمر ۾ ناظره قرآن شريف پڙهيائون، فارسي ڪتاب گلستان ۽ بوستان به چڱي طرح ڄاڻيندا هئا.
    حُليو مبارڪ
    فقير صاحب جو قد درميانو هو. رنگت ڪڻڪ جهڙي هئي ۽ جسم جا عضوا تمام خوبصورت باڪمال هئا.
    لباس
    فقير صاحب دستار ۽ پهراڻ سائي رنگ جو پهريندا هئا. تهبند سادو ٻڌندا هئا. عمر ڀر سادگي پسند فرمايائون. سلوار تسيله جي پهريندا هئا. پاڻ ڪڏهن سادگي کان بيزار ڪونه ٿيا.
    غذا
    فقير صاحب سادو کاڌو پسند ڪندا هئا. موسم جي لحاظ سان جيڪو طعام ملندو هين سو وڏي چاهه سان نوش فرمائيندا هئا. ٿڌڌي پاڻي به وڏي شوق سان پيئندا هئا. پاڻي پيئڻ وقت سندن زبان تي الله جي شڪر جو ورد جاري هوندو هين.
    دست بيعت
    فقير سائين ننڍپڻ جي وقت کان وٺي مستاني حال خيال ۾ گذاريندا هئا انهيءَ ڪري پاڻ کي ابتدا ۾ جوشِ محبت ۾ محو رهندا هئا. انهي جوشِ محبت جي غلبي جي ڪري پاڻ جوڳين جي صبت به اختيار ڪئي جهنگلن ۽ پهاڙن جا سير به پڻ ڪيائون جو وڃي فقير سائين جن بغداد شريف پهتا. مگر انهن جو ڳين جي صحبت ۾ فقير سائين جن کي گهڻو سڪون ڪونه مليو. سو مجبور ٿي ڪري واپس وطن وريا. پاڻ هميشه ڪنهن مرد خدا جي ڳولاهه ۾ رهيا جنهن سان عشق جي لڪ کي عبور ڪجي. هڪ ڏينهن مهيسر اسٽيشن کان ڏکڻ طرف هڪ ماڻهو جي گهر آيا اُتي لال پير نالي بزرگ جو روضو آهي. پاڻ انهي ماڻهو وٽ رهي ڏينهن جو ڪم ڪندا هئا ۽ رات جو روضي مبارڪ ٿي وڃي پڙهندا هئا. انهي طريقي هڪ رات جو مزاز جي شينهن جي صورت ۾ ظاهر ٿي. ٻي دفعي نانگ جي صورت ۾ نمودار ٿي. جنهن تي پاڻ فرمايائون ته ”سوڀو ڊڄڻ وارو ناهي. ڊيڄاريو نه پر پنهنجي اصلي صورت جي زيارت ڪرايو“. پوءِ انهي وقت مزار جي اندر مزار وارو بزرگ سيني تائين قبر مان نڪري ظاهر ٿيو. سج وانگر روشني ٿي. پاڻ ان وقت عرض ڪيائون ته ” ڪجهه فيض الله ڪارڻ عطا ٿئي“. جنهن تي بزرگ فرمايو ته فلاڻي جهنگ ۾ وڃي لوڙهو ڏئي ويهه. ان وقت فقير سائين عرض ڪيو ته ” سوڀو، لوڙهو ڏئي ويهڻ وارو ناهي. جيڪڏهن فيض ڏيڻو اٿَوَ ته ڏيو“. بزرگ فرمايو ته ”مانوٽ نير جي ڪُن نه آهي جو ٽٻي ڏئي ڪري توهان کي ڏيون اهڙي نير جو ڪُنُ حضرت صاحب السير وٽ آهي، سو اوڏانهن وڃ“. ان بعد فقير سائين جن کي شوقِ ديدار پيدا ٿيو ته حضرت صاحب السير ڪٿي آهي. خدا جي قدرت سان هڪ رات خواب ۾ حضرت پير محمد عارف جن جي زيارت نصيب ٿي خواب ۾ ئي دست بيعت ٿي فرمايائون ۽ باطني فيض عطا ڪيائون. حضرت پير محمد عارف خواب ۾ ارشاد ڪيائون ته ”ميان سوطا، مون وٽ اچو“. جڏهن خواب کان بيدار ٿيا ته ان وقت پاڻ کي اڻ تڻ پيدا ٿي ته جلدي هلي ڪري مرشد جي تلاش ڪري زيارت ڪجي. انهيءَ بعد فقير جن مرشد جي تلاش لڳي ويا. خداوند ڪريم مسب الاسباب آهن هڪ ڏينهن اهڙو سبب بڻيو جو حضرت محمد عارف سفر ڪندي سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيا ۽ خدا جي قدرت سان سائين جن فقير سوڀي سان وڃي مليا ملاقات ٿيڻ شرط جڏهن حضرت محمد عارف جي صورت خواب واري صورت سان ملائي ڏٺي ته وڃي هڪ بيٺي. يعني صورت سان صورت ملي وئي. سوڀي فقير خداوند ڪريم جا شڪريه ادا ڪيا ۽ حضرت پير محمد عافن جن جا قدم مبارڪ چميا ۽ دست بيعت ٿيڻ لاءِ عرض ڪيو حضرت محمد عارف سائين جن فقير سوڀي کي خانقاه تي اچڻ لاءِ چيو. ان بعد فقير سوڀو مرشد جي امر موجب خانقاه تي وڃي ڪري خرقه خلافت سان سرفرز ٿيا ۽ ظاهري فيض وٺي آيا. سنڌ واپس اچڻ ڪري فيض محل والا ۾ اچي سڪونت اختيار ڪري فيض جاري ڪيائون. فقير صاحب جي صحبت ۽ برڪت سان فيض محل والا ۾ جام طالب ٿيا. حضور سائين سوڀي فقير جي فيض جو ستارو چمڪڻ لڳو. الائي ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو فقير سائين جن کان روحاني ونڊ وٺڻ لاءِ پهچڻ شروع ٿيا. اهو سلسلواڄ تائين جاري و ساري آهي. اهو سارو ڪرم جيڪو فيض محل والا ۾ فقير سائين جن جي ڪري ٿيو سو سائين جن هڪ ادني ڪرشمو هو. انهيءَ ڪري هتان فيض محل والا علائقي جا پير ڀائي فقير حضرت سوڀي فقير جي فيض ۽ عظمت تي ناز ۽ فخر ڪندا آهن ۽ فقير سائين جن کي حضرت محل والا بزرگ جي لقب سان ياد ڪندا آهن.
    مجلس سماع
    فقير صاحب هميشه محبت جي ڪشش جي وهگ سان مجلس سماع ۽ راڳ ويراڳ کي گهڻو پسند ڪندا هئا. انهيءَ ڪري واسطي اهل ولايت بزرگن جا معنى سان ڀريل سخن ۽ ڳائڻ وارن جي مٺي زبان ۽ باجن جي آواز کي ٻڌي ڪري مرغ بسمل وانگر تڙپندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن فقير صاحب پاڻ به راڳ ڪندو هو ۽ پنهنجي ڳائڻ ۾ حيرت انگيز اثر هو جو ٻڻ وارو مست ٿي ويندا جئا. پنهنجي هم صحبت پير ڀائي هر وقت راڳ کي گرم رکندا هئا. پاڻ مجلس سماع کي عبادت سمجهندا هئا. جهڙو بزرگن محل والا جو طريقو هو. پاڻ سماع جي دوران زاروقطار اکين مان نير وهائيندا هئا.ٿٿٿ
    عبادت
    فقير سائن جن جي عبادت هميش قلت منام يعنى ٿوري ننڊ ٿورو ڳالهائڻ ۽ گهڻو کان گهڻو وقت عبادت الاهي ۾ صرف ڪرڻ طرف مائل هُئي. پاڻ شروع شريعت تي پابند هوندا هئا. پاڻ روزو، نماز ۽ تلاوت قرآن پاڪ باقائدگي سان ادا ڪندا هئا. سنت نبوي سخت پابند هئا ۽ پاڻ سان گڏ عصا، تسبيحم ڪوئنرو، مصلو، ڏندڻ، سرمون ۽ ڦڻي ساڻ رکندا هئا.
    عام حالات
    جڏهن فقير صاحب خانقاه مبارڪ کان فيض وٺي ڪري واپس وطن آيو ته پنهنجي عزيزن سان رهڻ لڳو. مگر فقير صاحب جي طبيعت رشتيدارن سان نه لڳي ۽ سندن دل کي قرار نه آيو. بحالت مجوبري جدا ٿي ڪري ڳوٺ علماڻن ۾ پير ڀائي علماڻين سان گڏ رهڻ لڳا. ڪجهه ڏينهن کان بعد لوهي واري پير ڀائي ڀائن جي مبت سان لوهي ۾ ٽڪاڻو ڪيائون انهن پير ڀائي فقير سائين جن جي گهڻي دلداري ڪئي ۽ فقير صاحب انهن وٽ گهر جي ڀاتين وانگر رهندا جئا. اتي رهندي فقير سائين راتٿ جو گهڻو بيدار رهندا هئا ۽ مخفي عبادت ۾ مشغول رهندا هئا. هڪڙي ڏينهن هڪ ڪوري ۽ لاشاري کي بدگماني ٿي پئي. انهيءَ ڪري هو ڏينهن رات فقير سائين جي پٺيان ڳجهيي طرح سان خبر لهڻ لڳا. هڪ رات اوچتو ڇا ڏسن ته فقير سائين هڪ وڻ هيٺان چئن يارن سان محو گفتگو آهن. اهڙو تماشو ڏسي ڪري انهن مان هڪڙي بيهوش ٿي ڪري ڪِري پيو ۽ ٻي کي ته ڪا شيءَ ڏسجڻ ۾ ئي نه پي آئي. جڏهن بيهوشي واري کي هوش آيو ته تنهن ساري حقيقر ڪري ٻڌائي تڏهن ٻنهي وڃي ڪري فقير جي قدم بوسي ڪئي ۽ پنهنجي حرڪت جو سمورو احوال ڪري
    ٻڌايائون. ان بعد فقير سائين کي عرض ڪيائون ته انهن کي معاف ڪري ۽ هو پڻ اهڙي ڪم کان توبه تائب ٿين پيا. جنهن تي فقير هُنن کي معاف ڪيو.
    ان واقعي بعد اُتان جي ماڻهن کي فقير سائين جن قدر و منزلت هي پروڙ پئي ۽ ماڻهو جوڪ در جوڪ اچڻ لڳا. الله تعالى جو وري اهڙو ڪرم ٿيو جو فقير جا آستاني تي لنگر به جاري ٿيڻ شروع ٿيو. ان بعد فقير سائين ارادو ڪيو ته هڪ الڳ آستانو بنائجي. تڏهن پير ڀائين وستي جي ويجهو ٻن فرلانگن جي مفاصلي تي مڪان بنايائون. هڪ کوهي پاڻي لاءِ کوٽايائون ته جيئن هر ايندڙ ويندڙ کي پاڻي جي ڪا پريشاني نه ٿئي. اُهو مڪان ۽ کوهي اڃ تائين جهريل حالت ۾ موجود آهن. ڪجهه عرصي بعد هن دنيا ۾ وصال فرمائي وي. ان بعد ان جڳهه تان محبت جو مزو ويندو رهيو. دل کي تسڪين ۽ قرار نه آيو بحالت مجبوري وري عالماڻين جي محبت سان موٽي عالماڻين وٽ آيو اُتي به فقير وٽ پري پري جا ماڻهو زيارت ۽ دعا واسطي ايندا ويندا هئا. هڪ پنجاب جو سيد نالي محمد شاهه زيارت ڪرڻ جا خاطر آيو پوءِ هميشه لاءِ اُتي ئي رهجي ويو ۽ عمر جا باقي ورهيه فقير سائين جن جي صحبت ۾ گذاريا. فقير محمد شاهه جو وصال فقير سوڀي سائين جن کان بعد ۾ ٿيو. فقير سوڀي جن جو ارشاد هو ته محمد شاهه کي منهنجي روضي اندر اولهه طرف کان جڳهه ڏجو بموجب فرمانِ فقير صاحب کي روضي اندر دفن ڪيو ويو. حضرت سوڀي فقير مزار به روضي اندر فقير سان گڏ آهي. سوڀي فقير عالماڻين ۾ عالماڻين پير ڀائين سان گڏ مشترڪ حصي تي زمين خريد ڪئي ۽ انهن پير ڀائين جي حوالي ڪئي. اتي هڪ کوهه ۽ هڪ مڪان به تعمير ڪرايائون. فقير سائين جن ارادو ڪيو ته مسجد ۽ منبر جي تعمير ڪجي جنهن لاءِ سرورن گڏ ڪيون ويون ۽ روضي جو بنيا پنهنجي هٿن سان وڌائون. اڃا مسجد جي ديوار پئي ٺاهي وئي ته فقير سائيم موت جي آواز کي لبيڪ چئي وصال جو جام پيتائون. فقير سائين پنهنجي پوري عمر ۾ شادي نه ڪئي. بنا اولاد جي ئي رهيا. پاڻ عجب مرد آزاد هئي. انهيءَ ڪري فقير سائين پنهنجي حياتي ۾ مائٽن کي چوندو هو ته مون سان گڏ رهو ۽ منهنجي گادي سنڀاليو مگر هو ان فقيري جي مزي کان آجا هئا. تنهنڪري انهن مان ڪو به فقير ڏي لڙي ڪو نه آيو ته فقير جي فيض واري سلسلي ۾ قائم رکجي. شايد انهن مان اِهو باري کڻڻ جي سگهه ڪونه هئي. والله اعلم باالثواب. فقير سائين جن جي وصال بعد فقير سائين جن جي مالڪيت عالماڻي فقير لعل خان وٽ رهي جنهن باقائدگي سان ننگر ۽ عرس مبارڪ جو انتظام ڪيو.
    اخلاق
    فقير صاحب خوش خلق، نيڪ خوءِ ۽ نهايت نرم طبيعت جا مالڪ هئا. ون جي عزت ڪندا هئا ۽ ننڍن تي شفقت فرمائيندا هئا. مهمانن ۽ همنشينن کي عزير ڪري ڀائيندا هئا. سڀ سان دلجوئي ڪندا هئا. هر هڪ انسان کي نيڪ نظر سان سندا هئا. غريب بيڪسن تي رحم ڪندا هئا. پاڻ سادگي جو بهترين نمونو هئا. سيدن ۽ درويشن کي تمام عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. پاڻ غريبنواز ۽ مهمان نوازي به حد درجي هئا.
    ارشاد
    فقير صاحب عشق جي دريا ۾ جو اهو لطف ورتو جو ڪوئي اهل راز ئي فقير جي منزلت کي پروڙي سگهي ٿو.
    وفات
    فقير صاحب عالماڻين جي ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ 90 ورهين جي عمر ۾ تاريخ 11 ذوالقعد هجري ۾ دارالبقا 1311 طرف روانا ٿيا. اِنا الله و انااليه راجعون
    انهي تاريخ تي هر سال فقير صاحب جو عرس مبارڪ منعقد ٿيندو آهي فقير صاحب پنهنجي عمر ۾ حضرت پير محمد عارف عليه رحمته جو عرس مبارڪ 21 جمادالاول تي ڪندا هئا. فقير صاحب جي وصال کان بعد عرس مبارڪ اڄ تائين ملهايو ويندو آهي. فقير صاحب جن جو روضو مبارڪ ڳوٺ عالماڻي اسٽيشن ميرپور ماٿيلو، سنڌ ۾ آهي. اسٽيشن کان عالماڻي 16 ميلن جو مفاصلو آهي. اُتي پهچڻ لاءِ سواري جي سهولت موجود آهي.
    وفات کان پوءِ جو احوال فقير صاحب جي وصال کان بعد روضي ۽ مسجد جو ڪم فقير صاحب جي پير ڀائين ڪرايو ۽ هڪ مڪان مسافرن واسطي ٺاهيو ويو. جنهن ۾ مسافر آرام ڪندا هئا. روضي جي اندر ٻه مزارون آهن. اوڀر طرف حضرت فقير سوڀي ۽ اولهه طرف فقير پير محمد شاهه آرامي آهن
    فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالعزيز لغاري

    عبدالعزيز لغاري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 فيبروري 2015
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    299
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    سانگهڙ سنڌ
    هي مضمون ڪجھ عرصو اڳ پنهنجي هڪ پياري دوست سائين طارق حيات لاشاري کان ڪمپوز ڪرايو هئم .سائين ڪمپوز ڪري ميسج زريعي موڪلي ڏنو .پوءِ پنهنجي فيس بڪ جي پيج hazrat sobha faqeer Laghari RA تي شيئر ڪيم .ان بعد هن مضمون کي پنهنجي پياري دوست سائين آڪاش ڪمار کي منٿ ڪئي هئم ته پنهنجي فيس بڪ پيج تي به فقير جو اهو احوال شيئر ڪري نيٺ انهي تصوير سان سائين فقير صاحب جو اهو احوال پنهنجي فيس بڪ پيج Sindhi saints ۾ شيئر ڪيو .
    پر اڄ مان به فقير صاحب جي انهي احوال کي فقير صاحب جي درگاه جي تصويرن ۽ سندس مرشد پاڪ جي درگاه جي تصويرن سان ڪجھ ڪمپوزنگ جون غلطيون ڪڍي ٻيهر سنڌ سلامت فورم تي ناظرين جي سامهون پيش ڪري رهيو آھيان .
    ڇو ته اسان فقيرن کي حضرت سوڀي فقير لغاري اويسي رحه جي ڪري اڄ به درگاه حضرت محڪم الدين سيلاني صاحب السير تي سڃاتو وڃي ٿو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو