طالب المولى جهنڊل فقير ڪورائي ولد صاحب خان ڪورائي جي ولادت 1295هه ۾ ٿي. سندس ڳوٺ هانسير تعلقي ڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ آهي. پاڻ قرآن شريف ۽ سنڌي تعليم مدرسي پٿوري مان حاصل ڪئي. 25 سالن جي عمر ۾ محمد فقير کٽياڻ جو طالب ٿيو ۽ ذڪر... الاهي جاري رکيائين سندس شاعريءَ جو قلمي رسالو موجود آهي. پاڻ زندگي جو آخرير وقت، ڳوٺ شاهو خان ڪورائي تعلقو سامارو ضلع ميرپور خاص ۾ گذاريائين. جتي سندس آخري آرام گاهه آهي. سندس وصال 9 ربيع الاول 1408هه بمطابق 12 ڊسمبر 1982 تي ٿيو. ڪلام ٿل: سڀ کان مٿي سهڻو ڏٺم تنهنجو ذڪر محفل ۾ هو، صاحب حسن کي سونهن، جو تير نظر ريفل ۾ هو. ابرو ڏسي ان جا اجهل ٿي منتظر خلقِ خدا، حيرت حسن جي مون ڏٺي گذري مهل مون کي مدا، تان ندا آئي اٿو، سڀ ڪو سڌو هلچل ۾ هو. بيوس رهيس بيمار جان، آيس برهه جي باهه ۾، تر ڦٿڻي تن مون لڳي، نه ساهه ماپي ساهه ۾، باق ري رڳن منهنجن رهيو، پيون پساهه منزل ۾ هو. خوب رُو جي خال نقطي، قيد دل کي قيد ڪيو، جزوي عقل حد هوش جو، بس ڀڄي سڀ ڀيد ويو، منهنجي مارڻ لاءِ حڪم، ان طرح ان پل ۾ هو. خال و خط مرڪڻ مهل ۾، رنگ قيصر جا ٿيا. درد دهن تي لعل لالي، جا اُها ڪامل پيا، سڀ حڪومت تي حڪم، ثابت “جھنڊل” ۾ هو. فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان ورتل