عبدالغني لوهار
سينيئر رڪن

طالب المولى
جهنڊل فقير ڪورائي ولد صاحب خان ڪورائي جي ولادت 1295هه ۾ ٿي. سندس ڳوٺ هانسير تعلقي ڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ آهي. پاڻ قرآن شريف ۽ سنڌي تعليم مدرسي پٿوري مان حاصل ڪئي. 25 سالن جي عمر ۾ محمد فقير کٽياڻ جو طالب ٿيو ۽ ذڪر... الاهي جاري رکيائين سندس شاعريءَ جو قلمي رسالو موجود آهي. پاڻ زندگي جو آخرير وقت، ڳوٺ شاهو خان ڪورائي تعلقو سامارو ضلع ميرپور خاص ۾ گذاريائين. جتي سندس آخري آرام گاهه آهي. سندس وصال 9 ربيع الاول 1408هه بمطابق 12 ڊسمبر 1982 تي ٿيو.
ڪلام
ٿل: سڀ کان مٿي سهڻو ڏٺم تنهنجو ذڪر محفل ۾ هو،
صاحب حسن کي سونهن، جو تير نظر ريفل ۾ هو.
ابرو ڏسي ان جا اجهل ٿي منتظر خلقِ خدا،
حيرت حسن جي مون ڏٺي گذري مهل مون کي مدا،
تان ندا آئي اٿو، سڀ ڪو سڌو هلچل ۾ هو.
بيوس رهيس بيمار جان، آيس برهه جي باهه ۾،
تر ڦٿڻي تن مون لڳي، نه ساهه ماپي ساهه ۾،
باق ري رڳن منهنجن رهيو، پيون پساهه منزل ۾ هو.
خوب رُو جي خال نقطي، قيد دل کي قيد ڪيو،
جزوي عقل حد هوش جو، بس ڀڄي سڀ ڀيد ويو،
منهنجي مارڻ لاءِ حڪم، ان طرح ان پل ۾ هو.
خال و خط مرڪڻ مهل ۾، رنگ قيصر جا ٿيا.
درد دهن تي لعل لالي، جا اُها ڪامل پيا،
سڀ حڪومت تي حڪم، ثابت “جھنڊل” ۾ هو.
فيس بوڪ جي پيج سنڌي بزرگ تان ورتل