ڪجي جيئن ڪيچن لئه، سو تان ڪين ڪيوءِ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڪجي جيئن ڪيچن لئه، سو تان ڪين ڪيوءِ
ويجهائي وڌوءِ، وکَ نه کَنيَئي هيڪڙي.


سر حسيني سسئي

ڪيوءِ = تو ڪيو
ويجهائي = اينگهائي
وڌوءِ = تو وڌو

* او سسئي ڪيچين لاءِ جيئن توکي ڪرڻ کپندو هو تيئن تو ڪجهه به ناهي ڪيو.

* رهندو سفر کي ڏکيو ڪري وڌو اٿئي، پنڌ کي ڊگهو ڪري اينگهائي وڌو اٿئي پر ڪا هڪ وک به ڏاهپ ۽ عقل سان نه کنئي اٿئي جيڪا توکي منزل تي رسائي.

سمجهاڻي:

ڀٽائي سسئي، محبوبَ ۽ منزلن جي ڳولائن کي هدايت ٿو ڪري ته رڳو هلندو رهڻ ڪافي ناهي، صرف جستجو ۽ تلاش ئي ڪافي ناهي پر سوچ ويچار، شعور، فهم، عقل، رٿابندي ۽ نت نين حڪمت عملين سان اڳتي وڌو ته جيئن ڪاميابيون ماڻيو.

سائين مظفر منگي جي فيس بوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
 
Back
Top