• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اهو مروان جو مامو

اسان جي ديس جا ماڻهو
اسان جي ويس جا ماڻهو
ڪمينو روز ماري ٿو
ڪڏهن ماري ٿو ساڙي هي
ڪڏهن ساڙي ٿو ماري هي
نه هي آ ڪو مسلمان هت
جو ماري ٿو مسلمان هت
مسلمان جو مسلمان تي
ڪرڻ ڪو خون جائيز ناه
هي ڪهڙو ير مسلمان آ
جو برو بد مست ٿي پيو آ
معصومن کي ماري ٿو
اجاڙي ٿو ڪئي ويڙها
سسڪيون ٿي پيا ڳوڙها
گهر وارن جي سامهون هي
ڪهين ٿو تن جي پيارن کي
سنڌ جي هن سچارن کي
کڻي پستول تاڻي ٿو
رحم ظلمي نه ڄاڻي ٿو
ائين ڇڙواڳ ڇوڙيل ڇو
ڪري ڪاهون ٿين داهون
سڄو هي ديس ڪوڪي پيو
هن کي ڪون روڪي پيو
اٿو سڀ ديس جا واسي
ڪيون ڪو ويس سڀ ناسي
ماري هن کي ساڙيون سڀ
اهو مروان جو مامون
دشمن ديس ڪري سامهون
هڻون هن کي ڪئي بڙڇون
ڪهاڙين سان ڪهون هن کي
هي ويري آ وجودن جو
ڏٻرن ڏوٿي يارن جو
 
Back
Top