تنقيد ڇا آهي، تنقيد بابت عالمن جا رايا ۽ تنقيد جو فن

'سنڌي ادب' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2010۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    69
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    ”نرمل“ کوهارو
    تنقيد ڇا آهي، موجوده تنقيد بابت عالمن جا رايا ۽ تنقيد جو فن
    سوال: تنقيد ڇا آهي ۽ تنقيد جي تعريف بيان ڪريو؟
    انسان فطرتي طور بري ۽ ڀلي جي تميز رکي ٿو. انهيءَ ئي بري ۽ ڀلي، کري ۽ کوٽي جي تميزکي تنقيد چئجي ٿو. لفظ تنقيد، خود دراصل عربي زبان جو لفظ آهي، جيڪو ”نقد“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ ”روڪڙ“. اهڙي شيءَ جيڪا هٿون هٿ وڪامجي وڃي، ان کي پرک، جاچڻ، ڇنڊڇاڻ ڪرڻ يا ان کي ٽِڪَ ٻڌي ڏسڻ ته اهو روڪڙ سچو آهي يا ڪوڙو؟ ته اهڙي جاچ ۽ پرک کي تنقيد سڏجي ٿو. (2)
    هونءَ به انسان زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۽ عمل جي ميدان ۾ حق ۽ سچ جو متلاشي رهندو آهي، ان ڪري حقيقت کي کولي بيان ڪرڻ لاءِ انسان کي ڪنهن به شيءَ جي ٻنهي پاسن کان ڏسڻو پوندو آهي. يعني ان جي خامين ۽ خوبين کي نروار ڪرڻو پوندو آهي، ابتي ۽ سبتي پاسي کي ڏسڻو پوندو آهي. سڌي ۽ اڻ سڌي جي خبر وٺڻي پوندي آهي. انهيءَ سڄي مرحلي کي تنقيد سڏجي ٿو.
    سوال: تنقيد، لفظي اعتبار کان تنقيد ڪيئن ٺهيو؟
    جواب: ان جو مثال به سنڌي ادب جي نثري صنف”ناول“ جهڙي آهي. ناول به انگريزي لفظ آهي ۽ اهو ساڳيءَ صورت ۾ سنڌيءَ ۾ استعمال ٿئي ٿو. ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ مطابق عربي زبان ۾ صرف و نحو جي لحاظ کان تنقيد کي ”نقد“ يا ”انتقاد“ سڏڻ گهرجي. ان جا عربي۽ فارسيءَ ۾ ته متبادل نظر اچن ٿا، مثلن: موازنو، محاڪمو، ۽ تقريض وغيره (3) پر سنڌي ۾ اهو ساڳيو ئي نالو تنقيد مروج آهي.
    وري جيڪڏهن تنقيد جي وصف Defination تي اچون ٿا، ته به ان جو حال ساڳيو ”ادب Litrature“ وارو آهي. جيئن ته ”ادب“ جي وصف اڄ تائين مقرر نه ٿي سگهي آهي، تئين تنقيد بابت پڻ ساڳي راءِ آهي. انسائيڪلوپيڊيا برٽيانيڪا Encyclopedia Britanica ۾ تنقيد جي وصف هيئن ڏني ويئي آهي. ’تنقيد هڪ فن آهي، ادب ۽ فنون لطيفہ ۾ ڪنهن جمالياتي شيءَ جي وصفن ۽ قدرن بابت فيصلو ڪرڻ جو نالو تنقيد آهي“.(4) ان کانسواءِ ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن پنهنجي پنهنجي طريقي سان تنقيد کي پنهنجن ويچارن هيٺ آندو آهي. هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو، ته هڪ تنقيد نگار آخر تنقيد ڪري ڇالاءِ ٿو؟ جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آهي، ته تنقيد بري ۽ ڀلي جي تميز کي چئجي ٿو. ان ڪري هڪ تنقيدنگار پڻ ادب ۾ واڌارو گهرندو آهي، جيڪو هو تنقيد ذريعي ڪندو آهي، ٻيو ته ڪنهن تخليقڪار جي تخليق جيڪي اوڻايون هونديون آهن، انهن کي دور ڪرڻ گهرندو آهي. اها تنقيد ئي آهي. جنهن سان ادبي تحريڪون جنم وٺنديون آهن، مطلب ته هڪ تنقيدنگار پنهنجو موقف هر ممڪن واضع ڪرڻ گهرندو آهي.
    سوال: سنڌي ادب ۾ تنقيد تي لکيل ڪتابن جي ليکڪن جي علمي، ادبي ۽ تنقيدي صلاحيتن ۽ تحقيقن جو مطالعو بيان ڪيو؟
    جواب: ان لاءِ عالمن سڀ کان پهرين ”مقالات الشعراء“ ۽ ”تڪملھ مقالات الشعراء“ کي سڀ کان پهرين تنقيدي ڪتاب ڪوٺيو آهي. جيڪي فارسيءَ ۾ آهن ۽ ٻئي تذڪره آهن. پهريون ڪتاب”مير علي شير قانع“ جو لکيل آهي، جڏهن ته پويون محمد ابراهيم خليل ٺٽوي جو آهي. جيئن ته اهي ڪتاب فارسيءَ ۾ لکيل آهن، تن کي سنڌي تنقيدي ادب ۾ شمار نه ٿو ڪري سگهجي. ان جي باوجود انهن ٻنهي ڪتابن لاءِ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل کي سندس ڪتاب ”ادب ۽ تنقيد“ ۾ لکي ٿو، ته ”مقالات الشعراء ۽ تڪملھ مقالات الشعراء“ جهڙن فارسي جي تذڪرن سنڌي شاعرن کي اڀاريو ته سنڌيءَ ۾ اهڙا تذڪره لکن‘.(5)
    سنڌ ڌرتيءَ کي اهو شرف حاصل آهي ته هتي صدين کان وٺي تصوف جو بول بالا رهيو آهي. سنڌ جي هر شهر، ڳوٺ، واهڻ ۽ قصبي ۾ انهن بزرگن جون آستانون موجود آهن، جيڪي پوري زندگي علم ۽ فيض حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشالا ڪٽيندا رهيا آهن ۽ پنهنجي علم جي پاٽول سان ڪيترن ئي اڃايلن کي سيراب ڪندا رهيا آهن. انهن مان ڪلهوڙا دؤر جو هڪ برگزيدو عالم ۽ بزرگ مخدوم ابوالحسن ڏاهري به هڪ هو.
    اهڙي طرح سنڌيءَ ۾ سڀ کان قديم تنقيد جي حوالي سان هڪ ٻيو نالو ورتو ويندو رهيو آهي، جيڪو آهي، ”آخوند عبدالرحيم ’وفا‘ عباسي“. هن صاحب هڪ ڪتاب نالي ”عمر ماروي“ مرتب ڪيو هو، جنهن کي ٻيو ڀيرو 1872ع ۾ ڇپايو ويو. هن تنقيد کي ”ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي“ سنڌيءَ ادب جي قديم ترين تنقيد ڪوٺيو آهي.(6)
    ان کانسواءِ هڪ ٻيو به رايو ايندو رهيو آهي ته تنقيد جي باقاعده شروعات محمد فاضل شاه ڪتاب ”ميزان الشعراء“ سان ٿي، جيڪا 1875ع ۾ ڇپي، جنهن لاءِ پروفيسر مظهر علي قريشي، ڪتاب پڇاڳاڇا ۾ پڻ ساڳي ڳالهه لکي آهي، (7) ان کان علاوه مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ”انشاء سنڌ ۽ علم ادب“ لاءِ پڻ اهڙي راءِ آهي، ته اهو پهريون تنقيدي ڪتاب آهي، جيڪو 1913ع ۾ ڇپيو. (8)
    ان جي برعڪس تنقيد جي شروعات ڪلهوڙا دؤر ۾ ٿي، جنهن جو دؤر 1718ع کان 1782ع تائين آهي. انهيءَ ئي دؤر ۾ هڪ يگانو عالم، بزرگ، ولي الله مخدوم ابوالحسن ڏاهري پيدا ٿيو، جنهن سڀ کان پهرين قاضي قادن جي هڪ بيت تي تنقيد ڪئي.
    ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ پنهنجي ڪتاب ”ادب ۽ تنقيد“ ۾ اهو بلڪل واضع ڪيو آهي، ته سنڌي ادب ۾ سڀ کان پهرين تنقيد مولوي ابوالحسن ڏاهري جي آهي. مٿي بيان ڪيل به فارسيءَ جا ڪتاب ”مقالات الشعراء“ ۽ تڪملہ مقالات الشعراء“ فارسي تذڪره هئا، جن ۾ غير سنڌي شاعرن کي بيان ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر خليل انهن بابت لکي ٿو ته ”انهن تذڪرن ۾ شاعرن جو بيان ته ملي ٿو، پر ڪا تنقيدي راءِ ظاهر ڪا نه ٿي سگهي آهي“.(9) ساڳي ئي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب مولوي ابوالحسن ڏاهري کي پهريون تنقيد ڪندڙ چئي ٿو، جنهن قاضي قادن جي هڪ بيت تي تنقيد ڪئي، اهو بيت هي آهي:
    جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾
    تنهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.
    هن بيت ۾ قاضي قادن هڪ لفظ ”جوڳي“ استعمال ڪيو آهي، هن ئي بيت لاءِ چيو ويندو آهي، ته قاضي صاحب جي عشقي دنيا جو پهريون بيت پڻ هو، ڇاڪاڻ ته هن بيت سان هڪ واقعو بيان ڪيو ويندو آهي، ته ”هڪ ڀيري قاضي قادن جي مسجد ۾ هڪ بزرگ اچي ستو. سندس پير ڪعبي شريف ڏانهن هئا.
    جڏهن قاضي صاحب کي خبر پئي، ”دُرو“ کڻي کيس هڻڻ لاءِ آيو، پر بزرگ جي پير واري جاءِ تي سندس مٿو نظر آيس، وري جڏهن پيرن ڏانهن ٿي ويو، اتي به مٿو نظر آيس، تنهن تي ان بزرگ، کيس مخاطب ٿي چيو، ته پير جيڏانهن وڻينئي تيڏانهن ڪر، پر دل پنهنجي حقيقي مالڪ سان لڳاءِ“ (10) هن واقعي کي بيان جو مقصد آهي، ته قاضي صاحب جو مقام معلوم ٿئي، جيڪو بعد ۾ عشق جون منزلون طئه ڪري ڪامل بڻجي ويو.
    ان شخص جي بيت تي تنقيد ڪرڻ هڪ وڏي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته قاضي صاحب جو زمان (1463ع- 1551ع) وارو آهي، جڏهن ته مولوي صاحب جو زمانو (1704ع- 1116هه- 1769ع، 1181هه) آهي، قريباً 250 سالن دؤران ڪنهن به اهڙي تنقيد قاضي صاحب جي بيت تي نه ڪئي، مولوي صاحب جي تنقيد فارسيءَ ۾ هيئن آهي:
    ”نه جوڳي ست نه عارف سمنهي گهي
    شده هريک ملحدو گمرهي“
    يعني: جوڳي ۽ سومنات مندر وارا عارف نه آهن، سڀئي ملحد ۽ گمراهه آهن. (11)
    سومنات ان مندر جو نالو آهي، جنهن کي سلطان محمود سبڪتگين فتح ڪيو هو. (12) توڙي جو اسان صوفي بزرگن، جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي (رح) پڻ اچي وڃي ٿو، تن ”جوڳي“ لفظ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي، ڀٽائي سرڪار ته جوڳين جا سڄا سارا چاليهه قسم پنهنجن انمول شاعريءَ ۾ استعمال ڪيا آهن، انهن مان ڪجهه هيٺيان آهن:
    جوڳي، ويراڳي، لاهوتي، بيکاري، ڪاپڙي، بابو، نانگا، مهيسي، سامي، سنياسي، آديسي، ڪن ڪٽ، ڪاپٽ، ڪن چير، فقير، لانگوٽيا، پوربيا، گودڙيا، وير، کاهوڙي، ريگڙيا، راول، صابري، اسکا، هرڪيس ۽ آڌوتي (13) وغيره اچي وڃن ٿا.
    مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جي هن تنقيد کي ميمڻ محمد صديق محض اعتراض ڪوٺيو آهي، نه صرف ايترو پر ڏاهري صاحب کي ظاهر پرست مولوين جي قطار ۾ بيهاريو آهي. ميمڻ صاحب قاضي قادن جي لفظ ”جوڳيءَ“ کي ڪارائتو ۽ موزون لفظ سڏيو آهي، نه صرف ايترو پر سندس بقول ”هن بيت ۾ صنعت رکيل آهي“ (صنعت تجنيس).
    ميمڻ صاحب شاهه لطيف جي استعمال ڪيل لفظ ”جوڳيءَ“ کي پڻ بيان ڪيو آهي، پر قاضي قادن جي ”جوڳي“ لفظ کي ”هڪ رانجهو لک دا“ جي مصداق بڻائي ٿو.
    ميمڻ جي راءِ جي ابتڙ صوفي حضرات وٽ ”عارف“ لفظ سڀ کان اعليٰ آهي، ڇاڪاڻ ته عارفن جي منزل الاهي تجليات ۾ هر وقت مَحَو رهڻ واري آهي، باقي زاهد ۽ عابد رڳو جنت جي طلب رکندا آهن.
    تڏهن ته حضرت خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري فرمايو:
    عارف ۽ عشاق پسڻ گهرن پرينءَ جو،
    جنت جا مشتاق اڃا اوراهان ٿيا. (15)
    هن بيت مان به واضع ٿئي ٿو، ته عارفن جي منزل صرف هن بيت مان به واضع ٿئي ٿو، ۽ ديدار جي طلب هوندي آهي، محبوب حقيقي جي مشاهدي ۽ ديدار جي طلب هوندي آهي، اهي هميشہ لقاءَ ربي جي ذات جي مشاهدي جا گهورا هوندا آهن. هڪ ٻي فارسيءَ جي شاعر پڻ سٺي ڳالهه ڪئي ته:
    بيِ چراغان تجلي، طور، سنگ تفرقه است،
    ڪعبه بتخانه را، بي يار ديدن مشڪل است.
    يعني: سواءِ تجلي جي طور جبل وڇوڙي جو پٿر آهي، سواءِ يار جي ڪعبي توڙي بت خاني کي ڏسڻ مشڪل آهي.
    اڳتي هلي ميمڻ محمد صديق ”جوڳي“ لفظ کي ”بي تعصبي“ جي علامت طور بيان ڪري ٿو. (16) جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو، ته ”اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي“. (17)
    مخدوم صاحب جي تنقيد جي حوالي سان محترمہ ڊاڪٽر فهميده حسين پڻ ڪافي وضاحت سان راءِ ڏني آهي. ته پاڻ سندس ڪتاب ”ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ“ ۾ ۽ سندس هڪ مضمون ۾ جيڪو رسالي ”سوجهرو“ مئي 2000ع ۾ ڇپيو، ڪافي روشني وڌي آهي، هوءَ ڄاڻائي ٿي ته جڏهن هن تنقيد جي متعلق مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ته کيس حيرت جي انتها نه رهي، جڏهن هن ڏٺو ته سنڌيءَ ۾ تنقيد جا اشارا ته ڪلهوڙا دؤر ۾ ملن ٿا، ڊاڪٽر صاحبہ واضع نموني بيان ڪيو آهي ته ”اهو مولوي ابوالحسن ڏاهري ئي آهي، جنهن سڀ کان پهرين قاضي قادن جي بيت تي تنقيد ڪئي“. (18) مخدوم صاحب جي ڪيل تنقيد کي ڊاڪٽر فهميده حسين ”نظرياتي تنقيد“ ڪوٺي ٿي. جيڪا سنڌي ادب جي مقبول ترين تنقيد آهي،(19) تنقيد جا ڪيترائي قسم آهن، جن مان نظرثاني تنقيد پڻ آهي، نظرياتي تنقيد ڪهڙي ٿيندي آهي ۽ اهو ڪير ڪري سگهي ٿو؟ ان متعلق ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو صاحب پنهنجي ڪتاب ”تنقيدون“ ۾ لکي ٿو ته ”نظرياتي تنقيد هيمشہ پرچارڪ رهي آهي۽ تبليغ جو وسيلو پڻ رهي آهي. نظرياتي تنقيد جو ماهر هڪ پرچارڪ ٿئي ٿو، هو ادب ۾ پنهنجي نظرئي جي قوت ڏسڻ گهري ٿو“. (20) ڊاڪٽر ٻوهيو صاحب اڳتي ساڳيءَ تنقيد ڪندڙ لاءِ فرمائي ٿو ”اهڙي تنقيد جا عالم انقلابي ٿين ٿا“.(21)
    البتہ هڪ سوال وري هر ڪنهن جي ذهن ۾ اچي سگهي ٿو، ته مخدوم صاحب تنقيد فارسيءَ ۾ ڪئي آهي، سو ڇا لاءِ؟. ان لاءِ ڊاڪٽر محمد ”خليل“ پنهنجي ڪتاب ”ادب ۽ تنقيد“ ۾ لکي ٿو ته ”تنقيد ۾ هي ڳالهه غور طلب آهي، ته قاضي صاحب جو ڪلام سنڌيءَ ۾ آهي ۽ اعتراض فارسيءَ ۾.
    هن مان هي نُقطو ثابت ٿئي ٿو ته ٻنهي جي ٻولي سنڌي هئي ۽ ٻئي بزرگ فارسي جا به ماهر هئا. جيڪڏهن قاضي قادن فارسي نه ڄاڻندو هجي ها، ته اعتراض بيڪار ٿئي ها، پر مولوي صاحب جي ڄاڻ ۾ هو ته قاضي صاحب فارسيءَ ٻوليءَ جو ماهر هو، انهيءَ ڪري ئي اعتراض فارسيءَ ۾ ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ان وقت لکڻ پڙهڻ ۽ تصنيف و تاليف جي اها ئي زبان هئي“ (22)
    مٿي ڏنل ڊاڪٽر صاحب جي حوالي کان پوءِ منهنجي خيال ۾ وڌيڪ وضاحت جي ضرورت ڪا نه ٿي رهي. ها البت اها ڳالهه وري به ذهن ۾ تري تي اچي سگهي ٿي، ته مولوي صاحب وٽ ”جوڳي“ لفظ لاءِ ڪهڙا خدشا يا شبها هئا، جو پاڻ اعتراض ورتائون، ان ڳالهه جو به ڊاڪٽر خليل صاحب تفصيل سان تجزيو ڪيو آهي. پاڻ لکن ٿا ته”مولوي صاحب جي تنقيد جو هي تجزيو آهي، ته هن جي علم ۾ جوڳي ۽ عارف مترادف لفظ نه هئا (يعني: اهي ٻئي لفظ ساڳي معنيٰ ۾ استعمال نه ٿا ٿي سگهن) ”جوڳي“ لفظ جو مفهوم ”عارف“ جي لفظ مان ظاهر ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته جوڳي لفظ جي مفهوم ۾ ڪفر ۽ شرڪ جو شبهو موجود آهي ۽ لفظ عارف ۾ هن شڪ جي گنجائش نه آهي“ (23) ڊاڪٽر صاحب وڌي وضاحت ڪندي لکي ٿو، ته ”فن بلاغت“ جي اعتبار کان ” قاضي قاضن“ جو لفظ جوڳي مولوي ابوالحسن ڏاهريءَ وٽ قابل اعتراض آهي، ڇاڪاڻ ته هن لفظ مان عرفان جي بجاءِ الحاد جي تعليم جي استعانت ٿي ٿئي“.(24)
    جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آهي، ته مخدوم صاحب جي ڪيل تنقيد نظرياتي آهي، پر ان مان ڇا حاصل ٿئي ٿو؟ اهڙي تنقيد ڪندڙ ٻين ڪهڙن علمن جو ماهر هجي ٿو. ان متعلق پڻ ڊاڪٽر خليل جو موقف وزندار آهي، پاڻ لکي ٿو ته ”مولوي ابوالحسن ڏاهري جو اعتراض تنقيدي شعور تي مبني آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ٻن ٻولين ۾ مترادف لفظن جو ملڻ ممڪن نه آهي، ائين رڳو اتفاقيہ امڪان ٿئي ٿو، لفظ ”جوڳي“ تي اعتراض مولوي صاحب جي علم معاني جي واقفيت جي طرف اشارو ڪري ٿو ۽ بلاغت علم معاني جو ئي هڪ باب آهي“.(25)
    مٿي ڄاڻايل سڄي تفصيل مان هي ثابت ٿئي ٿو ته مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جو اعتراض ۽ تنقيد قاضي قادن جي بيت تي سنڌي ادب ۾ تنقيد جي شروعات آهي، ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ اهڙو ڪو به اشارو نه ٿوملي، جنهن سان اهو سمجهجي ته تنقيد جي شروعات ڪنهن ٻئي ڪئي، اهو پڻ واضع ڪيو ويو آهي ته هن وقت تائين جيڪي عالم ۽ اديب تنقيد جي حوالي سان سامهون ايندا رهيا آهن، انهن سڀني ۾ مخدوم ابوالحسن ڏاهري سڀ کان اول اچي ٿو ۽ کيس ئي سنڌي ادب جو پهريون تنقيدنگار آهي.
    سوال: تنقيد جا قسم بيان ڪريو؟
    جواب: هونئن ته تنقيد جا قسم مقرر ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه آهي پر عام طرح تنقيد جا ٻه طريقا اختيار ڪيا ويندا آهن. هڪ ته مختلف ڪيا ويندا آهن. هڪ ته مختلف ادبي ڪتابن تائين پهچي ان کي چڱي طرح تڪي توري پوءِ ان بابت ڪو حڪم جاري ڪيو وڃي ٿو. ٻيو تنقيد جو قسم آهي جنهن ۾ ادبي تصنيفن تي گهري نظر نه ٿي وجهجي فقط متفرق واقعن کي ترتيب ڏئي گڏ ڪيو وڃي ٿو ۽ ان تي ڪو به فيصلو نٿو ڏنو وڃي، تنقيد جا ٻيا به قسم به ڪيا وڃن ٿا هڪ داخلي )جنهن جا مثا ل پيش ڪرڻ (هينري جيمس) جون تصنيفون گهڻو وڌيڪ موزون آهن ۽ ٻيو خارجي (جنهن تي ايمبل هي نڪوبن) شامل آهن.
    ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ جي چواڻي مطابق ادبي تنقيد جي مختلف ادبي نقادن ڪيترائي مختلف قسم شمار ڪيا آهن جن ۾:
    1. نظرياتي تنقيد
    2.جمالياتي تنقيد
    3. نفسياتي تنقيد
    4. اخلاقي تنقيد
    5. مذهبي تنقيد
    6. سماجي تنقيد
    7. عملي تنقيد
    1. نظرياتي تنقيد:
    جيتوڻيڪ نظرياتي تنقيد جي لاءِ اسان فرانس واري انقلاب تي ڳوڙهي نظر وجهنداسين ته اسان کي جين جيڪس روسو وارو هي نظريو(انسان آزاد پيدا ٿيو آهي پر هر هنڌ ڏسو ته هو زنجيرن ۾ آهي).
    هن نظريي جي بابت اسان کي اها ڄاڻ ملي ٿي ته ان وقت جي حالات ۽ نظريا ڪهڙا هئا؟ تنهن بعد ٻين مفڪرن انهن جي نظرين کان متفق ٿي پنهنجا نظرياتي اصول بڻايا ۽ انهن ۾ ڏينهون ڏينهن تنقيدون ٿينديون رهيون.
    2. جمالياتي تنقيد:
    جمالياتي تنقيد ۾ اسان عروضي شاعريءَ واري صنف ۽ صوفياڻي ڪلام جو جائزو وٺنداسين ته ان ۾ اسان کي روايتون ۽ ٻيون تنقيدي ڳالهيون نظر اچن ٿيون تن جا موضوع عشقيه ۽ مجازي رنگن ۾ به ملن ٿا ۽ انهيءَ جو واسطو مذهبي ۽ ملان تي ڪيل تنقيد آهي.
    3. نفسياتي تنقيد:
    نقاد کي نفسياتي ڄاڻ ذريعي تنقيد ڪرڻ لاءِ مناسب لفظ خودبخود سماج مان ئي مهيا ٿي وڃن ٿا، آرٽ کي سمجهڻ لاءِ ليکڪن جي پنهنجي زندگين کي سمجهڻ ضروري آهي، اديب جي ظاهري ڪيفيتن سان فنپاري کي سمجهڻ جي شعوري ڪوشش هن طريقي سان لاڳاپيل آهي.
    4. اخلاقي تنقيد:
    تنقيدنگارن وٽ انساني قدرن جي حوالي سان نظم و ضبط روڪ ۽ ترتيب جي گهڻي اهميت رهي آهي ۽ هو انهن کي بنياد بڻائي لکن ۽ پرک ڪن ٿا.
    5. مذهبي تنقيد:
    مذهبي تنقيد ۾ اعليٰ شاعرن جي ڪلامن ۾ روحاني راز ۽ باطني معنائون ۽ کوجنائون به تنقيد جو هڪ رجحان رهيون آهن، توڙي نقادن فن ۽ هر هڪ قسم جي روايت شڪنيءَ کي قبول ڪرڻ جو رواج پڻ ملي ٿو.
    سوال: تنقيد جا مقصد بيان ڪريو؟
    جواب: تنقيد جو بهترين مقصد هي آهي ته نقاد بحث هيٺ آيل ادبي ڪارنامي جي صداقت سان تحقيق ڪري ۽ حقيقتون معلوم ڪري سڀن جي اڳيان آڻي.تنقيد جو مقصد هي آهي ته ڪو به نقاد جڏهن ڪنهن ادبي ڪارنامي تي تنقيد ڪري ۽ ان ۾ دنيا کان ڌار ٿي جيڪو پاڻ محسوس ڪري ٿو اهو بيان ڪري ته جيئن اُن تنقيد مان ٻيا به لطف اندوز ٿي سگهن.تصنيفن کي سٺي طريقي سان پرکڻ ۽ هي ڏسڻ ته اخلاقيات جي علمبرداري ۾ ليکڪ جي ڪيتري ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، اهو تنقيد جو بهترين مقصد آهي.تنقيد جي ذريعي اسان کي ليکڪ جي باري ۾ خبر پوي ٿي ته هن ۾ ڪهڙي لکڻي سٺي آهي ۽ ڪهڙي خراب آهي ان سان وقت به بچي ٿو ۽ ايتري محنت به نٿي ڪرڻي پوي.تنقيد جو هڪ اعليٰ مقصد هي آهي ته عوام کي مصنف ڏانهن ڌيان ڇڪرائي ته جيئن هر عام ۽ خاص ماڻهو کيس پڙهي ۽ سٺي طرح سڃاڻي سگهي.تنقيد جو مقصد هي به آهي ته اها ادبي مذاق جي ٺاهڻ ۽ سڌارڻ جي ڪوشش ڪري.تنقيد ادب کي خودغرضي ۽ تعصب جي ڀيٽا ٿيڻ کان به بچائي ٿي. تنقيد جو هڪ مقصد هي به آهي ته مصنف يا عوام جي پاڻ ۾ اڻ بڻت کي دور ڪري ٿي.
    سوال: ڇا تخليق ۽ تنقيد هڪٻئي جي لاءِ لازم منظوم آهن؟
    جواب: ڪنهن به تخليقي عمل لاءِ ضروري آهي ته فنڪار يا شاعر جي زندگي تي تنقيدي نظر وجهڻ جي صلاحيت هجي، ڇو ته فن جي تخليق ڪرڻ وارو پنهنجن جذبن خيالن ۽ تجربن کي ترتيب ڏئي. ڪنهن خاص اسلوب ۽ لطافت سان پيش ڪري ٿو اها سندس تنقيدي صلاحيت ئي هوندي آهي. جنهن جي مدد سان ان موضوع جي چونڊ ڪندو آهي ۽ پنهنجن خيالن کي ترتيب ڏيندو آهي. اها تنقيدي صلاحيت زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ترقيءَ جي ضامن هوندي آهي.
    تنقيدي عمل وسيلي ئي زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ ممڪن آهي ۽ فن جي هر هڪ صورت جي ترقيءَ جو دارومدار به انهيءَ ساڳئي تنقيدي عمل تي آهي، انهيءَ مان ثابت ٿيو ته تخليق ۽ تنقيد جو پاڻ ۾ گهرو تعلق هوندو آهي.
    اڪثر مفڪرن ۽ نقادن جو اهو چوڻ بلڪل بجاءِ آهي ته بنا تنقيدي شعور جي اعليٰ تخليق جو پيدا ٿيڻ ممڪن ئي نه آهي تنهنڪري هر هڪ تخليق ۾ تنقيدي شعور ڪم ڪندو نظر اچي ٿو، تخليق پاڻ ۾ لازم منظوم آهن، تنهنڪري ادبي تخليق ڪنهن به زماني ناقدانا بصيرت کان محروم نه رهي هوندي پر ان مان هڪ ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته تخليق پهرين وجود ۾ آئي ۽ پوءِ تنقيد اُتان ترقي ڪري فن جي حيثيت حاصل ڪئي آهي. تخليقي ادب زندگيءَ کي نئينءَ طرح سينگارڻ جي ڪوشش آهي.
    تنقيد ادب کي سينگارڻ ۾ ڀاڱو وٺي ٿي ۽ ان جي لاءِ هدايت جي ڏيئي جو ڪم ڏئي ٿي. اها ئي تخليقي جوهر جي لاءِ به فائدي مند آهي ۽ ٻئي پاسي زندگي کي سهڻي بنائڻ لاءِ ڪم اچي ٿي.
    ان ڳالهه مان ظاهر ٿيو ته ادب ۾ فن کي ان جي جمالياتي قدرن جي سهي ڄاڻ سان زندگيءَ جي لاءِ گهڻي مان گهڻو مفيد ۽ ڪارآمد ٺاهڻ ۽ پاڻ فني تخليق ڪرڻ وارن کي زندهه رکڻ جو اعليٰ ذريعو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو