• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سموري سون

منصور سرور

سينيئر رڪن
انجنيئر فيصل الرحمان آرائين

سنڌ اندر هلندڙ پاڻي جي هٿرادو کوٽ آخر ڪڏهن ختم ٿيندي؟ ڪهڙا محرڪات آهن جن سبب پاڻي کوٽ سالن کان برقرار آهي، ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي. هڪ طرف پاڻي جي کوٽ آهي، ٻئي طرف وري سنڌ جي زرخيز زمين کي سم ۽ ڪلر جاهل وڏيري جيان وٺندو پيو وڃي. جيئن ڪنهن سرسبز وڻ کي بي پاڙي گاهه سڪائي ڇڏيندو آهي. آخر هن مان سنڌ سونهاري جي ڪيئن ۽ ڪڏهن جان ڇٽندي؟

سنڌ جي سورن کي ڏسي رهيو نه ٿيو قلم کڻي لکان پيو. سنڌ سونهاري ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ پاڻي جو زيان عام آهي پاڻي جي پراڻي نظام تي نظر وجهنداسون ته خبر پوندي ته ان ۾ پاڻي جي کوٽ گهٽ ٿيندي هئي. ان جو سبب اهو هو ته واٽر ڪورس، واهه، ڪئنال ۾ وهندڙ پاڻي جو وهڪرو زمين جي سطح کان هيٺ هلندو هيو، جڏهن ته هن وقت نظر ڪبي ته واهن ۽ ڪئنالن ۾ پاڻي جي سطح زمين آباد ٿيندڙ کان 4 کان 6 فوٽ مٿي هلي رهيو آهي. واهن ۽ واٽر ڪورسن توڙي ڪئنالن جي کوٽائي بجاءِ هن جي پاسن کان بندن کي مٿي ڪيو ويو آهي، جنهن سبب هن ڌرتي تي سم جو سايو آهي. هڪ طرف ايريگيشن جي غلط پلاننگ ته وري ٻئي طرف وڏن زميندارن توڙي وڏيرن جي ڏاڍ مڙسين جي ڪري سنڌ پوئتي پيل علائقن خاص طور تي ٽنڊو جان محمد، جهڏو، نئون ڪوٽ، مٺي، ٿرپارڪر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ته پاڻي جي ايتري کوٽ آهي جو غريب اٻوجهه ماڻهن کي فصلن لاءِ ته ٺهيو پر جانورن توڙي انسانن لاءِ پاڻي پيئڻ جو غنيمت بڻيل آهي.

سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار ڪاغذن جا پيٽ ڀري لکين روپيا ايريگيشن جي ڪامورن معرفت کائڻ ۽ عياشين تي خرچ ڪرڻ ۾ پورا آهن. ٿيڻ ته ائين گهرجي جو واهن جي تري جي کوٽائي ڪري بندن کي مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن پاڻي جي زيان کي روڪي سگهجي ۽ ٻيو ته واهن کي وڏيرن جي ڏنل ناجائز رنڊڪن کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن مذڪوره پاڻي جي زيان کي روڪي سگهجي ۽ ٻيو ته واهن کي وڏيرن جي ڏنل ناجائز رنڊڪن کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن مذڪوره علائقن جو غريب عوام پنهنجي زمينن کي آباد ڪري سگهي. پاڻي پوڇڙي وارن علائقن تائين صحيح نموني پهچي. غريب عوام جي سالن کان هن ملندڙ پاڻي کوٽ جي مسئلي مان جان آجي ٿي. آئون هتي انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ کي اپيل آهي ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي سنڌ جي ايريگيشن نظام کي بهتر ڪرائي هن لاءِ جيڪڏهن ٿي سگهي ته جڊيشل ڪميشن قائم ڪئي وڃي جيڪا سنڌ جي سمورن واهن ۽ ڪئنالن جو جائزو وٺي رپورٽ مرتب ڪري تنهن کانپوءِ هن رپورٽ کي نظر ۾ رکي سنڌ جي واهن ۽ ڪئنالن جو مرمتي ڪم جنگي بنيادن تي ڪرائي سنڌ جي سرسبز زمين کي بنجر ٿيڻ کان بچائي.

هونئن ته سنڌ جي پاڻي تي مٿان کان ئي ڌاڙو هنيو ويندو آهي جنهن تي اسان جي صوبي جا حڪمران مفاهمت جو رنگ ڏئي خاموش هوندا آهن پر سنڌ ۾ به پنهنجا ئي سنڌي غريب آبادگارن جو حق کسي پنهنجون زمينون آباد ڪندا رهن ٿا. هڪ ته پاڻي جي قلت وڌي ويئي آهي باقي جتي ٿورو گهڻو آهي اُتي وڏيرن جون ڏاڍ مڙسيون غريبن جو حق کسيو وڃن. جيڪڏهن حڪومت انهن پاڻي چور وڏيرن کي پنهنجي حق تائين محدود رکڻ جي لاءِ قدم کڻي ته سنڌ سموري سون بڻجي ويندي.

الا ائين م هوءِ جو ڪتابن ۾ پڙهجي

هڪڙي هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
 
سُتا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري....!!!
سنڌيو سجاڳ ٿيو، پنهنجي دنگن جي حفاظ پـــاڻ ڪريو....!
ساٿ هـلـندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي،
نـــوجـــوان ســاٿـيو، ســـنڌ جـا وارثو!
 
وڏيرن جي ڏاڍائي ختم ٿئي اها به سنڌ مان؟؟؟ سا نا ممڪن آهي.. سنڌ جو ٻيڙو نه صرف وڏيرن پر حڪومت ٻوڙيو آهي جيستائين اها ڪا ڪوشش نه ڪندي تيستائين ٻيڙو پيو غوطا کائيندو.. اهي لاڙها چاڙها تيستائين ختم نه ٿيندا جيستائين سنڌ جو ڪو جوڌو اڳيان نه ايندو.. يا وري حڪومت اڳتي وڌندي.. پاڻ ته سڀ سياستدان منرل واٽر جون بوتلون پيو پيٽ ڀريو ويٺا آهن سو ڪٿان غريبن جا ڏک ڏسجن.. منهنجو بابا چوندو آهي جنهن ننڍپڻ کان ڏک ڏسي پو سکيو ٿيندو آهي ته انهن کي غريبن جو احساس هوندو آهي.. پر جيڪو ڄمڻ سان ئي هنڌورن ۾ لڏيو هجي تنهن کي ڪهڙي خبر ته ماڻهن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ڇا نه ٿي رهيو آهي.. بس سنڌا پيٽ پيا ڀرين.. پو آخر ۾ بڇڙا ٿيو پو عهدي تان لهن..
 
بلڪل درست ادي پر اسين ئي انهن کي ووٽ ڏيئوٿا، ۽ انهن جي جلسن کي ڪامياب ڪرايون ٿا، اهي اچن ٿانظر پنجن سالن کان پو۽ ۽ اسان سائين سائين چوندا خوشي ۾ پر هوندا آهيون.
 
بلڪل درست ادي پر اسين ئي انهن کي ووٽ ڏيئوٿا، ۽ انهن جي جلسن کي ڪامياب ڪرايون ٿا، اهي اچن ٿانظر پنجن سالن کان پو۽ ۽ اسان سائين سائين چوندا خوشي ۾ پر هوندا آهيون.
پو پنهنجي ئي غلطي آهي ادا اڳئين اليڪشن ۾ آئون به ووٽ ڏئي سگهندس پو آئون ڪنهن ايري گيري کي ووٽ نه ڏيندس انشاالله... پو وڏيرن جي ڳالهه ٻڌون ئي ڇو غلطي ته پاڻ جي به آهي سنڌ کي تباهه ڪرڻ وارا سنڌ ۾ ئي موجود آهن سنڌي ئي سنڌ جو ٻيڙو ٿا ٻوڙين پو وري شريف ٿيو وڃن...
 
Back
Top