رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
وري ٿيو خون کاهوڙي
وري ٿيو ديس دانهوڙي
ويو محشر مچي آ هت
روئي ٿيو راڄ آ راڙي
اميدن کي لڳي ڪس پئي
منزل ڇو لڳي چاڙهي
هلو سڀ هوت هنگلاجن
ڏمر ڏاريو هي ڏهاڙي
وکون گامون وڻن ٿيون سي
وطن لئي جو وڄي تاڙي
چچريل لاش ڍوئيندي
ڪيو ڪي پاند پڇاڙي
ڏٻرا ٿي ويا ڏيهي
بکون سڀ چولو چيهاڙي
وري ٿيو ديس دانهوڙي
ويو محشر مچي آ هت
روئي ٿيو راڄ آ راڙي
اميدن کي لڳي ڪس پئي
منزل ڇو لڳي چاڙهي
هلو سڀ هوت هنگلاجن
ڏمر ڏاريو هي ڏهاڙي
وکون گامون وڻن ٿيون سي
وطن لئي جو وڄي تاڙي
چچريل لاش ڍوئيندي
ڪيو ڪي پاند پڇاڙي
ڏٻرا ٿي ويا ڏيهي
بکون سڀ چولو چيهاڙي