ادب، تخليق ۽ تنقيد

'سنڌي ادب' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2010۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    ”نرمل“ کوهارو
    ادب، تخليق ۽ تنقيد
    تنقيد جي وصف
    ادب جا ٻه روپ آهن، هڪ تخليقي روپ، جنهن ۾ شاعري، ڪهاڻي، ناول، ناٽڪ، مضمون وغيره اچي وڃن ٿا: ٻيو آهي انجو تحقيقي روپ، جنهن ۾ ادب جي اُصولن ۽ انجي ٻين پهلوئن جي وياکيا توڙي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي آهي. ادب جي ان روپ کي تنقيد ڪوٺبو آهي. تنقيد يا نڪته چيني، هر فن جو روح ٿيندو آهي. جيڪڏهن ادب يا فن تي تنقيد نه ٿئي، ڪير ان تي تنقيد نه ڪري، ته اُهو فن يا ادب واڌارو- سڌارو ڪري نه سگهندو. (تنقيد جي علم ۽ فن جي تاريخ به ايتري ئي پراڻي آهي جيتري انسان جي ادراڪ ۽ تفڪر جي. جيئن انسان ڪڏهن به ڪنهن هڪ فلسفي جي تابع نه رهيو آهي. تيئن تنقيد جون فڪري ڌارائون به انيڪ رهيون آهن، زندگيءَ جي هر شعبي ۽ مڪتبه فڪر وٽ تنقيد جا پنهنجا بنياد ۽ قدر رهيا آهن پر ارسطو انساني تاريخ جو پهريون فلسفي هو جنهن تنقيد جي علم ۽ فن کي علمي طور باقاعده هڪ Discipline ۾ آندو، ان ڪري هن کي تنقيد جي علم ۽ فن جو موجود به سڏيو ويندو آهي.
    تنقيد جي لغوي معنيٰ آهي پر کڻ يعني خامين ۽ خوبين جو بيان ڪرڻ. جيئن لغت ۾ نقد جي معنيٰ آهي، پئسن کي پرکي انهن ۾ کري ۽ کوٽي جو فرق ڏيکارڻ، ان طرح تنقيد اوڻهيءَ عبارت کي ٿو ڪوٺجي، جنهن مان ڪنهن به ادبي ڪم جي خوبين ۽ خرابين کي ڄاتو- سمجهيو وڃي: يا ائين کڻي چئجي، ته ادبي تنقيد، ڪنهن ادبي ڪارنامي کي پڙهڻ کانپوءِ، ان تي سوچي- ويچاري، انجي ادبي ڪٿ ڪرڻ آهي. تنقيد ۾ باريڪبيني ۽ دليل وڏي اهميت رکن ٿا. انگريزيءَ ۾ ان لاءِ Literary Criticism لفظ جو استعمال ڪيو ويندو آهي. انگريزيءَ ۾ Criticism ، لاطيني ۾ ”ڪرٽيڪوس“ چيو ويندو آهي، جنهن جي معنيٰ وياکيا ڪرڻ يا فيصلو ڏيڻ آهي.
    حقيقت ۾ تنقيد، اسان جي طبيعت جي تقاضا آهي ان پس منظر ۾ جيڪڏهن غور ڪري ڏسبو، ته تنقيد جو فن نه صرف ادب لاءِ ضروري آهي، بلڪه اِهو انساني روز مره واري زندگيءَ جو به هڪ اهم جزو آهي. جيئن اسان پنهنجي روز مره جي زندگيءَ ۾، هر شيءِ جاچي، تپاسي، کري- کوٽي جي پرک ڪرڻ بعد ئي ان جي قيمت ڪٿيندا آهيون، ساڳئي نموني، هڪ عالم، ڪنهن لکڻي کي، پنهنجي وسيع علم ۽ ڄاڻ جي ڪسوٽيءَ تي پرکي، ان جو ڇيد ڪري، سٺي- خراب جو فرق ڏيکاري، ان جو ادبي معيار مقرر ڪندو آهي. اُن ادبي معيار کي ئي، ادبي تنقيد چئبو آهي Encyclopaedia Britannicia موجب، ”تنقيد ادب جي نسبت ۾، باسبب ۽ منظوم بحث- مباحثه ۽ ڇنڊ ڇاڻ کي چئبو آهي، جنهن ۾ ادبي قدرن، فن ۽ ٽيڪنيڪ جي وياکيا ۽ ڪٿ ڪيل هوندي آهي.“
    برنارڊشا نقاد لاءِ لکيو آهي:
    The true critic is the man who becomes your personal enemy on the sole provocation of a bad performance and will only be pleased by good performance.
    هڪ سٺي نقاد کي، هڪ سچي پارکوءَ جي نظر هئڻ گهرجي. نقاد لاءِ اتهاس جي روايتن ۽ زندگيءَ جي تمام گهراين جي ڄاڻ هئڻ به تمام ضروري آهي. کيس پنهنجي ملڪ ۽ دنيا جي ادب کان به واقف هئڻ گهرجي.
    تنقيد ڪرڻ وقت هن کي عيب-جوئي ۽ ثواب شناسي، ٻنهي جو بيان ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن هو ليکڪ کي خوبين لاءِ داد ۽ خامين کي دور ڪرڻ جو رستو ڏيکاري سگهي ته بهتر ٿيندو. ازانسواءِ تنقيد ڪرڻ وقت، نقاد کي ليکڪ جي اوسر جو به ڌيان رکڻ گهرجي، ائني نه ٿئي ته ڪڙي تنقيد ڪندي، هو ليکڪ کي اهڙو جذباتي ضرور رسائي، جو هڪ نئون ليکڪ، مورڳو ئي دلشڪستو ٿي لکڻ ئي بند ڪري ڇڏي.
    تنقيد ڪرڻ وقت نقاد کي مال، رومال، ۽ ٻولي، ٽنهي جو خيال رکڻ گهرجي. رچنا ۾ رڳو مال ڏسڻ ٺيڪ ناهي. عام نقاد، رچنا جي يٿارٿ ۽ انجي اِشاريت ۽ تمثيل کي واضح ڪري، پاٺڪ کي رچنا جي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. نقاد لاءِ تنقيد وقت، لفظن جي چونڊ ڪرڻ به لازمي آهي، جيئن هو پنهنجي راءِ کي، مناسب لفظن ۾ ظاهري ڪري. سپنگرن جي راءِ مطابق، تنقيد ڪرڻ وقت، هڪ سٺي نقاد آڏو، هيٺين ڇهن سوالن جا جواب هئڻ گهرجن:
    تخليق ۽ تنقيد
    ڪنهن به تخليقي عمل لاءِ ضروري آهي ته فنڪار ۾ زندگيءَ تي تنقيدي نظر وجهڻ جي صلاحيت هجي ڇو ته فن جي تخليق ڪرڻ وارو پنهنجن جذبن خيالن ۽ تجربن کي ترتيب ڏئي ڪنهن خاص اسلوب ۽ لطافت سان پيش ڪري ٿو ۽ اها سندس تنقيدي صلاحيت ئي هوندي آهي جنهن جي مدد سان ان موضوع جي چونڊ ڪندو آهي ۽ پنهنجن خيالن کي ترتيب ڏيندو آهي. اها تنقيدي صلاحيت زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ترقيءَ جي ضامن هوندي آهي. انسان پنهنجي تنقيدي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي اڄ ترقيءَ جي مٿئين ڏاڪي تي پهتو آهي، غارن ۽ خوفناڪ جهنگن يا رڻ پٽن کان ٿيندو اڄ جو انسان ڪمپيوٽر ايج ۾ داخل ٿيو آهي ۽ هن کي هن ڌرتيءَ جي گولي کانسواءِ ٻيون ڪيتريون دنيائون چنڊ ۽ ستارن جي روپ ۾ دعوت ڏئي رهيون آهن ته اچي اسان کي فتح ڪر.
    ماضيءَ کان حال تائين ٿيندڙ هر ڪنهن تبديليءَ ۾ جيڪڏهن ڪا بهتري، ڪا نواڻ نظر اچي ٿي ته ان جي ذميداري تنقيدي شعور تي آهي ۽ اها تبديلي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڏسي سگهجي ٿي ۽ فن جي هر صورت ۾ ان کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري چئبو ته تنقيدي عمل وسيلي ئي زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ ممڪن آهي ۽ فردن جي هر هڪ صورت جي ترقيءَ جو دارومدار به انهيءَ ساڳئي تنقيدي عمل تي آهي. انهيءَ مان ثابت ٿيو ته تخليق ۽ تنقيد جو پاڻ ۾ تمام گهرو تعلق هوندو آهي. ڪنهن زماني ۾ ته اهو عام خيال هو ته هڪ سٺو نقاد ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته اهو پاڻ به فنڪار هجي. ادب جي تاريخ ۾ گهڻو ڪري سٺا نقاد اهي ئي ٿيا آهن جيڪي پاڻ به انهيءَ تخليقي صنف ۾ مهارت رکندڙ هئا، ان ڪري چوندا هئا ته هڪ تخليقڪار ۽ هڪ تنقيد نگار ۾ تخليقي ۽ تنقيدي صلاحيتن جي حوالي سان ڪو ٿورو ئي فرق هوندو آهي، انهيءَ حوالي سان هڪ سٺي تنقيد نگار ۾ تخليقي صلاحيت جو هئڻ پڻ صروري ڄاتو ويندو هو. شيڪسپيئر جي زماني جو مشهور ڊراما نگار ۽ شاعر ين جانسن (Ben Jonson) نقاد به هو، سندس خيال هو ته ”شاعريءَ جي پرک صرف شاعر ئي ڪري سگهن ٿا، سي به عام شاعر نه پر جيڪي تمام سٺا شاعر هجن.“
    هڪ نقاد جيڪڏهن فنڪار نه به هجي ته به هن ۾ ڪنهن تخليقي عمل کي سمجهڻ جي صلاحيت ضرور هئڻ گهرجي، کيس اها به ڄاڻ هجي ته شعر ڪيئن جڙندو آهي، شاعر جي جذبن جي احساس (Feelings)، تخيل (Imagination)، سوچ (Thought) ۽ زندگي جي مختلف تجربن مان ورتل تاثرن جي ترتيب سان هو شعر جوڙي پيش ڪري ٿو.
    تخليق ۽ تنقيد جو اهو رشتو ٻطرفو آهي معنيٰ ته ڪو به تخليقڪار تخليقي صلاحيت سان گڏ تنقيدي صلاحيت رکي ٿو ۽ هو زندگيءَ تي تنقيدي نظر وجهي، ڪو موضوع ڳولي ان کي پنهنجي خاص انداز ۽ اسلوب ذريعي پيش ڪري ٿو ۽ ڪو به نقاد انهيءَ تخليق تي جڏهن تنقيدي نظر وجهي ٿو ته پنهنجي تخليقي صلاحيت ذريعي پهرين ان کي سمجهي پوءِ ان جو تجزيو ڪري ٿو، اهڙيءَ ريت هو زندگيءَ ۽ فن جو نقاد بڻجي ٿو، فن جي روايت ۽ ٽيڪنيڪ جي ڄاڻ به ٻنهي لاءِ ضروري آهي.
    پر عام رويو اهو آهي ته زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ ڪنهن به شيءِ جي خوبي يا خامي چڱائي يا برائي معلوم ڪرڻ لاءِ ان شعبي جي ڪنهن به ماهر ماڻهوءَ کان راءِ وٺبي آهي پر ادب ۽ ٻين لطيف فنن بابت هر ڪو ڄاڻو، اڻ ڄاڻ پيو ڳالهائيندو ۽ پنهنجا رايا ڏيندو آهي. عام ماڻهوءَ جي راءِ ۽ ماهرانه راءِ ۾ گهڻو فرق هوندو آهي، عام ماڻهوءَ جي راءِ عمومي هوندي آهي جڏهن ته خاص ۽ ماهر ماڻهوءَ کي ان فن جي ڄاڻ، تربيت، ذوق (Aesthetic Sense) ۽ تخليقي صلاحيت ذريعي انهيءَ فنپاري کي پرکي پوءِ راءِ ڏيڻي پوندي آهي.
    تخليق
    ڪو به فن تخليق ڪندڙ تخليقڪار (Creative artist) هوندو آهي جنهن ۾ تخليقي صلاحيت بنيادي شيءِ هوندي آهي ۽ تربيت ۽ سکيا ان کي چمڪائي صحيح نموني پيش ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي. سندس تخليقي صلاحيت ترڪيبي (Synthetic) هوندي آهي ۽ تنقيدي صلاحيت کي تجزياتي (Analytinal) چيو ويندو آهي.
    هڪ ادبي نقاد ڪنهن به ادب پاري جي خوبين ۽ خامين کي تمام سچائي ۽ ديانتداريءَ سان پرکي تخليقڪار جي فني ۽ ٽيڪنيڪي صلاحيتن کان وٺي سندس فڪر ۽ خيال جو ڇيد يا تجزيو (Analysis) ڪري ٿو، جنهن ۾ سندس انداز سائنسي هئڻ گهرجي ڇا ڪاڻ جو تنقيدي فن هڪ قسم جي سائنس آهي جنهن سان ڪنهن ادب پاري جي مختلف عنصرن جي تجزياتي ڇنڊ ڇاڻ ڪري انهن جي افاديت کي اجاگر ڪري انهيءَ جو ملهه ڪٿي سگهجي ٿو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته تخليقي ادب جو واڌارو ۽ ترقي تنقيد جا مهتاج آهن ۽ تنقيد وري خود به تخليقي جوهر جي محتاج هوندي آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن به چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن به تخليقي فن تي تنقيد ڪرڻ بذات خود هڪ تخليقي عمل آهي ۽ تنقيد نگار به هڪ تخليقڪار ٿئي ٿو.
    تخليقڪار ۾ تنقيدي صلاحيت سان کيس اها ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي جيڪا خود زندگيءَ جو بنياد آهي يعني چڱي ۽ بري جو فرق، کري ۽ کوٽي جي سڃاڻ، ڪوڙ ۽ سچ جي ساڃاهه جنهن سان زندگيءَ جا مسئلا حل ڪرڻ سولا ٿيو پون ۽ هو موضوع جي چونڊ ڪرڻ ۾ آساني محسوس ڪري ٿو، جڏهن ته فني تنقيد فن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. ادب هڪ فن آهي ۽ ادبي تنقيد ذريعي ان ۾ صحتمند ۽ سهڻيون تبديليون آڻي سگهجن ٿيون. اهو اهڙو تخليقي عمل آهي جنهن ۾ تنقيدي ڄاڻ جي مدد سان تخليقي قوتن ۾ واڌارو آڻي انهن ذريعي سماج لاءِ ڪا سهڻي سوچ، ڪو صحتمند فڪر ڪنهن فن اپري ۾ سرجي ٿو. تنقيد جي فن ذريعي انسانن جي انسانن سان لاڳاپن ۾ رابط ۽ سماج جي عقلي روين کي دليلن سان سمجهائي ۽ جذباتي ورتاءَ جو جواز پيش ڪري سگهجي ٿو جن جي ذريعي پڙهندڙ ماڻهن کي زندگيءَ گذارڻ جو بهتر طريقو معلوم ٿئي ٿو ۽ سندن زندگيءَ ۾ اعتبار ۽ اعتماد اڀاري سگهجي ٿو.
    روايتي طرح سان تنقيد جي لفظي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ مونجهارو آهي، لفظ تنقيد جي لغوي معنيٰ آهي ”Evaluate“ ”ملهه ڪٿڻ“ ”پرکڻ“ چڱي بري يا کري ۽ کوٽي جو فرق معلوم ڪرڻ، ڪنهن به شيءِ جي خوبين ۽ خامين جو صحيح اندازو ڪري ان تي پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ. انگريزي لفظ (اصل يوناني) Criticism جي لغوي معنيٰ آهي فيصلو، عدل يا انصاف يا Judge ڪرڻ. پر عام زبان ۾ تنقيد، Criticism وغيره جو مطلب نڪته چيني ڪرڻ، عيب ڪڍڻ سمجهيو ويندو آهي جيڪا ڳالهه فن يا ادب جي تنقيد لاءِ مناسب ڪانهي. ادبي تنقيد ذريعي ادبپاري جي خامين سان گڏ خوبيون پڻ بيان ڪيون وينديون آهن ته جيئن خاميون دور ڪرڻ سان گڏوگڏ خوبين جو سلسلو پڻ قائم رهي.
    فن ۽ فڪر جو بحث
    ڪنهن به ادبي تحرير يا لکڻيءَ تي تنقيد ڪرڻ جا ٻه طريقا رائج رهيا آهن، هڪ ۾ لکڻيءَ جي هيئت، اسلوب، اسٽائيل، ٻوليءَ جي ميٺاج، رنگيني ۽ فني گهرجن يا ٽيڪنيڪي مهارت کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي، بنسبت ان جي خيال جي بلندي، فڪري عظمت ۽ سماجي ڪارج جي. جڏهن ته ٻئي طريقي موجب فنڪار جي بنيادي خوبي سندس خيال جي بلندي ۽ سندس لکڻي جي سماجي ڪارج کي سمجهيو ويندو آهي.
    اصل ۾ ڳالهه هيئن آهي ته ڪنهن به اعليٰ درجي جي فن (ادب) ۾ ٻنهي ڳالهين جي اهميت پنهنجي ليکي آهي. سچا فنڪار پنهنجي خيال، فلسفي ۽ نقطه نظر کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ ڏات ۽ ڏانءَ ٻنهي جو سهارو وٺندا آهن. لفظن جي سهڻي ترتيب ۽ ٻوليءَ جي جمالياتي سونهن، اسلوب ۽ اسٽائيل جي منفرد ۽ اعليٰ نموني ذريعي ئي ڪنهن اعليٰ خيال جو بهتر ۽ مؤثر اظهار ڪري سگهجي ٿو. ڪيترو به اعليٰ خيال هجي، جيڪڏهن پيشڪش جوا نداز متاثر نه ڪندو ته اهو پنهنجي اهميت وڃائي ڇڏيندو ۽ پڙهندڙ ان مان ڪو به لاڀ پرائي نه سگهندو. ساڳيءَ ريت ڪيترو به سهڻو انداز ۽ اعليٰ اظهار هوندو جيڪڏهن خيال ۾ دم نه هوندو، فڪري بلندي ۽ عظمت نه هوندي ته اهو پڙهندڙ جي توجهه حاصل ڪري ڪو نه سگهندو.
    جذبن احساسن جي لطافت ۽ نزاڪت، فڪر ۽ خيال جي بلندي، تخيل جي اڏام، اسلوب جي انفراديت ۽ ٻوليءَ جي سونهن سان ئي ڪا لکڻي اعليٰ فن جو مقام ماڻي سگهي ٿي ۽ ڪنهن به فنڪار لاءِ سڀ کان وڌيڪ خوشيءَ جو موقعو اهو ئي هوندو آهي ته فني ادراڪ ۽ هنر منديءَ واري مهارت سان پنهنجي زندگيءَ بابت نظريي کي پڙهندڙن تائين پهچائي سگهي.
    هڪ خيال اهو به آهي ته اسلوب جو معنويت سان پاڻمرادو تعلق هوندو آهي. ڪنهن به خاص خيال يا فڪر سان ان جي فني گهرج اسلوب ۽ اسٽائيل پاڻيهي اچي ويندو آهي. ادب جي موضوع طور زندگيءَ ۽ ڪائنات جا مسئلا اديب ۽ شاعر کي سوچڻ تي مجبور ڪندا آهن ۽ پوءِ هو انهن کي پنهنجي ڄاڻ ۽ وس آهر بهترين طريقي سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هر دور جا پنهنجا موضوع، پنهنجا فڪري رجحان ۽ اسلوب هوندا آهن ۽ هر هڪ ماحول ۽ معاشري جون تهذيبي ثقافتي ۽ سماجي گهرجون مختلف هونديون آهن. ان کان سواءِ زمان ۽ مڪان جي انهن پابندين کان مٿانهان ڪي آفاقي قدر ۽ انساني تقاضائون پڻ هونديون آهن جن سڀني جي پورائي ڪرڻ وارو اديب يا شاعر ئي پان ۾ همه گيريت، انفراديت ۽ آفاقيت رکندو آهي.
    جيڪي نقاد ادب ۾ صرف خيال، فڪر، سماجي ڪارج ۽ زندگيءَ سان وابستگيءَ جو عنصر ڳوليندا آهن انهن کي ”ادب براءِ زندگيءَ“ جو نظريو رکندڙ چيو ويندو آهي ۽ اهي ان جي فني گهرجن ۽ اسلوب کي محض ان فڪر جي پيش ڪرڻ جو ذريعو سمجهندا آهن ۽ جيڪي نقاد فني گهرجن، سهڻي ٻولي منفرد اسلوب ۽ اسٽائيل کي ئي فن سمجهندا آهن ۽ ان جي اهميت ۽ افاديت به محض انهيءَ سبب سمجهندا آهن ته فن جي تاريخ ۾ اهو هڪ اهم اضافو آهي... ان ۾ اعليٰ خيال يا فڪر جي موجودگي ۽ زندگيءَ سان لاڳاپو يا ان جو ڪارج هنن جي نظر ۾ ايترو اهم ڪو نه هوندو آهي، انهن کي ”ادب براءِ ادب“ جي نظريي ۾ يقين رکندڙ چيو ويندو آهي.
    پهرئين نظريي ۾ يقين رکندڙن جو خيال آهي ته فن هڪ شعوري عمل آهي، انهيءَ ۾ ذهن متحرڪ هوندو آهي ۽ مختلف وقتن ۽ حالتن ۾ ٿيل مشاهدن ۽ تجربن سبب جيڪي خيال يا موضوع فنڪار جي لاشعور ۽ تحت الشعور ۾ ويهي رهندا آهن انهن مان ڪو هڪڙو ڪنهن مهل وڌيڪ شدت سان شعوري سطح تي اڀري اينديو آهي ۽ ائين هو تخليق ٿيل پنهنجي لفظ لفظ سان متفق هوندو آهي... اهڙي صورت ۾ اهو فن سندس نقطه نظر يا زندگيءَ بابت نظريي جي مطابق هوندو آهي ۽ شعوري طرح سان زندگيءَ سان لاڳاپيل يا وابسته هوندو آهي. ان جي تنقيد پڻ اهڙي نظريي سان ٿيڻ گهرجي.
    ٻئي نظريي ۾ يقين رکندڙ اهي آهن جيڪي فن کي الهامي، وجداني ۽ غير شعوري عمل سمجهندا آهن. اهي خيال پرست هوندا آهن. سندن خيال هوندو آهي ته فن جي صورت ۾ آيل هڪ هڪ لفظ هڪ هڪ خيال .مٿان“ نازل ٿيندو آهي ان ڪري ان ۾ آيل هر هڪ ڳالهه آسماني عطيو هونديو آهي... ان جو مطلب اهو ٿيو ته اها اهڙي وکڙي هوندي آهي جيڪا فن جي ذخيري ۾ اضافو ته ڪري ٿي پر ان ۾ شعوري طرح سان ويهي ڪي پيغام ڪي ڪارج ۽ زندگيءَ جا مسئلا ڳلولڻ غلط آهي. ان ريت ڄن ته اهي فنڪار کي سندس تخليق ۾ پيش ڪيل ڳالهين جي ذميداريءَ کان آجو ڪري ٿا ڇڏي. انهيءَ فن جي تنقيد جا اصول پڻ مختلف ٿيندا. اهڙي ريت تنقيد نگارن جا ٻه واضح نقطه نظر يا اسڪول آف ٿاٽ نظر اچن ٿا جيڪي تنقيد جي تاريخ جي سموري سلسلي ۾ نمايان ٿيندا رهندا. بنيادي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ڪنهن اديب يا شاعر جي تخليق تي تنقيد ڪرڻي هجي ته نقاد کي گهرجي ته هو ان کي فنڪار جي دور جي حوالي سان به پرکي ته پنهنجي دور ۾ ان جي اهميت ۽ فاديت جي حوالي سان به ڏسي ۽ ٻڌائي ته انهيءَ تخليقي ڪاوش ۾ فن ۽ فڪر، اسلوب ۽ خيال جي سطح تي ڪهڙيون خوبيوڻ ۽ خاميون آهن ۽ اهي موجوده دور ۾ فن ۽ءٌ فڪر جي سلسلي کي ڪهڙيءَ ريت متاثر ڪري سگهن ٿيون.
    ادب هڪ وجداني شيءِ آهي ۽ ادبي تنقيد به وجدان جو اظهار آهي، فنڪار زندگيءَ جي ڪرشمن کي ڏسي وجد ۾ اچي وڃي ٿو ۽ ان جو اظهار ڪنهن طريقي سان ڪري ٿو. ائين هڪ فن پارو وجود ۾ اچي ٿو، جيڪو وجد جي ڪيفيت جي پيداوار هوندي به ان وجد جي پيدا ڪرڻ جو سبب به بڻجي ٿو. ان ڪيفيت ۾ اچي اهو فنڪار يا ٻيو فنڪار جيڪو ڪجهه لکي ٿو/ اظهار ڪري ٿو اها تنقيد به آهي ۽ فن به آهي. ان جو مواد زندگي نه پر زندگي جي تخليق هوندو آهي. ڪو به اهڙو وڏو شاعر نه گذريو آهي، جيڪو تخليق جي ڪيفيت ۾ اچي ان تي به ڪجهه نه چئي ويو هجي. هومر کان وٺي اڄ تائين هر قوم ۽ هر ملڪ جي شاعر پنهنجي تخليق جي نوعيت جي ڪيفيت ۽ وجد ۾ اچي ڪا نه ڪا اهڙي ڳالهه ضرور چئي آهي، جيڪا ان تي بهترين تنقيد مڃي وئي آهي. جيڪڏهن اهڙين سڀني ڳالهين کي گڏ ڪيو وڃي ته هڪ وڏو ڪتاب تيار ٿي وڃي پوءِ ڪو به شاعر اهڙو نه هوندو، جنهن پنهنجي ڪنهن هم عمر يا پوئين شاعر بابت اظهار نه ڪيو هجي، تنقيد جي فن کي پوري ريت ادا ڪرڻ لاءِ علم جي به ضرورت هوندي آهي، ڪلاسيڪي شاعر جڏهن پنهنجي فن بابت تنقيدي شيون پيش ڪرڻ آيا ته کين منطق جي مدد وٺڻي پئي، جيڪڏهن اسان ڊرائيڊن جي تنقيدن کي پڙهنداسين ته اسان ڏسنداسين ته اهي به ارسطو جي منطق تي مبني آهي، ائين گوئٽي ۽ ڪرولرج جڏهن پنهنجي فن تي تنقيد ڪن ٿا ته کين مابعد الطبيعات جي ٽيڪ وٺڻي پوي ٿي.
    نقاد اهو ئي آهي، جيڪو تخليقي ذهن رکندڙ به هجي، ادب جي تاريخ به اهو ئي ٻڌائي ٿي، مثلاً عام ذهن به اهو مڃيندو ته مٽي جا ٿانوَ ٺاهڻ وارو ئي ان جي خوبين ۽ خامين مان چڱي طرح واقف ٿي سگهي ٿو، هر فن کي پرکڻ وارو عام طرح ان فن جو عامل ۽ ڄاڻو ئي هوندو آهي پر ان سلسلي ۾ هڪ بحث تڏهن ڇڙيو جڏهن ٽي ايس، ايليٽ اها دعويٰ ڪئي ته تنقيد جو حق رڳو کيس ئي حاصل آهي، جو هو پنهنجي دور جو اهم ترين شاعر به آهي، ان تي پروفيسر سي ايس لوش اهو چيو ته پوءِ شاعري کي به رڳو شاعر ئي پڙهن، غير شاعر ماڻهو لاءِ اها ڪا معنيٰ نه ٿي رکي، ڳالهه پنهنجي جاءِ تي ٻنهي جي معقول آهي، فرق رڳو اهو آهي ته ايليٽ جي تنقيد تخليقي آهي ۽ لوئس جي علمي. ٻنهي جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي ۽ ٻنهي مان ڪا به اڪارج ناهي. تخليقي تنقيد نگار کي علمي تنقيد مان ڏاڍو فائدو ٿئي ٿو، ملٽن تي ايليٽ جو جڏهن پهريون مضمون ڇپيو ته پروفيسر ٽيلبارڊ ۽ ٻين پروفيسرن منجهس علمي غلطين جي نشاندهي ڪئي جن کي ايليٽ به مڃيو، ان ڪري هن ملٽن تي پنهنجي ٻئي مضمون ۾ اهو اعتراف ڪيو ته انهن علمي تنقيدن هن جي راءِ کي تبديل ۽ درست ڪرڻ ۾ مدد ڏني آهي، پر انهن علمي تنقيدن جي اهميت اها ئي آهي ته انهن هڪ تخليقڪار کي سمجهڻ ۽ ان نقش واضح ڪرڻ ۾ مدد ڏني، مٿانهون درجو وري به تخليقي تنقيد جو آهي.
    تنقيد ۾ احساس جي شدت ۽ تنقيدي نظر سان گڏ تخيل جي قوت اها شيءِ آهي، جيڪا علمي ڪارنامن کي به تخليقي بڻائي ڇڏي ٿي، ان ڪري نقاد پاڻ ڪجهه تخليق ڪيو هجي يا نه پر هن جي اندر تخليقي قوت جو هجڻ نهايت ضروري آهي، شاعر يا اديب به هن لاءِ هڪ زندهه حقيقت هجڻ گهرجي، جنهن سان هن جي ائين شناسائي هجي جيئن ڪنهن ويجهي دوست سان هوندي آهي.
    تخليقي قوت ئي دراصل هر ادبي صنف جو روح هوندي آهي. پوءِ جڏهن اها شاعريءَ ۾ اچي ٿي ته ڪڏهن ان جو اظهار افساني ۽ تنقيد ۾ ٿئي ٿو، جيڪڏهن اها تخليقي قوت زندگي جي ڪنهن شيءِ تي پنهنجو عمل ڪري ته اها خالص تخليق ٿئي ٿي پر جا اها ڪنهن تخليق ڪيل شيءِ تي لاڳو ٿئي ته ان کي تنقيد چئجي ٿو، پر ٻنهي صورتن ۾ بنيادي عنصر تخليقي قوت جو ئي هجي ٿو، تخيل کانسواءِ شاعري به مڪينڪل ٿي ويندي آهي ته افسانا به بي جان لڳندا آهن ۽ تنقيد به فقط علمي ئي رهجي ويندي آهي، اها ادبي درجو نه ماڻي سگهندي آهي، ان ڪري تنقيد به اها امرتا ماڻيندي آهي، جيڪا تخليقي عمل جو نتيجو هجي.
    ادب
    ادب، فن آهي، جنهن جي اظهار جو وسيلو زبان آهي. زبان جي قالب ۾ سمايل فن ادب سڏائيندو آهي ۽ فن ڇا آهي؟ انهيءَ سموري بحث کان قطع نظر ته فن الهام آهي جيڪو غير معمولي بصيرت سان زندگيءَ جا راز ظاهر ڪري ٿو يا هڪ آئينو آهي، جيڪو زندگيءَ جي تاريڪ پهلوئن يک اجاگر ڪري ٿو يا ڪيميائي عمل آهي، جيڪو زندگي جي ترڪيبي جزن سان نيون ڪائناتون تخليق ڪري ٿو يا آهنگ آهي، جيئن مختلف آوازن سان ملي نغمو ٺهندو آهي، يا فن هڪ اهڙي نظر آهي، جيڪا هر نظاري کي حسين بنائي ڇڏي ٿي، يا اهو تخيل آهي، جيڪو ڪجهه دير لاءِ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ خوابن جا محل تعمير ڪري ٿو. انهن سڀني نظرين کان قطع نظر هڪ ڳالهه واضح آهي ته فن جو زندگي سان ڪو تعلق ضرور آهي پوءِ اهو تعلق مثبت هجي يا منفي، چاهي هي زندگيءَ جي قريب اچڻ جو عمل هجي يا ان کان پري وڃڻ جو، زندگي ئي ان جو حوالو بنجي ٿي. ٻي ڳالهه هي آهي ته فن زندگيءَ جو جمالياتي رد عمل آهي، چاهي اها جماليات زندگيءَ جي ويجهو آڻي يا ان کان پري وٺي وڃي ۽ ان جو موضوع زندگي جو حسن هجي يا ان جي بدصورتي، فن جي هر نظرئي جو بنياد زندگي سان ان جي رشتي تي آهي، ان رشتي جون چار صورتون ٿي سگهن ٿيون.
    1- فن، زندگيءَ ڏانهن رويي جو اظهار آهي.
    2- فن، فنڪار جي ذات جو اظهار آهي.
    3- فن جو مقصد ابلاغ آهي ۽ هي پڙهندڙ جي ضرورتن جي تابع آهي.
    3- فن زندگيءَ کان بي نياز آهي ۽ ان جو پنهنجو هڪ مقام آهي، پنهنجو هڪ مڪمل ۽ آزاد وجود آهي.
    هاڻي سڀ کان پهرين سوال اهو آهي ته فنڪار جي نظر ۾ زندگي ڇا آهي؟ وهم يا حقيقت. اگر زندگي وهم آهي ته رويو فراريت تي مبني هوندو ته ان (زندگي) کان بچجي. ان جي دوکي ۾ نه اچجي، پر جيڪڏهن فنڪار جي اڳيان زندگي حقيقت آهي ته پوءِ هي حقيقت ڇا آهي، ان جا جزا ڪهڙا اهن؟ جذبا، خيال، تجربا، ظاهر آهي، ته فنڪار جا احساس به ٿين ٿا ۽ سندس هڪ سوچ به ٿئي ٿي، تنقيد انهن کي ڄاڻڻ، سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. تجربو دل ۽ دماع تي زندگي جو واردات جو نالو آهي، ان ۾ جذبي ۽ سوچ کانسواءِ زندگيءَ جون حقيقتون به شامل آهن. فنڪار بحيثيت انسان سياسي، سماجي ۽ اقتصادي عملن اکن متاٿر ٿئي ٿو، يعني تجربو انساني شعور جي زندگيءَ سان ٽڪراءَ جو نالو آهي، تنهن ڪري شعور جيترو پختو هوندو ۽ جيتري تجربو ڪندڙ زندگي وسيع هوندي، اوترو ئي تجربو گهرو هوندو، شعور جي پختگي تجربي کي مڪمل جذب ڪرڻ جي صلاحيت جو نالو آهي، ناپختو شعور تجربي کي صرف جزوي طور تي قبول ڪرڻ جي اهل هوندو آهي، اهو مختلف تعصبن ۽ خطرن جو شڪار هوندو آهي، ان طريقي سان ڪيتري زندگي تجربي ۾ شامل هوندي آهي ۽ ڪيتري زندگي کي شعوري يا غير شعوري طور تي تجربي مان خارج ڪري ڇڏجي ٿو. فنڪار جي وسيع نظر يا تنگ نظري تي منحصر آهي ۽ ڪجهه تجربو ته سڌيءَ طرح زندگيءَ کان هاصل ٿيندو آهي ۽ ڪجهه چاڻ ۽ علم يعني مطالعي سان، انساني علم اجتماعي طور تي اڳيان وڌندو آهي، هڪ شخص ٻين جي تجربن مان به فائدو حاصل ڪري ٿو، هر شخص لاءِ هر تجربي مان گذرڻ ضروري نه آهي، جيئن هڪ اديب، بادشاهه ۽ فقير ٻنهي جي ڪاردار نگاري ڪري سگهي ۽ مخالف صنف جا دار به تخليق ڪري سگهي ٿو.
    اگر اديب چاهيندو ته صرف جذبن جي ڳالهه ڪري ۽ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلن کان ڪنارو ڪري ته پوءِ هو پنهنجي تجربي کي مليا ميٽ ڪري ڇڏيندو، اگر هو ارادي سان ائين نه ٿو ڪري ته پوءِ سندس شعور ڪچو آهي، ان کان علاوه جذبن جي ڳالهه به ايتري سڌي ۽ سادي نه آهي. ڪجهه ماڻهو اذيت پسند ٿين ٿا. درد کي مقصد بنائين ٿا ۽ درد کي ئي جمع ڪري پيش ڪن ٿا، ڪي درد جي علاج جو به سوچين ٿا، مگر ڪنڊي کي سئي جي نوڪ سان ٿا. ڪڍن، ڪنڊو چڀي وڃي ته ڪراهڻ ۾ به آرام ٿو ملي، پر ان کي ڪڍي ڇڏڻ به آرام جي هڪ صورت آهي، بيچيني ۾ دانهون ڪندو رهڻ کان بهتر آهي ته پاسو بدلايو وڃي. صرف جذبات جو اظهار آهي، آهه و زاريءَ آهي، فن نه آهي، ايف آر ليوس، شيليءَ جي شاعري جي باري ۾ چيو هو ته ”اها صرف آهه و زاريءَ آهي.“ اڳئين زماني ۾ ڪنهن حد تائين سماجي، اقتصادي ۽ سياسي مسئلن کي نظر انداز ڪرن ممڪن هو، دنيا کي تياڳي مهاتما ٻڌ مڪتي حاصل ڪئي. هو شهزادو هو. هن جي دنيا تياڳڻ سان سندس زال ۽ ٻارن تي ڪو اثر ڪو نه پيو، اڄ جو انسان اقتصادي ۽ سياسي حالتن ۾ جڪڙيل آهي، هو ايتري سولائي سان انهن کي نظر انداز ڪري نه ٿو سگهي. هونءَ به اڄ ڪلهه جيڪڏهن ڪير دنيا ڇڏڻ به چاهي ته به، دنيا کيس نه ڇڏيندي، گڦائن ۽ غارن ۾ به اڄڪلهه سڪون نه آهي، اتي به دنيا ريڊيو، ٽي وي ۽ سياحن جي شڪل ۾ پهچي ويئي آهي، زندگي دنيا جي گوشي گوشي ۾ سرايت ڪري ويئي آهي ۽ ان کان ڇوٽڪارو ناممڪن آهي، گوتم ٻڌ اڄوڪي دنيا ۾ نرواڻ حاصل ڪرڻ چاهي ها ته تارڪ الدنيا بنجي نه، بلڪه ڪنهن سماجي حوالي سان ئي نرواڻ حاصل ڪري سگهي ها ۽ شايد سياسي ۽ سماجي وابستگين ۾ ئي نجات ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ها، تنقيد اهو مطالعو به ڪري ٿي ته فن نجات جي ڪهڙي صورت کي اختيار ڪري ٿو.
    ڏک درد ڪو مٿانهون يا ٻاهريون وجود نه آهي، هي دنيا ۾ ئي پيدا ٿئي ٿو ۽ ان جا سبب سماجي، اقتصادي ۽ سياسي ٿين ٿا، ڏک اگر پيدا ڪري سگهجي ٿو ته ختم به ڪري سگهجي ٿو. ليڪن ٿئي ائين ٿو ته دک کي. جيڪو هڪ سياسي عمل آهي، ناگزير سمجهي قبول ڪري وٺجي ٿو ليڪن دک کي دور ڪرڻ جو عمل ائين چئي نامنظور ڪيو وڃي ٿو ته هي سياست آهي. مثلن ملڪ تقسيم ٿيو، ورهاڱي سبب خاندان وڇڙيا، تباهي آئي، نفرتون اڀريون، دين ۾ جاءِ نه رهي، ثقافتون برباد ٿيون، انهن سڀني جو ڏک بجا، ليڪن هيءُ هڪ سياسي فيصلو هو ۽ ان کان بعد جا مسئلا به سياست جا ئي پيدا ڪيل هئا. غم مسلط ڪيا ويا ته اديب ڀڙڪو کائي اٿيا ۽ انهن عمن کي ادب جو موضوع بنائي ڇڏيو. ليڪن جڏهن انهن غمن کي دور ڪرڻ جي ڳالهه ٿي ته چيو ويو ته اها سياست آهي، ڄڻ ته درد ادب آهي ۽ درد جو علاج سياست. سياسي مرثيا سياست نه آهن، انهن جي باري ۾ سوچڻ سياست آهي، سياسي جلسن ۾ وڃڻ، ووٽ وجهڻ، حڪمرانن جي شڪياست ڪرڻ سڀ بجا، پر انهن جي متعلق ڪنهن واضح رويي جي اظهار سياست آهي. جنهن جي مخالفت، لالچ، حرص ۽ خود غرضي جي مذمت، پر طبقاتي ڪشمڪش جو مسئلو سياستدانن جي لاءِ مخصوص، بدعنواني، اقربا پروري ۽ بد انتظامي جي مخالفت، مگر سماجي مسئلن کي فن جي حدن کان ٻاهر قرار ڏيڻ، دنيا جي غم ۾ ڪڙهندو رهڻ، ان بلا مان جان ڇڏائڻ جي خواهش رکڻ ۽ فڪري طور تي واضح رهڻ نقطئه نظر رکڻ جي باوجود به فڪر کي ادب جو موضوع بنائڻ، غير ادبي فعل قرار پائي ٿو. تنقيد جو هڪ ڪم اهو به آهي ته اديب پنهنجي ذهن ۾ جيڪا خانه بندي ڪري رکي آهي، انهيءَ جي کوجنا ڪري ۽ هي ڏسي ته ان ڪهڙا ڪهڙا خانا کليل رکيا ۽ ڪهڙا بند ڪري ڇڏيا آهن.
    جذباتي، فڪري، سماجي، اقتصادي ۽ سياسي ڪارڻن کان گريز ناممڪن آهي پر هي سڀ ادب به نه آهي، صرف جذبات جو اظهار، آهه و زاري يا شور و غل آهي، محض سياسي اظهار سياست آهي، سياست، فلسفو ۽ اقتصاديات وغيره انساني تجربي جي مختلف پهلوئن جو مطالعو آهن، ادب تجربي جو جمالياتي اظهار آهي. هي زندگي ڏانهن هڪ جمالياتي رويو آهي. ائين ئي جيئن زندگي ڏانهن اقتصادي، سماجي، سياسي ۽ سائنسي رويا ٿين ٿا، تجربي کي ادب جي صورت اختيار ڪرڻ لاءِ جمالياتي سانچي ۾ گهڙجي، لفظن جي روپ ۾ منظم ٿيڻو پوي ٿو، يعني تجربي اديب جي حس کي جهڙي طره متاثر ڪيو آهي. ان کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ادب آهي. هر تجربو مزاج جي هڪ ڪيفيت کي پيدا ڪري ٿو، جنهن جو زبان جي ذريعي اظهار ادب بنجي ٿو. ان ڪيفيت جون ٻه صورتون ٿي سگهن ٿيون، خوشگوار يا تڪليفده، تڪليف واري صورت ۾ تڪليف کان نجات جي خواهش به ادب ۾ لڪل هوندي آهي. گڏوگڏ اديب اگر اهو به تصور ڪري سگهي ته ان نجات جي عملي شڪل ڇا هوندي؟ ته عظيم ادب جي تخليق جي راهه ٺهي ٿي. ليڪن نجات جي ان تصور کي ڪنهن نعري ۾ قلمبند نٿو ڪري سگهجي، ان ڪري ته نعرو ميڪانڪي ٿئي ٿو. ان ۾ زندگي ۽ حرارت نه هوندي آهي ۽ جنهن ۾ حرڪت ۽ حرارت نه هجي، اهو فن نه هوندو آهي.
    غلاميءَ جي دور ۾ جڏهن اڃا شعور پختو نه ٿيو هو، فقط حسي تجربي جو اظهار ئي ممڪن هو، اڃا منزلن جو انڪشاف نه ٿيو هو، البته هلڻ جي خواهش پيدا ٿي چڪي هئي، اها الڳ ڳالهه آهي ته هر راهگير سان صرف ٿورڙو پري تائين ئي گڏ هلي سگهبو هو ۽ ”آرائش خم ڪاڪُل“ کي ڏسي ڪري دور دراز جا انديشا دامن گير ٿي ويندا هئا. اڃا انديشي جا خدو خال واضح نه ٿيا هئا، ان وقت واڳون ٻين جي هٿن ۾ هيون ۽ مجبوري ۽ محرومي جو احساس تمام گهڻو هو، ”اکيون منهنجون باقي سڀ ڪجهه انهن جو“ جتي صرف اکيون ئي پنهنجون هجن اتي فقط ڏسي سگهجي ٿو، ڪجهه ڪري نه ٿو سگهجي، ليڪن خود مختيار ۽ آزاد معاشري ۾ صرف اظهار حال ڪافي نه آهي.
    ادب حالتن جي مطابق پنهنجو رخ متعين ڪري ٿو. قديم يوناني ادب فرد کي ماحول سان هم آهنگ بنائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، شعوري توڙي لاشعوري ان جي اڳيان فن جو مقصد اهو ئي هو، ان ۾ بحث جي گنجائش نه هئي. افلاطون جي نظر ۾ فن ان مقصد کي پورو نه ڪندو هو، جڏهن ته ارسطو جي نطر ۾ صحتمند معاشري جي لاءِ فن ناگزير هو، ڇا ڪاڻ ته ان وسيلي ”جذبن جي پاڪائي“ (Catharsis) جو اهو عمل ممڪن هو، جنهن جي ذريعي فرد ۽ معاشري جي وچ م توازن پيدا ڪري سگهجي ها، عدم توازن سان لاميو پيدا ٿيندو هو. اها يونانين جي نظر ۾ مثبت حقيقت هئي. ايسڪيلس ۽ سوفو ڪليرس جي فن جو بنياد اثبات حقيقت تي هو، يورو پيڊيز ان جو مذاق اڏائيندو هو (هو نون خطرن جي نشاندهي ڪندو هو) ان لاءِ هو ارسطو کي گهڻو پسند نه هو، هي هڪ مستحڪم معاشري جو ادبي ۽ تنقيدي رويو هو.
    سيڪسپيئر جو دور تذبذب ۽ افرا تفريءَ جو دور هو، هملٽ (شيڪسپيئر جي هڪ ڊرامي جو ڪردار) دنياوي ۽ سياسي فائدا به حاصل ڪرڻ چاهيندو هو ته عزت نفس جي ان قديم تصور کي به برقرار رکڻ چاهيندو هو، جيڪو دنيا کي انساني وقار جي مقابلي ۾ حقير سمجهندو هو، ”مرچنٽ آف وينس“ جو انتونيو ايثار جو به قائل هو ۽ منافعي جو به، هو هڪ سٺو دوست ۽ ڪامياب واپاري هو ۽ انهن ٻن دنيائن جي متضاد تقاضائن ۾ گهيرجي ويو هو. بلاشڪ ميلمٽ ۽ انتونيو ٻئي پريشان ۽ ملول رهندا هئا، انهن جي اڳيان زندگي جو ڪو واضح تصور ڪو نه هو، هي انهن جي دور جو مسئلو هو، ان ڪري فن جي بار يم ان دور جي لکندڙن وٽ ڪو مثبت نقطئه نظر ڪو نه هو، تنهن ڪري شيڪسپيئر حالتن جي صحيح تصوير ڪشي کي ئي پنهنجو موضوع بنايو، سندس فن هقيقت جي انڪشاف تائين محدود رهيو. ان ۾ ڪنهن جذباتي يا ذهني رويي جي اظهار جي گنجائش نه هئي، جيتوڻيڪ ڊاڪٽر جانسن پنهنجي مهاڳ ۾ شيڪسپيئر جي متعلق لکيو ته ”هو اخلاق کي سهوليت تي قربان ڪري ڇڏي ٿو ۽ رهنمائيءَ جي ڀيٽ ۾ اهڙي طريقي سان تفريح مهيا ڪري ٿو ڄن هو بغير ڪنهن اخلاقي مقصد جي لکي رهيو آهي. توڙي جو هن جي تحريرن مان سماجي ذميوارين جي فهرست ته ترتيب ڏيئي سگهجي ٿي پر هو قدرن ۽ اخلاق جون ڳالهيون مٿاڇريون ڪري ٿو وڃي. هو نيڪي ۽ بديءَ جي وچ ۾ مناسب فرق نه ٿو رکي.“
    جڏهن ته ڊاڪٽر جانسن هيءَ ڳالهه نٿو مڃي ته قدرن جو تعلق سماجي حالتن سان آهي، هو انهن کي مستقل ۽ زمان مڪان اکن بي نياز سمجهي ٿو ۽ اخلاقي ڪوتاهيءَ جي سموري ذميواري شيڪسپيئر جي ذات مٿان وجهي ڇڏي ٿو.
    هن صديءَ تائين پهچندي پهچندي ايبسن ۽ اسٽرنڊبرگ وٽ فن جون تقاضائون بدلجي وڃن ٿيون. هاڻي اثبات حقيقت ۽ انڪشاف حقيقت کان اڳيان وڌي فني تقاضائن جي هڪ نئين شڪل سامهون اچي ٿي، هاني لکڻ وارا حقيقت کي تنقيدي نظر سان ڏسن ٿا، هو محسوس ڪن ٿا ته هقيقت کي فقط ڄاڻي ۽ ڏسي ئي نٿو سگهجي پر ان کي بدلائي به سگهجي ٿو، تبديلي جي شڪل ڇا هوندي؟ اهو اڃا واضح نه آهي. اڃا شعور صرف سجاڳيءَ جي دور (Renaissance) جي پيدا ڪيل مونجهارن سان مس نڪتو هو، پر اڃا حقيقت جهرو ڌنڌلو هو، ڪجهه ئي عرصي کانپوءِ بريخت جي اڳيان هي ڳالهه واضح ٿي آئي ته زندگي کي بهتر شڪل ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو ۽ هي بهتر صورت اجتماعي عمل جي شڪل آهي ۽ ان تبديلي کي آڻڻ جي سلسلي ۾ اديب تي به اهم ذميواريون عائد ٿين ٿيون، اثبات ۽ انڪشاف جيمنزلن تان گذري انسان جي پختي ٿيندڙ شعور سان گڏوگڏ ادب پڻ پهرين تبديلي جي امڪانن جي نشاندهي ڪئي ۽ پوءِ تبديليءَ جي واضح صورتن کي تخليقي عمل جو موضوع بنايو، اڄ اديب جو ڪم فقط رستو ڏيکارڻ نه پر رستو ٺاهڻ به آهي.
    تاريخي تنقيد ادب ۾ اصرار ۽ مناسب حيثيت جي سوال تي گهڻو زور ڏئي ٿي، ڪو به اها ڳالهه طئي ڪري نٿو سگهي ته تاريخي تنقيد، ڪنهن به فن پاري جي هيئت، مفهوم ۽ نوعيت کي تاريخي تناظر ۾ متعين ڪري ٿي ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ فن پاري جي مقصديت ۽ هيئت جي مڃتا ٿئي ٿي. نج تنقيد تاريخي تنقيد جي سهڪار سان ڪنهن به فن يا تخليق کي ان جي اصلي حيثيت ۽ حالت ۾ ڏسڻ گهرجي ٿي ۽ انهيءَ روشني ۾ فن يا تخليق جو تجزيو ڪري ٿي.
    جديد تنقيد انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪري ٿي ته ڪنهن فن يا تخليق جو تاريخي پس منظر يا ذڪر ڪيو وڃي، تنهن جو مطلب هي آهي ته اها جديد تنقيد ماضي ۽ حال جي بنيادي فرق کي نمايان ڪري ٿي ۽ هيءَ ڳالهه پڻ تسليم ڪري ٿي ته انساني جذبو بيشڪ هر دؤر ۾ ساڳيو ۽ لڳاتار رهيو آهي، پر هيءَ ڳالهه اسان کي گڏهن سمجهه ۾ ايندي، جڏهن اسان ماضي جي حقيقت کان باخبر هونداسين ۽ انهيءَ کي پڻ هڪ جيئري جاڳندي حقيقت تسليم ڪنداسون. (1)
    انسان ماضيءَ سان محبت ڪري ٿو، تاريخي تنقيد انهيءَ جذبي جو مظهر آهي. اسان ادب ۾ بيت، وائي ۽ ڪافي جي صنف کي ان ڪري پسند ڪيون ٿا جو اهي اسان جي ڪلاسيڪل ادب يعني ماضيءَ جو حصو آهن. اهي جيڪڏهن اڄ جي دؤر جي پيداوار هجن ها ته نقاد ۽ تخليقڪار انهي تي ايترو توجهه نه ڏين ها ۽ انهن صنفن تي تنقيد ڪرڻ کي وقت وڃائڻ برابر ڄاڻن ها. ان ڪري تنقيد جي مقبوليت ۽ پاڙ، تاريخي پس منظر ۾ کتل آهي ۽ تاريخي تنقيد اسان کي ماضيءَ جي شاندار حصي ڏانهن متوجهه ڪرائي ٿي.
    شخصيت، ادب ۽ سماج کي مختلف زاوين سان ڏسڻ ۽ پرکڻ کي تنقيد چئبو آهي. انهيءَ کي ادب جو ضمير ڪوٺجي ته غلط نه ٿيندو. ادب ۾ جڏهن کرو کوٽو گڏجي سڏجي وڃي ٿو تڏهن اها تنقيد ئي آهي جيڪا ٻنهي کي ڌار ڪري سگهي ٿي.
    اسان جا بزرگ نقاد ۽ محقق جيڪڏهن ڪي شيون پرکيندا به آهن ته اهي آهن خانداني ڳهه، يعني آڳاٽو ادب. اها پرک به اڪثر ڪري اڻ پوري ۽ روايتي انداز جي هوندي آهي. اهي نوان نوان ڌاتو جيڪي کاڻين مان نڪرندا آهن، تن کي پرکڻ جو اڃا رواج ڪو نه پيو آهي. اڄ جون رچنائون ۽ لکڻيون جيڪي آڳاٽي ادب جيان لوڪ پسند ٿينديون پيون وڃن، تن ڏانهن اسان جا نقاد ۽ پارکو ڌيان نه ٿا ڏين. گهڻو ڪري پراڻن خانداني زيورن کي پرکيو ويندو آهي ۽ ساڳين ڳالهين ۽ موضوعن کي ورجايو ويندو آهي. جديد ادبي رچنائن موضوعن ۽ مسئلن تي سنڌي رسالن ۾ اوهان کي ورلي تنقيد ۽ تحقيقي مضمون ۽ مقالا ملندا.
    انهيءَ جو هڪ ڪارڻ هيءُ به آهي ته نقاد ضرورت کان وڌيڪ وضع دار ٿي ويا آهن. قديم خواه جديد ادب جو پوسٽ مارٽم، ڪرڻ لاءِ به همت گهرجي. پنهنجي همعصر اديبن جو خوف اسان جي نقادن تي ڇانيل آهي. ادبي تبصرن ۽ جائزن ۾ رڳو مصلحتن کان ڪم ورتو ويندو آهي تنهنجي ڪري پڙهندڙ صحيح رهبريءَ کان محروم رهجيو وڃن.
    اسان جي تنقيد جو هڪ ٻيو رجحان فتويٰ ڏيڻ يا ٺپو هڻڻ آهي. انهيءَ جو بنيادي سبب وسيع مطالعي جي ڪمي ۽ تنگ نظري آهي. تنقيد کي انهيءَ واضح داري واري ماحول ۽ فتويٰ بازي يا ٺپي هڻڻ واري رجحان کان آجي ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙي منفي رويي جا گهڻائي مثال ڏئي سگهجن ٿا. مثال طور: اهو چوڻ ته جديديت وارا هپي آهن! سڌي ادب ۾ جديديت (Modernism) وارو رجحان ته اڃا پنهنجي ابتدائي مرحلن ۾ آهي. جديديت وارا ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪيتري قدر سچا آهن، اهو ته وقت ثابت ڪندو. فتويٰ ڏيندڙن ۽ انتهاپسندن تي دوستو فسڪيءَ جو هيءُ قول ٺهڪي اچي ٿو ته ”اسان اڌ صحيح ترقي پسند خيالن ۾ ڦاٿل آهيون.“
    بلاشڪ جديد سنڌي ادب زور ڀريو، اثرائتو، گهڻ- رنگي ۽ تجرباتي آهي. ادب ۾ تجربا صحتمنديءَ جو اهڃاڻ آهن. اهو جديد سنڌي ادب جو ٻل ۽ اثر آهي جو عوام ۾ گهڻو مقبول ٿيندو پيو وڃي. انهيءَ ادب رجعت پسندن جي هر حملي کي ناڪام بڻائي کين پنهنجن ٻرن ۾ پناه وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو. انهيءَ سان گڏوگڏ پنهنجي اوسر جو بنياد بڻائي، ان تي پنهنجي شاندار عمارت کڙي ڪئي اٿس.
    انيڪ مشڪلاتن جي باوجود، جديد سنڌي ادب قابل قدر ترقي ڪئي آهي. هاڻي سنڌي ادب ۾ نوان نوان تجربا ڪيا پيا وڃن، نيون سوچون، نوان خيال ۽ ويچار ادب جا موضوع بڻيل آهن. اسانجو نئون ادب نون قدرن، نون سانچن ۽ ماپن جي ڳولا ۾ آهي. صحيح ترقي پسندي جي تقاضا به اها آهي. سماجي حالتن جي بدلجڻ سان گڏ ذهني تبديلي به اچي ويندي آهي. جهڙي طرح سان سماجي ترقيءَ جو اثر فرد جي ذهن تي پوي ٿو، تهڙي ريت سماجي بحرانن جو اثر به ذهن تي پوڻ لازمي ٿيو پوي ۽ جنهن جو عڪس ادب ۾ به ملندو آهي. سو ادب ۾ ترقي پسنديءَ جو مفهوم اڄ اهو نه رهيو آهي جيڪو 30 يا 40 سال اڳ هو. مثال طور اڳي ادب ۾ ترقي پسنديءَ جو مطلب فقط خارجي حقيقت نگاريءَ سمجهيو ويندو هو، پر بعد ۾ فرد جي داخلي احساسن، خيالن ۽ نفسياتي مسئلن کي به اهميت ملڻ لڳي، ۽ ادب ۾ جڏهن انهن مسئلن کي نهايت خوبصورتيءَ سان پيش ڪيو ويو، تڏهن اهڙي ادب کي ترقي پسند ادب مان خارج ڪرڻ مشڪل نظر اچڻ لڳو. اردو ادب ۾ منٽو جو مثال موجود آهي.
    سماجي ۽ معاشي حالتن جي ڦيري سان سماجي قدرن ۾ به ڦيرو اچي ويندو آهي ۽ پراڻن قدرن جي جاءِ نوان قدر والاريندا آهن. نون قدرن ۽ ماپن سان زندگيءَ جي مسئلن جو جائزو ورتو ويندو آهي ۽ ادب ۾ انهن جي عڪاسي ڪئي ويندي آهي پر نوان قدر ميڪانيڪي انداز سان ڪو نه ٺهندا آهن. عمل ۽ رد عمل جي وچين دور ۾ جيڪو ڪارنامو انساني شعور انجام ڏيندو آهي، اهو بنيادي اهميت رکي ٿو. تنهنڪري ڪو ائين سمجهي وٺي ته شعوري ڪوشش کانسواءِ قدر خودبخود ٺهندا ڊهندا رهندا آهن، تنهنجي سوچ ميڪانڪي طرز جي هوندي آهي. پر حقيقي زندگيءَ ۽ ادب ۾ ائين ڪو نه ٿيندو آهي. ادب گهري سوچ ۽ لوچ جي پيداوار آهي ۽ انساني ڪارنامن مان هڪ تمام پيچيده شيءِ پڻ: ادب ذهني عياشي نه آهي، هيءُ ذميداريءَ ۽ عقل و شعور جو گهرجائو آهي. پنهنجن اندرين جذبن، احساسن ۽ تاثرات کي پيش ڪرڻ لاءِ به گهري سوچ ۽ ذميداري کان ڪم وٺڻو پوندو آهي.
    جديد سنڌي ادب گهڻو اڳتي وڌي چڪو آهي، پر سنڌي ادب ۾ تنقيد گهڻو پوئتي رهجي ويئي آهي. اسان جي نقادن کي تيز وک وڌائڻ کپي ۽ اديبن جي رهنمائي نه ته گهٽ ۾ گهٽ ساڻ ساڻ هلڻ گهرجي. موجوده دور جي تقاضائن ۾ جيڪو ڪم تنقيدنگارن جي ذمي آهي، اهو فقط ايترو آهي ته ادبي تخليقن جو موجوده گهرجن ۽ معيارن موجب جائزو وٺڻ ۽ گهرو مطالعو ڪري کري کوٽي کي پرکڻ. ان کي ئي تنقيد چئبو جنهنجي جديد سنڌي ادب کي ضرورت آهي. بهرحال ڪن اديبن ان ڏس ۾ ابتدائي قدم کنيا آهن.
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ادب، تخليق ۽ تنقيد

    سهڻا دوست نرمل کوهارا صاحب، انتهائي معلوماتي ۽ سنڌي ادب جي پانڌيئڙن لئه تمام ڪارائتو مضمون آهي ۔۔۔ ٿورن لفظن ۾ ادبي تنقيد جو مثال آهي سوناري جي ڪسوٽي، جنهن سان هو سون جي اصليت ۽ کوٽ کي پرکيندو آهي، ساڳيءَ طرح ادبي نقاد پڻ تنقيدي عمل سان ادبي لکڻين جي لکڻين جي ڇنڊڇاڻ ڪري کير جو کير ۽ پاڻيءَ جو پاڻي ڪري ڏيکاريندو آهي ۔۔۔

    مهرباني دوست ۔۔۔ اميد ته اوهين سهڻي لطيف جي هن بيت تي عمل ڪندي۔۔۔ پنهنجون چڱايون جاري رکندا ۔۔۔

    چڱان ڪـــــن چڱايون، مدايـــــون منـــدن،
    جو وڙ جڙي جن سين۔ سو وڙ سي ئي ڪن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو