منصور سرور
سينيئر رڪن
سرويچ ساريو
بيوقوف- پهريون پنهنجي لاءِ کڏ کوٽي، ان ۾ ڪري پوءِ اٿڻ سکندا آهن، سياڻن لاءِ ٻين جا تجربا رهنمائيءَ جي جوت هوندا آهن، باقي اهي ڍڳي جا ڍڳا هوندا آهن، جيڪي نه پنهنجن ۽ نه ٻين ( جي تجربن ) مان سکندا آهن، سچ ته “ اڳيان باهه، پويان پاڻي” وارو محاورو، اهڙن مجهول ماڻهن لاءِ ئي ته ٺاهيو ويو، يعني سندن جيون هر وقت عذابن جي پاڃاريءَ ۾ جوٽيل هوندو آهي، ۽ تباهي سندن پيرن پڻي هوندي آهي.
ڍڳي جا ڍڳا، رڳو فرد نه، قومون به بڻبيون آهن، جن کي پنهنجي اجتماعي زندگيءَ جي سڀني رخن ۾ مليا ميٽ ٿيندي به، تباهه ٿيڻ جو ڪو احساس نه رهندو آهي.
سنڌين جي اجتماعي جيون- اجاڙ به ڪجهه اهڙي آهي، پورو سنڌي سماج ۽ سنڌين جي اجتماعي جيون ڪٿا، پويان پساهه کڻي رهي آهي، سنڌي سماج جو هر پاسو، اهڙي رڻ پٽ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، جتي نظر-نهار تائين ته ڇا؛ پر سوچ ۽ تصور جي به ڪنهن دائري ۾ اهي پيچرا نه ٿا آئڙن، جتان گذرندي، ڪنهن وسنديءَ ۾ آسانيءَ سان پهچي ڪو لنگر ڪري سگهجي.
سنڌين جي وجود جون ويري قوتون، هڪ نه، ٻه نه، ڏهه نه، سوَ نه، پر هزار آهن؛ ۽ انهن هزار قوتن مان هر هڪ قوت، پنهنجو زهر اوڳاڇي، سنڌين کي هر وقت ڏهه ڏهه ڏنگ هڻڻ لاءِ هر وقت آتي آهي. مزاحمت واري عنصر جا جزا، ته اسان جي رت مان ئي ڄڻ نڪري ويا آهن، پر دشمن کي دشمن سمجهڻ جي سگه، ۽ کري کوٽي ۾ تفاوت ڪرڻ وارا حواس، به پنهنجي پوپزيشن تي سلامت نه رهيا آهن. خود غرضي، منافقي، لالچ ۽ حوس؛ ۽ اهڙن ٻين کوڙ سارن اوگڻن، اسان جي من جو اهڙو واسو ڪيو آهي، جو اسان پاڻ به پنهنجن جا دشمن بڻجي، پنهنجن دشمنن کان به ڏهه هزار ڀيرا، اهڙا بڇڙا ڪم برق-رفتاريءَ سان بار بار ايتري ته مختصر عرصي ۾ ڪري رهيا آهيون، جو ان ٽاسڪ کي جيڪڏهن دشمن کڻي ته صدين ۾ به پورو نه ڪري سگهي. ائين به ناهي، ته اسان اهو سڀ ڪجهه پنهنجي مرضيءَ موجب ڪري رهيا آهيون، در حقيقت، اسان کان اهو گهڻو ڪجهه، جيڪو سڌي طرح اسان جا دشمن نه ٿا ڪري سگهن، سو ئي ڪرائي رهيا آهن.
تعداد سنڌين تي ئي ٻڌل هوندو آهي، پر انهن ادارن جي مجموعي ڪارڪردگي زيرو کان به هيٺ، ڪاٽوءَ ۾ هوندي آهي. پرائمري تعليم کان وٺي اعليٰ تعليم تائين، سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ انهن ادارن جا نگهبان سنڌي آهن، سنڌ جي سمورن ضلعن، تعلقن، يا ننڍن وڏن شهرن ۾ موجود سرڪاري اسپتالن جون واڳون ( سنڌين جي ڀاڙيائپ ڪري سندن کسيل وڏن شهرن کان سواءِ ) سنڌين جي حوالي آهن، سنڌ ۾ ڊي ايم جي گروپ جا آفيسر سنڌي آهن، روينيو آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ وڏا توڙي ننڍا ملازم سنڌي آهن، سنڌ جا ٽي ايم او سنڌي آهن، سنڌ جا پوليس آفيسر سنڌي آهن، سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ٻين وفاقي سيڪِورٽي ادارن ۾ به ڪيترن ئي اهم عهدن تي فائز ٿيل سنڌي آهن، سنڌ جي ورڪس ۽ سروس کاتي جا ملازم سنڌي آهن، ۽ اهي ادارا، وري سنڌين لاءِ ئي باهه جون سرنگون بڻايا ويا آهن. سنڌ جا اسڪول، ڪاليجون ۽ يونيورسٽيون، ڪي ذهين ۽ قابل ۽ پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ڪا مهارت رکندڙ ماڻهو پيدا ڪرڻ بدران، جاهلن جي فوج پيدا ڪرڻ جون نرسريون بڻجي چڪيون آهن، جتان نڪرندڙ شاگرد “ انڌو هاٿي، لشڪر جو زيان“ ثابت ٿين ٿا. سنڌ جون سرڪاري اسپتالون، ڪنهن ويران رڻ پٽ ۾ انگريز جي ڪنهن آبپاشي آفيسر جي طعام ۽ قيام لاءِ قائم ڪيل ڪوٺين جهڙو ڏيک ڏئي رهيون آهن، جتي اتان جي اوڙي پاڙي وارا ڇوڪرا، گڏهن جي چاري جو بندوبست ڪري وڃن ٿا. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪي اسپتالون هلن به ٿيون ته اتي غريب غُربي کي ڪو رليف ملڻ بدران، کيس موت ملڻ تائين، سمورو وقت سَڪرات جي عالم ۾ مبتلا ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي امن جو چهرو، اخبارن جي آئيني مان هرڪو ماڻهو، هرروز سٺي نموني ڏسي رهيو آهي. سنڌ جي ڊي ايم جي گروپ جي افيسن مان حقي ماڻهوءَ کي ڪنهن ٽڪي پئسي جي ڪم لاءِ به پنهنجيون جُتيون گسائڻيون پون ٿيون، پر ڌاريا منٽن اندر ڪوڙا ڊوميسائيل ٺهرائي، سنڌ جي ڪوٽا تي آفيسر ٿي وڃن ٿا. آفيسون هوندي، واڌو ملازم هوندي، بجيٽ هوندي ۽ ٻيون سموريون گهربل سهولتون هوندي به سنڌ جي سمورن ادارن ۾ ڪاريءَ وارا ڪک پيا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌين اڃا تائين، سنڌين پنهنجن ادارن جي مالڪي ڪرڻ ته سکي ئي ناهي، پر انهن ۾ ادارن جي اهميت جو احساس اڃا تائين ته پيدا ٿيو ئي ناهي.
سنڌ جا تعليمي ادرا، سنڌ جون اسپتالون، سنڌ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، عدالتون، مختيارڪار، ڊي سي آفيسون، وغيرهه اهرا ادارا آهن، جيڪڏهن اسان انهن جي مالڪي ڪئي سين، ۽ انهن ادارن ذريعي پنهنجن ماڻهن کي رليف ملڻ شروع ٿي ويو ته، سنڌ جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ ڏانهن وڌندڙ سفر في ڪلوميٽر/سيڪنڊ جي رفتار سان وڌي سگهي ٿو.
قومن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي منزل جو پهريون ڏاڪو، تعليمي ترقيءَ سان لاڳاپيل هجڻ جي نڪتي تي، ڪنهن به سمجهه رکندڙ ماڻهوءَ کي ڪو اختلاف نه ٿو ٿي سگهي. خوشحال قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، پنهنجي هاڪ ۽ ڌاڪ جي ڇاپ، پوري دنيا ۾ وسندڙ آدم جي اولاد تي، تڏهن ئي لڳائي سگهجي ٿي، جڏهن اسان پنهنجي تعليمي ادارن مان، فلسفي، سائنس، سياست، عالمي لاڳاپن، ادب، تاريخ، ۽ ٻين علمن ۽ هنرن ۾ ماهر پيدا ڪريون، عالم پيدا ڪريون، اعليٰ ذهن پيدا ڪريون، پنهنجي فيلڊ ۾ دنيا جي ڪايا پلٽڻ جهڙا دماغ پيدا ڪري سگهون، پاڻ کي تعليمي جنگ جي حالت ۾ سمجهي، سنڌ وطن جا تعليمي سپاهي بڻجي، علمي هٿيار سان هٿياربند ڪري، نئين نڪوري اهڙي تعليمي فوج پيدا ڪريون، جيڪا سنڌين جِي صدين جَي غلاميءَ جا ڳٽَ، ڳچيءَ مان لاهي، سنڌ وطن جي مٿاهين مرتبي جي هاڪ پوري دنيا ۾ هُلائي ڇڏي.
جنگي حڪمت عمليءَ جي سائنس ۾ نظرين جي هڪ پوري ڌارا آهي، جيڪا اڻ سڌي حملي واري سوچ سان سلهاڙيل آهي. اڻ سڌي حملي واري سوچ جو مختلف جنگي ماهرن جي وصفن منجهان تتُ اهو ٿو نڪري ته: ”ان سڌو حملو، جنگي سائنس جو هڪ اهڙو نظريو آهي، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته؛ جيڪڏهن دشمن تي مستقل ضابطو قائم ڪرڻو آهي ته ڪو به سڌو حملو ڪرڻ بدران، دشمن جي طاقت جو مک ذريعن ( وسيلن/ ادارن/ ماڻهن/ ثقافت/ تاريخ وغيرهه ) جي سگهه تباهه ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿو. دشمن مان غدار ڳولڻا پوندا، انهن کي ٻهروپ اختيار ڪرائڻو پوندو، کين پنهنجن ماڻهن جي سگهه ( سياسي/معاشي/سماجي/جنگي وغيرهه ) کي هوريان هوريان ختم ڪرڻ لاءِ غدارن جي ان ٽولي کي، ڪي گڏيل ته ڪي الڳ الڳ ٽاسڪ ڏيڻا پوندا، انهن جي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ کي سهيڙڻو پوندو، وري کين ڪم سان لڳايو ويندو، پر ان سڄي عمل ۾ ان ڦڙتائيءَ جو مظاهرو ضرور ڪرڻو آهي ته دشمن جي سوچ، سمجهه ۽ توقع ۾ به اها ڳالهه نه اچي ته ڪو سندن طاقت، هٿ مان واريءَ وانگر ترڪي رهي آهي“.
ملڪ ٺهڻ جي مُهڙين ڏهاڙي کان عام طور، ۽ ڪاڻي ڊڪٽيٽر جي دور کان خاص طور، سنڌين جي سياسي، سماجي ۽ معاشي سگهه جي ستيا ناس ڪرڻ لاءِ سڌاحملا گهٽ، پر اڻ سڌا حملا، سنڌين جو مختلف شعبن ۾ هڏ گُڏ ڀڃندا رهيا، هر شعبي ۾ نتيجا اسان جي سامهون آهن، پر انهن اڻ سڌن حملن جي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي اها آهي ته اسان کي اهو به احساس نه پيو ٿئي ته اسان جي قومي جسم مان ماس، ٻوٽيون ٿي، پٽجي به رهيو آهي ۽ ان کي ڳجهون به کائي رهيون آهن.
سنڌ جي تعليم جو ئي ذڪر ڪريون ٿا، ملڪ ٺهڻ تائين ۽ ملڪ ٺهڻ کان پوءِ ٻن ڏهاڪن تائين، سنڌ جي مثالي تعليم جي هاڪ، پوري اپکنڊ ۾ هوندي هئي، ان دور جا سنڌي شاگرد، مختلف سائنسي علمن سان گڏ ڪيترين ئي ٻولين جا ماهر به ٿي سامهون ايندا هيا ۽ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات جنهن شعبي ۾ ڪندا هئا ته ان شعبي جي افق تي چنڊ ستارن وانگر چمڪندا هئا. پوءِ، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ دشمنَ، شاگردن جي شڪل ۾ غنڊا ڀرتي ڪيا، ڌاڙيل ۽ ڀاڙيتو قاتل، مادرعلمين جي هاسٽلن ۾ پنهنجا ٿاڪ ٺاهي ويٺا، ڪتابن کي ڪٻٽن تائين محدود ڪيو ويو، “ڪامريڊن” جي چيلهه ۾ پستول ٻڌل ۽ سندن ڪُلهن ۾ ڪلاشنڪوفون لڙڪڻ شروع ٿي ويون، سنڌ جي نعري جي آواز ۽ پڙاڏي سان گڏ، گوليءَ جي گونج، هوا جو سينو چيريندي، مادرعلمين جا کليل ميدان رت هاڻا ٿيڻ شروع ٿيندا ٿي ويا؛ ۽ ڪامريڊ غلام رسول سهتي چواڻي: “ اسان جي دشمن به هن وقت تائين، اسان جا ايترا ماڻهو نه ماريا آهن، جيترا اسان جي ‘جوڌن’، ڳوٺن ڏانهن ڳڀرو پُٽن جا سرد ٿيل جسم موڪليا آهن”. سنڌي-دشمن ٽولن پاران پٺي ٺپرڻ جي بنياد تي جيترو وقت سنڌي-مار سورما، هٿيارن جا منهن کولي ٿي سگهيا، ته کليل رکيائون، ۽ هاڻي جڏهن، سنڌي-دشمن کي اهي، ‘ ڀروسي جوڳا’ ماڻهو ملڻ گهٽ ٿي ويا آهن، ته سنڌ جي تعليمي تباهيءَ جو ذمو، وري استادن ( هڪ پرائمري استاد کان وٺي، يونيورسٽيءَ جي پروفيسر تائين ) تي رکيو ويو آهي. سنڌ جي تعليمي ادارن جي هيٺين سطح جي استاد تنظيمن کان وٺي يونيورسٽي سطح جي استاد تنظيمن تائين، جيڪڏهن سڀني تنظيمن جو ڪم، ڪو هڪ آهي ته اُهو، اِهو ئي آهي ته: ‘ٻار، پڙهائڻا ئي ناهن’. جيڪڏهن، ائين نه به هجي ته پوءِ، هزارين سنڌي استاد، ليڪچرر ۽ پروفيسر هوندي به سنڌ جا 20 هزار کان مٿي، پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول مڪمل بند ڇو آهن؟ باقي هلندڙ اسڪولن ۾ تعليمي ترقي، مجموعي طور، 8 في سيڪڙو کان اڳتي وڌي ڇو ناهي سگهي؟ سنڌ جي 260 ڪاليجن مان مشڪل سان رڳو 80 کان 90 تائين ڪاليج فعال ڇو آهن؟ ۽ انهن ‘ فعال’ ڄاڻايل ڪاليجن ۾ ڪلاس به هلن ٿا يا نه؟ ۽ جي هلن ٿا ته انهن ڪاليجن ۾ پڙهندڙ شاگردن جي اچڻ جي سگهه ڪيتري آهي؟ سنڌ جي يونيورسٽين جا پروفيسر، هڪ پوري سيميسٽر دوران ڪيترا ڪلاس وٺندا آهن؟ ڪلاس وٺڻ کان اڳ، لاڳاپيل موضوع تي اهي ڪا تياري ڪري به ايندا آهن يا نه؟ ۽ جيڪڏهن اهو به مڃون، ته هو پڙهائڻ ۾ مخلص آهن، پوءِ انهن پنهنجي لاءِ پلاٽ، پرمٽ ۽ سڻڀون پوسٽون وٺڻ جي چڪر ۾ سدائين “ نه پڙهايو تحريڪ” تي زور ڇو ڏنو آهي؟ ڪجهه عرصو اڳ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن پورو سيميسٽر ڪلاس نه وٺڻ جو بائيڪاٽ ڪري، ڪنهن جي ايجنڊا تي ڪم ڪيو؟ ۽ هاڻي، يونيورسٽيز ايڪٽ 2013 ع ۾ سنڌ سرڪار پاران ترميم نه ڪرڻ جي آڙ وٺي جيڪو سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جي استادن پاران “ نه پڙهايو تحريڪ”، ( جنهن کي هو تدريسي عمل جو بائيڪاٽ جي نالي سان سڏين ٿا ) جو اغاز ڪيو ويو آهي، ان جو مقصد ڪهڙو آهي؟ تازو هلايل “ نه پڙهايو تحريڪ” بابت سندن موقف هن اخباري خبر ۾ سمايل آهي ته: “ فيڊريشن آف آل پاڪستان يونيورسٽيز اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئيشن ( فپواسا ) جو هنگامي اجلاس سومر ڏينهن مهراڻ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ منعقد ٿيو. اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي، فپواسا سنڌ جي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت پاران اشتهار رد ڪرڻ ۽ يونيورسٽيز ايڪٽ 2013ع ۾ ترميمون نه ڪرڻ تائين سنڌ جي يونيورسٽيز (تعداد ۾ 20 ) ۾ اڻ ڄاتل مدي تائين، تدريسي عمل جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو“. هن وقت، جڏهن سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۾ سيميسٽر امتحان جاري آهن، ان وقت يونيورسٽين جي استادن، هزاريي ساگردن جو مستقبل داءَ تي لڳائي، جيڪو فيصلو ڪيو آهي، اهو عقل جي ڪهڙي ڪسوٽيءَ جي بنياد تي ڪيو ويو آهي؟ جيڪڏهن، استادن سان سنڌ سرڪار نا انصافي ڪئي آهي، يا بقول سندن يونيورسٽين جي “خودمختيار حيثيت” تي حملو ڪيو آهي، ته ڇا ان “حملي” جو جواب، تعليمي ميدان ۾ اڳ ئي ڪولِ وانگر سُرندڙ، شاگردن جي مستقبل تي، امتحاني ڏهاڙن دوران حملو ڪري، ڪهڙي منصفيءَ جو مظاهرو ڪيو ويو آهي؟ “ نه پڙهايو تحريڪ” هلائڻ کان سواءِ، ڇا مادرعلمين جي انهن استادن وٽ، ٻيو ڪو به اهڙو رستو نه هو، جنهن ذريعي پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو وڃي ها؟ پڙهائيءَ وارو وقت، ٻارن کي ڏيڻ کان پوءِ احتجاج ڪرڻ وارو عمل ٺيڪ نه هو ڇا؟ يا انهن استادن وٽ، منجهند کان پوءِ جيڪو پنهنجن ذاتي ڪمن ڪارين لاءِ وقت آهي، اهو احتجاج کي ڏيڻ مسئلو هو؟ ڇا سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جا استاد، ڪنهن موڪل واري ڏينهن چيف منسٽر هائوس آڏو ڌرڻو هڻن، ته اهو بهتر نه هو؟
سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن جي اڳوڻي “ نه پڙهايو تحريڪ” کان سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جي استادن جي هاڻوڪي “ نه پڙهايو تحريڪ” تائين، اهو سمورو ٽڪساٽ، تعليم دوستيءَ وارو نه، پر تعليم دشمنيءَ وارو آهي. ڪالهه، سنڌي-دشمن، سنڌين تي تعليمي ميدان ۾ جيڪو اڻ سڌو حملو ڪندا هئا، ان لاءِ کين سنڌي شاگردن جي روپ ۾ تعليم دشمن غنڊا ملندا رهيا، اڄ جڏهن، ممي ڊيڊي ٻار يونيورسٽين ۾ پهچڻ ڪري، اها جنس مارڪيٽ مان اڻ لڀ ٿي چڪي آهي، ته ساڳيو ڪم هاڻي، وري استادن کي سونپيو ويو آهي. ڪالهوڪن “ تعليم دشمن غنڊن” جي جاءِ هاڻوڪن “ تعليم دشمن دهشتگردن” والاري آهي. مقصد؛ ٻنهين ڌرين جو ساڳيو ئي آهي ته: “سنڌين کي پڙهڻ ڏيڻو ئي ناهي”.
آخر ۾ استاد بخاريءَ کان، سندس شعر جي رديف ۾ تبديليءَ جي اجازت وٺندي، عرض ٿا ڪريون:
ڪوڙ سان سچ ٿا مَٽين، پروفيسر پيارا
ٻاٽ ۾ سج ٿا ٻوڙين، پروفيسر پيارا.
( استاد بخاري )