منصور سرور
سينيئر رڪن
مولا علي (ع) جن پنهنجي پٽ امام حسن (ع) کي وصيت نامي ۾ دوست ۽ دشمن جون جيڪي وصفون بيان ڪيون آهن، اهي هر دور جي لاءِ جهڙوڪر اڻ مٽ قانون بڻيل آهن۔ دشمن لاءِ چون ٿا ته ٽن قسمن جا ٿين ٿا، هڪ دشمن، ٻيو دوست جو دشمن ۽ ٽيون دشمن جو دوست. جيڪڏهن گهرائي سان ڏسبو ته اهو قانون نه رڳو انفرادي دشمني تي لاڳو ٿئي ٿو پر قومي دوستي ۽ دشمني تي به پورو ٿئي ٿو. جيڪڏهن سنڌي قوم جي موجوده حالت تي نظر وجهبي ۽ دشمنيءَ واري اصول جي پرک ڪبي ته چڱي طرح خبر پئجي ويندي ته سنڌي قوم پنهنجو اصل دشمن يعني پنجاب کي ته سڃاڻي ان خلاف مضبوط محاذ قائم ڪري ورتو آهي، پر افسوس جو پنھنجي گھر جي دشمن (پي پي، وڏيري ۽ ڪاموري) کي اڃا تائين بخش ڪري ويٺي آھي، جيئن ته گهر جو دشمن وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي ۽ ان جي مدد کانسواءَ غير کي استحصال ۽ حملي جي همت ئي نه ٿيندي آهي، اهڙي طرح ئي هنن ٽنهي هميشه چنيسر وارو ڪردار ادا ڪيو آهي۔ ان ڪري اسان کي پيپلز پارٽي, وڏيري ۽ ڪرپٽ ڪامورن خلاف به محاذ ٺاهڻو پوندو، جيڪڏهن اسان پنهنجن شخصي مفادن ۽ خوف سبب انهن ٽنهي مان جان آجي نه ڪرائي ته اهي اڃا خطرناڪ روپ طور سامهون ايندا ۽ قوم جي تقدير مٽجي نه سگهندي ........ سيد منير حيدر شاھ