فيس بوڪ رائونڊ اپ 17

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    فيس بوڪ رائونڊ اپ 17

    محمد سليمان وساڻ

    ملڪ ۾ موبائل فون ڪمپنين پاران شروع ڪيل 3 جي سروس کانپوء وڊيو ڪانفرنسنگ سان گڏ وڊيو شيئرنگ آسان ٿي پئي آهي ۽ ڪجهه پرڏيهه ۾ رهندڙ دوستن اهڙي قسم جي وڊيو ڪانفرنسنگ جو ذڪر به ڪيو آهي ته ڪيئن نه هو پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندڙ دوستن سان مسلسل رابطي ۾ آهن. پر ڇا يوٽيوب جي پابندي سبب 3 جي لاء ڪمپنين کي ڪا سگهاري موٽ ملندي؟ اهي سوال فيس بوڪ جو موضوع بڻيا آهن. ساڳي وقت اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته سنڌ ۾ بدترين لوڊ شيڊنگ کانپوء موبائل نيٽ استعمال سبب سمارٽ فون جي وڪري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. پر ان مان فائدو ڇا سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو حاصل ڪري رهيا آهن؟ جواب ڪير ڏيندو يا اسان وٽ ڪهڙا ادارا آهن جيڪي سروي ڪري يا انهن جا جواب حاصل ڪري اسان لاء هن جديد ٽيڪنالاجي کي فائديمند بڻائي سگهندا؟ هن هفتي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ان تقريب جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي جنهن ۾ پهريون دفعو سرڪاري ڪامورن کي ڪنهن تنظيم پاران مڃتا اوارڊ ڏنا ويا آهن. سنڌ فنڪار ويلفيئر طرفان ايڇ بي اين ميڊيا جي سهڪار سان پهرين سنڌ سروسز اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي تقريب آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ پهريون دفعو سنڌ جي سرڪاري ڪامورن ۽ سياسي شخصيتن کي سندن سماجي، سياسي ۽ ادبي خدمتن عيوض سنڌ سروسز اوارڊ ڏنا ويا. ان موقعي تي ادب ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي به اوارڊ ۽ شيلڊ پيش ڪيون ويون. هن تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ سرڪاري ڪامورن، ادبي ۽ سياسي شخصيتن ۽ فنڪارن پنهنجي فيمليز سان گڏ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ناليواري فنڪارن گيت پيش ڪري محفل کي مچايو. جن شخصيتن کي اوارڊ ڏنا ويا انهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسيلر پروفيسر مظهر الحق صديقي، آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري محمد احمد شاهه، اڳوڻو صوبائي وزير عبد الحق ڀرٽ، ايم پي اي سيد مراد علي شاهه، ايڊيشنل آءِ جي پوليس سائين رکيو ميراڻي، ڊي آءِ جي پوليس عاشق بوزدار، صدر پريس ڪلب ڪراچي امتياز خان فاران، اسپيشل سيڪريٽر رورل ڊولپمينٽ اڪبر لغاري، ايڪسائيز کاتي جو سيڪريٽري عبدالمجيد پٺاڻ، سيڪريٽري زڪوات ۽ عشر محمد رمضان اعواڻ، چيئرمين فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي بشير مورائي، اڳوڻو وي سي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اڪبر حيدر سومرو، ڊاڪٽر نذير ڪلهوڙو، ناميارو سفرناما نگار ۽ ليکڪ الطاف شيخ، شاعر ۽ ليکڪ ادل سومرو، ناميارو راڳي ۽ شاعر بيدل مسرور، اداڪار شهباز دراني، اداڪار صلاح الدين تنيو، گلوڪار شمن علي ميرالي، گلوڪار ظفر رامي ۽ اداڪار منير پٺاڻ شامل آهن.

    گذريل رائونڊ اپ ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي کي عرض ڪيو هوم ته ميڊم مهرالنساء لاڙڪ جي سار لهي، جيڪا ڪراچي جي اسپتال ۾ موت ۽ زندگيء جي ڪشمش ۾ آهي. ثقافت کاتي جي وزير شرميلا فاروقي اسپتال پهچي سندن سار لڌي آهي اسان ثقافت کاتي جي ان عمل جي تعريف ڪيون ٿا. ساڳي وقت سوشل ميڊيا جي آواز کي ٻڌڻ لاء ثقافت کاتي کي گهرجي ته ڪو اهڙو سيل جوڙي جيڪو خبرن جي تصديق ڪندي اهڙن ماڻهن جي تڪڙي سار لهي، جيئن بشير سيتائي صاحب اسپتال ۾ آهن کين مدد جي ضرورت آهي. فيسبوڪ تي هن هفتي شهيد منير چولياڻي جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي، جيئي سنڌ متحده محاذ جي ميڊيا ڪنوينر منير چولياڻيءَ کي اغوا ڪرڻ بعد گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. منير چولياڻي جو لاش بوبڪ ڀرسان درگاهه گنجڙي وٽان هٿ آيو، کيس مٿي ۾ 3 گوليون لڳل هيون.هوڏانهن اها ڳالهه اڃان به بحث هيٺ آهي ته آخر سنڌي ماڻهن جو پنهنجي سياسي، سماجي ۽ فڪري اڳواڻن تان ويساهه ڇو ٽُٽي رهيو آهي ۽ ڪنهن به اڳواڻ جي پٺيان هلڻ لاء تيار ناهن. ان سلسلي ۾ نثار کوکر لکيو آهي ته “اسي ۽ نوي وارن ڏهاڪن ۾ آيل سياسي شعور ۽ ترقي پسند لهرن سنڌ اندر هڪ اميد پيدا ڪئي ته ڀوتارڪو ڪلچر ختم ٿيندو پر پوءِ خبر پئي ته ان دور جي مها انقلابين جي رستي ۾ به ڪو نه ڪو ڀوتارڪو ڪلچر پيل هو.انهن پنهنجو اميج وڃايو پر سوين هزارين ڪارڪنن جو ويساھ وڃايو ۽ ماڻهو هاڻي ٻيهر ڀوتار کي بت ڪري پوڄڻ لڳا آهن.”

    روزانه عوامي آواز 3 جون 2014

    ____
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روزانه عوامي آواز 3 جون 2014

    [​IMG]
     
  3. جمال محمود کهڙو

    جمال محمود کهڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2014
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    ذاتي ڪاروبار، آبادگار،
    ماڳ:
    سوڀوديرو
    بهترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو