ايم ڪيو ايم قائد الطاف حسين لنڊن ۾ گرفتار

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2014۔

  1. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    هي ڪهڙي قسم جو ليڊر آهي..!!؟؟
    الطاف جڏهن به تقرير ڪندو آهي ته سندس لهجو هڪ عام اڻ پڙهيل داداگيرن ۽ بدمعاشن جهيڙو هوندو آهي.
    مخالفن بابت سندس خيال ۽ سندس لفظ بداخلاقي جي هڪ مثال هوندا آهن جن کي گهر ۾ ويهي فيملي سان ٻڌندي به شرم اچيو وڃي...!!

    هي ڪهڙي قسم جو ليڊر آهي...!!؟؟
    جيڪو پاڻ کي مظلومن جو ساٿي سڏرائيندي فخر ڪري ٿو پر انهن مظلومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ کان ڊڄي ٿو...جان جي خوف کان انهن مظلومن کان پري رهڻ تي مجبور آهي..!!
    الطاف پهرين ته مخالف حڪومت جي ڪاروائين جو بهانو ڪري خودساخته جلاوطني اختيار ڪئي هئي پر دنيا ڏٺو ته سندس حمايت يافته حڪومتون اينديون رهيون پر پاڻ پو انهن مظلومن وٽ نه آيو..!!

    هي ڪهڙي قسم جو ليڊر آهي..!!؟؟
    لنڊن جي پُر افضا موسم ۾ الطاف پاڪستان جي مظلومن جي ڪهڙي مدد ڪري رهيو آهي..؟
    صرف هڪ شهر ڪراچي جي مالڪي جي دعوا ڪندڙ ڪراچي جي امن کي به قائم رکي نه سگهيو آهي..باقي ملڪ جي مظلومن جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهندو..!!؟؟
    هي ڪهڙي قسم جو ليڊر آهي...!!؟؟
    الطاف مختلف موقعن تي سرِ عام پاڪستان جي سالميت تي اعتراض ڪندو رهيو آهي، پاڻ ٻه قومي نظريي جو مخالف آهي..اڻ سڌي طرح اکنڊ ڀارت جو حمايتي آهي.
    الطاف سنڌ جي احسانن جو بدلو اهو ڏنو ته سنڌ امڙ کي ٻه حصا ڪرڻ جا مطالبا به کلي عام شروع ڪيائين..
    سنڌ ۾ ٿيندڙ دهشتگردن جو بنياد وجهندڙ، ڀتا خوري جا نوان ريڪارڊ ٺاهيندڙ، ٻوري بند لاشن جي سياست جي شروعات، ڌمڪيون ۽ داٻا ڏيندڙ ليڊر ٿيندا آهن ڇا...!!؟؟
    ليڊرن جي گهرن مان نوٽن جون ٻوريون به برآمد ٿينديون آهن ڇا...!؟
    الطاف حسين کي ليڊر مڃيندڙن جي عقل کي سلام..!!
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 جون 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو