نثارناز
سينيئر رڪن
ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران ڪتاب ”ايڊوڪيسي مهم“ جي مهورت
سنڌ سلامت جا دوستو السلام عليڪمڪجهه عرصو غير حاضر رهڻ کان پوءِ توهان سان هڪڙي رنگارنگ تقريب شيئر ڪري رهيو آهيان، گُذريل 15 اپريل تي ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان پاران تعليمي پڌرنامون جنهن ۾ يونين ڪائونسل 3 ٽنڊو محمد خان جي سمورن سرڪاري ۽ غير سرڪاري اسڪولن جي سروي ڪئي وئي آهي جي سلسلي ۾ ڇپايل هڪڙو ڪتاب ايڊوڪيسي مهم جي تقريب رونمائي (مهورت) شهر جي مشهور دارالعلوم هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان ۾ ملهائي وئي، جنهن ۾ شهر جا ڪافي معزز خواتين ، حضرات ۽ مختلف اين جي اوز جا نمائندا شريڪ ٿيا، سنڌ سلامت جي نمائندي جي حيثيت سان مونکي به شرڪت جي دعوت ملي، سنڌ سلامت جي ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون کي ساڻ ڪري ان تقريب ۾ شريڪ ٿيس. دوستن کي ٻُڌائيندو هلان ته ڪتاب ايڊوڪيسي مهم جي ٽوٽل سنڌي ڪمپيوٽرڪمپوزنگ مون پاڻ ڪئي هُئي، سو ناري ڊولپمينٽ آرگائزيشن جي چيئرپرسن محترما شبانه امتياز خصوصي طور بار بار انهي مهورت واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جي تاڪيد پڻ ڪئي هُئي، هن تقريب ۾ جملي پنجاهه کن خواتين ۽ حضرات شريڪ ٿيا، تلاوت ڪلام پاڪ جي سعادت پاڙي جي نياڻي شمشاد دايو حاصل ڪئي ، جڏهن ته نعت مقبول رسول اڪرم ﷺ پڙهڻ جي سعادت مير محلا جي نياڻي بينش قمبراڻي حاصل ڪئي ان کانپوءِ آجياڻي جي تقرير۾ محترما شبانه امتياز چيو ته ٽنڊو محمد خان شهر جي يونين ڪائونسل جملي طور شهري يونين ڪائونسل سڏبي آهي، ماڻهن ۽ سوڙهين گهٽين سان ڳُتيل هن يونين ڪائونسل مان سرڪاري ۽ غيرسرڪاري اسڪولن جي انگن اکرن انهن اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن جا ڪوائف گڏ ڪرڻ ڪو آسان ڪم ڪونه هو ، پر ناري ڊولپمنٽ جي محنتي ڪارڪنن ڏينهن رات محنت ڪري هن اهم ترين ڪم کي تڪميل تائين پهچايو، ان سروي ڪرڻ کانپوءِ خبر پئي ته هن شهري يونين ڪائونسل ۾ اڃان تائين به ڪافي سارا ٻارڙا ۽ ٻارڙيون علم جهڙي دولت کان ڪافي دور آهن، جنهن جو سبب صرف ۽ صرف رڳو اهو آهي، ته انهن ٻارڙن جا والدين پنهنجي جگر جي ٽڪڙن کي تعليم حاصل ڪرڻ نٿا ڏين، پڇا ڪرڻ تي انهن جو جواب رڳو اهو هو ته ” ڪهڙو اسان جي وڏن تعليم حاصل ڪئي، ڪهڙي اسان حاصل ڪئي ۽ ڪهڙو هي اسان جو اولاد حاصل ڪندا، ڪافي سارن اسڪولن جي سروي مان اها به خبر پئي ته ڪٿي ٻار گهٽ ته استادن جي يڪي ساري فوج اسڪول ۾ موجود هُئي ته ڪٿي وري اهو ڏٺو ويو ته ڪنهن اسڪول ۾ ٻارڙا فوج جي صورت ۾ موجود هُئا پر استاد اٽي ۾ لوڻ برابر هُئا، هن يونين ڪائونسل ۾ حيرت ۾ وجهندڙ اها ڳالهه نظر آئي ته يونين ڪائونسل نمبر 3 واحد شهر ي يونين ڪائونسل ۾ ڪوبه سرڪاري هاءِ اسڪول ڇوڪرن يا ڇوڪرين جو موجود ڪونه آهي،
ان کان علاوه محترما شبانه امتياز اهو به چيو ته هن يونين ڪائونسل ۾ ڪافي سارا ننڍڙا ٻار پاڙن ۾ وڊيو گيم تي پنهنجو وقت برباد ڪندي نظر آيا ان کان علاوه ڪافي ننڍڙا ٻارڙا هوٽل تي پيش گير يا باروالي طور ڪم ڪري رهيا هُئا ته ڪٿي وري ٻارڙا رڪشا، ۽ گڏهه گاڏيون هلائيندي نظر آيا، گورنمنٽ يا وسندي وارا ادارا ڪوشش وٺي چائلڊ ليبر واري قانون تي عمل درآمد ڪن ته هوند هن يونين ڪائونسل ۾ تعليم جو ريشو سئو سيڪڙو ٿي سگهي ٿو، ان کانپوءِ باقائده ان ڪتاب جي مهورت ڪئي وئي هڪڙي خوبصرت ٽريل ۾ ڪافي ساريون گلابي پتيون وجهي ان ۾ فور ڪلر رنگين ڪتاب ايڊو ڪيسي مهم جنهن جا صُفحا صرف 18 هُئا ان جي مهورت ڪرائي وئي دوستن کي هڪ دفعو ٻيهر ٻُڌائيندو هلان ته هن ڪتاب جي سرورق ڊيزائن ۽ سروي ڪليڪشن کي ڊيزائن جي صورت پڻ مون ڏني هُئي ان ڪري محترما شبانه مڃتا عيوض مونکي سنڌ جي سونهن هڪ خوبصورت سنڌي ٽوپي پڻ اعزاز ۽ انعام طور مونکي پارائي، ان ۾ مزي جهڙي اها ڳالهه اها ٿي ته مان سنڌي ٽوپي پائيندو آهيان ان ڪري مونکي اڳ ۾ ئي پنهنجي سنڌي ٽوپي پاتل هُئي هاڻ سوال پي پيدا ٿيو ته هڪڙي ٽوپي لاهجي ته محترما شبانه امتياز جي ڏنل انعام ۽ اعزاز واري ٻي ٽوپي پائجي سو مون چيو ته مان پهنجي پهريل ٽوپي نه لاهيندس خير ان ساري روداد کي سنڌ سلامت پاران وڊيو جي صورت ۾ ڀريو ويو آهي جنهن ۾ توهان ساري صورتحال سمجهي ويندا ته ڪئين هڪ ٽوپي لاٿي وئي ۽ ٻي ٽو پي پهرائي وئي اهي وڊيو پنهنجي ايڊيٽنگ جي آخري مرحلن ۾ آهن في الحال هن تقريب وڌيڪ ڪهاڻي تصويرن جي زباني پيش آهن اميد ته تصويرون توهان کي پسند اينديون.
محترما شبانه امتياز آجياڻي واري تقرير ڪري رهي آهي
ڪتاب ايڊو ڪيسي مهم جي مهورت ڪئي پئي وڃي
ڪتاب جي مهورت جي هڪ ٻي تصوير

مس نصرت ميمڻ ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن جي جنرل سيڪريٽري پڻ پنهنجا ويچار ونڊيا

محترما راحيلا خاصخيلي مومل ڊولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان جي چيئر پرسن پڻ هن تقريب ۾ خطاب ڪري رهي آهي

شهر جا ماڻهو به هن تقريب ۾ شريڪ ٿيا

محترما راحيلا خاصخيلي ۽ محترما نصرت ميمڻ گڏ ويٺيون آهن
ڪجھ ٻيون ناريون پڻ شريڪ آهن
مس ناياب قمبراڻي ۽ آپا سيما قمبراڻي ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن جون انتهائي محنتي ڪارڪن عورتون

ڪجھ ٻيون ناريون پڻ شريڪ آهن

مس ناياب قمبراڻي ۽ آپا سيما قمبراڻي ناري ڊولپمينٽ آرگنائزيشن جون انتهائي محنتي ڪارڪن عورتون