PDF هڪ بهترين فارميٽ آهي جنهن ذريعي توهان پنهنجا ڊاڪومينٽس پنهنجي پسند جي فارميٽ ۽ لي آئوٽ تحت ٻين سان شيئر ڪري سگهو ٿا.. پي ڊي فائيلز در اصل “ريڊ اونلي” ٿيندا آهن ۽ موبائيل ڊوائيس سميت ڪمپيوٽر، ليپٽاپ ۽ ٽيبليٽس تي کولي سگهجن ٿا... هن موضوع ۾ توهان کي پي ڊي ايف کي ڪجهه سافٽويئر ٽولز ۽ ويب ايپليڪيشنز ذريعي ڪارآمد ٽوٽڪا ۽ ٽپس ڏسبا جنهن ۾ توهان جي هڪ پاولي به خرچ نه ٿيندي.. ته پوءِ شروع ڪجي... ******** سوال: ايڊوب ايڪروبيٽ کان سواءِ مان پي ڊي ڊاڪيومينٽ ڪيئن ٺاهيان... سائين (نثارابڙو جو سوال) جواب: گوگل ڪروم تي رهي ڪري توهان ڪنهن به ويب پيج جو پي ڊي ايف ٺاهي سگهو ٿا... ان لاءِ بس پرنٽ جي ريگيولر ڪمانڊ استعمال ڪريو... ۽ کلندڙ ونڊوز منجهان ڊيسٽينشن پرنٽر Save as PDF چونڊيو ۽ بس Save بٽڻ دٻايو.. ياد رهي ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به ايڪٽينشن انسٽال ڪرڻ جي ضرورت ناهي.. گوگل ڪروم ۾ بلٽ ان پي ڊي ايف رائيٽر موجود هوندو آهي... اهڙي نموني توهان ڪا تصوير گوگل ڪروم ۾ کولي ان کي به ساڳي ڪمانڊ سان پي ڊي ايف ۾ تبديل ڪري سگهوٿا... جڏهن ته ونڊوز ۾ آفيس يا ٻيا ٽيڪسٽ ڊاڪومينٽ پي ڊي ايف ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ Nitro Reader نالي هڪ ننڍڙو فري ٽول ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو.. جنهن ذريعي ڪوبه ڊاڪومينٽ آساني سان پي ڊي ايف فارميٽ ۾ تبديل ٿي سگهندو... جڏهن ته ڪجهه ٻيا پرنٽر جهڙوڪ SaveAsWWF ، printless PDFs ۽ BullZip پڻ پي ڊي ايف فارميٽ تيار ڪرڻ لاءِ مشهور آهن...
سوال: مان ڪو سافٽويئر انسٽال نه ٿو ڪرڻ چاهيان... ڇا ڪا اهڙي ويب ايپليڪيشن موجود آهي جيڪا منهنجي ڊاڪومينٽس کي پي ڊي ايف ۾ تبديل ڪري سگهي..؟ جواب: جي ها.. ان لاءِ سڀ کان پهريان توهان پنهنجا ڊاڪومينٽس گوگل ڊرائيو تي اپلوڊ ڪريو.. ۽ پوءِ کين پي ڊي ايف طور ايڪسپورٽ ڪريو... يا وري توهان پنهنجو ڊاڪومينٽ pdfconvert@pdfconvert.me تي اي ميل ڪريو جتان توهان کي ٿوڙي دير ۾ ئي ساڳي فائيل پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ٿي واپس ملندي.. ان کان علاوه Zamzar نالي ويب سائيٽ پڻ بهترين نتيجا ڏيندڙ ليکي ويندي آهي...
سائين ڪنهن به آفيس ڊاڪيومينٽ کي پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ڪرڻ لاء Save as ۾ پي دي ايف فارميٽ موجود آهي، اهو استعمال ڪيو، آسان ۽ سولو آهي.
اهڙيون کوڙ ايپليڪيشنس آهن.. هتي ڪجهه ڏيان ٿو ... منهنجي استعمال هيٽ ڪيم اسڪينر آهي... جنهن اضافي فيچرس اصل لاجواب آهن... تفصيل ڏبا ته موضوع کان ڀٽڪجي وڃبو.. PDF Creator CamScanner -Phone PDF Creator Web to PDF
سوال: پي ڊي ايف فائيل مان ڪهڙي طرح ورڊ يا ايڇ ٽي ايم ايل فارميٽ ۾ تبديل ڪجي...؟ جواب: پي ڊي ايف فائيل کي zamzar.com تي اپلوڊ ڪريو ۽ ڪهڙي به فارميٽ جهڙوڪ ورڊ، ايڇ ٽي ايم ايل ۽ ٽيڪسٽ وغيره ۾ تبديل ڪريو.. يا وري جي ميل آيل پي ڊي ايف فائيل کي ايڇ ٽي ايم ايل ۾ ڏسو...
سوال: ڪنهن مون ڏانهن عربي ۾ پي ڊي ايف فائيل موڪلي آهي.. مان ان کي انگريزي ۾ ڪيئن پڙهان؟ جواب: توهان آساني سان گوگل ٽرانسليٽ ڪٽ translator toolkit استعمال ڪندي فائيل کي ڪنهن به زبان ۾ تبديل ڪندي پڙهي سگهو ٿا... يا وري translate.google.com تي اچي پي ڊي ايف فائيل اپلوڊ ڪريو ۽ ڪنهن به ٻولي ۾ ترجمو ڪري پڙهو...
انهن کان علاوه پي.ڊي.ايف مشين به تمام بهترين سافٽويئر آهي . جنهن ۾ توهان جو لي آئوٽ ڪڏهن به آئوٽ نه ٿيندو. آئون اڪثر اهو آزمائيندو آهيان. يا وري پي ڊي ايف ڪريئيٽر به بهترين آهي. جيڪو تمام آسان آهي.
سوال: پي ڊي ايف فائيل ۾ ترميم ڪيئن ڪريان...؟ جواب: پي ڊي ايف فائيل فارميٽ جي مشهوري جا ڪيترائي سبب آهن جن مان خاص هي ٽي آهن.. پي ڊي ايف فائيل عام طور ورڊ ڊاڪومينٽ جي مقابلي ۾ وزن ۾ هلڪا ٿين ٿا.. ورڊ وانگر هن فائيل ۾ آساني سان ترميم نه ٿي ٿي سگهي... ايتري تائين جو ڏسندڙ کي پرنٽ ڪڍڻ يا فائيل ۾ موجود ٽيڪسٽ ڪاپي ڪرڻ کان به روڪي سگهجي توهان پي ڊي ايف فائيل ڪاٿي به کولي سگهو ٿا... اها چاهي موبائيل ڊيوائيس هجي يا ڪمپيوٽر .. هي فارميٽ ايڊوب ايڪروبيٽ ريڊر جهڙي مفت سافٽويئر ذريعي کولي سگهجي ٿو.. جيتوڻيڪ اڳ ئي ٻڌايو ويو آهي ته پي ڊي ايف فائيل “ريڊ اونلي” هوندو آهي.. پر ڪجهه سروسز جانچڻ سان مليو وڃن جهڙوڪ PDFEscape.com ذريعي توهان ڪنهن به پي ڊي ايف فائيل ۾ ترميم ڪري سگهو ٿا.. جيڪڏهن توهان رڳو ٽيڪسٽ ۾ تبديلي ڪرڻ چاهيو ٿا ته Stanza جو ڊيسڪٽاپ ورجن ٽرائي ڪري ڏسو... پر جيڪڏهن توهان ڪنهن اهڙي پي ڊي فائيل ۾ ترميم ڪرڻ گهرو ٿا جنهن ۾ تصويرون، چارٽ ۽ ٽيبلون هجن ته BCL Research يا NitroPDF آزمايو... هڪ وڌيڪ بهتر ٽول آهي.. PDF XChange جنهن ذريعي پي ڊي ايف ۾ ايڊوانس ايڊيٽنگ سان گڏو گڏ سائيننگ سٽيمپ لڳائڻ جي سهولت پڻ آهي... ان کانسواءِ ايڊوب السٽريٽر وانگر Inkscape نالي هڪ ڊرائينگ ٽول پڻ ٿيندو آهي جنهن ذريعي توهان پي ڊي ايف فائيل ۾ امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ڪري سگهو ٿا... تفصيل لاءِ هي وڊيو ڏسو... آخري ٽپ جيڪا پي ڊي ايف فائيل کي ترميم ڪرڻ لاءِ مان توهان کي ڏيڻ چاهيندس سا آهي... OpenOffice Draw گڏو گڏ PDFImport extension جي .. جنهن ذريعي آساني سان ٽيڪسٽ سان گڏ فارميٽ نما تبديليون جهڙوڪ ٽيڪسٽ سائيز، ٽيڪسٽ رنگ ۽ فونٽ جي تبديلي ڪري سگهجي ٿي.. تفصيل لاءِ هي جف تصوير ڏسو...
سوال: اسڪينڊ ڪيل پي ڊي ايف ڊاڪومينٽس مان ٽيڪسٽ کي ايڪسٽريڪٽ ڪري مائڪروسافٽ ورڊ ۾ کڻي اچڻ جو ڪو سولو طريقو...؟ جواب: توهان ايڊوب ريڊر مان ٽيڪسٽ سليڪٽ ٽولز جي ذريعي سولائي سان ٽيڪسٽ کڻي سگهو ٿا... ان کان علاوه گوگل ڊاڪ ذريعي پڻ ڪنهن اهڙي تصوير جيڪا ٽيڪسٽ تي مشتمل هجي جهڙوڪ اخبار جي ڪلپنگ وغيره کي ڊجيٽل ٽيڪسٽ ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا.. ان جو مثال هيٺين تصوير آهي... ان کانسواءِ ڪجهه او سي آر سافٽويئر پڻ موجود آهن جن ذريعي توهان اسڪين ڪيل تصويري ٽيڪسٽ اميجز مان ٽيڪسٽ کي ايڪسٽريڪٽ ڪري سگهو ٿا... انهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا... Abbyy FineReader Adobe Acrobat 9 SimpleOCR Scribd iPaper Evernote Qipit ، Snapter ۽ ScanR ويب سائيٽس پڻ اها سهولت ڏين ٿيون.. ونڊوز لاءِ FreeOCR نالي پڻ مشهور سافٽويئر آهي ... جيڪو ڪنهن به اسڪين ٿيل پيپرن مان ٽيڪسٽ کي الڳ ڪري ڏيڻ جي سهولت ڏئي ٿو...
ڪجهه وقت اڳ مون به تصويرن کي سمپل ٽيڪسٽ ۾ ڪنورٽ ڪيو پر هڪ مسئلو پيش آيو ، اُهو هِي هو ته فائل ۾ موجود جتي به اسپيس وغيره هئا يا تصويرون هيون انهن جي جا تي اهڙا ته ڪوڊ ورڊ اچي ويا جيڪي منهنجي سمجهه کان ٻاهر هئا، پو آنلائن تصويرن مان ورڊ ڪنورٽر جي ذريعي فائل ڪنورٽ ڪيم . جتي سنڌي اکر هئا اتي ڪوڊ پيا اچن يا وري ڪٿي ڪٿي ساڳيو اکر تصوير جي شڪل ۾ اچي پيو.. چوڻ جو مقصد ته ڇا اهڙو سافٽويئر آهي جنهن سان اسان پراڻيون سنڌي اخبارون يا ڪالم وغيره جديد ٽيڪسٽ ۾ ڪنورٽ ڪري سگهون ؟؟؟؟
في الوقت اهو ممڪن ناهي.. پر ان حوالي سان ڪجهه اڳ ڀرائي ٿي ضرور آهي.. سنڌي لينگويج اٿارٽي جي مدد سان سنڌ يونيورسٽي جو هڪ پروفيسر پنهنجي ٽيم سان ان ڪم ۾ رڌل آهي.. جي اهو پنهنجي ڪم ۾ ڪامياب ويو ته سنڌ ٻولي جا ڪيترائي ڪتاب پڻ يونيڪوڊز ۾ ڪنورٽ ٿي سگهندا..
سوال: مان ٻن پي ڊي ايف فائيلز کي ملائي هڪ فائيل ڪيئن ٺاهيان.. ؟ ۽ ڇا انهن جي صفحي نمبر کي تبديل ڪري سگهجي ٿو...؟ جواب: توهان PDF Fill نالي ٽول کي استعمال ڪندي مختلف پي ڊي ايف فائلز کي آساني سان ملائي سگهو ٿا.. هن جي ئي ذريعي توهان صفحن جي ترتيب درست ڪري سگهو ٿا.. ايسيتائين جو ڪنهن به صفحي کي روٽيٽ پڻ ڪري سگهڻ کان سواءِ ڪل ملائي ڪري 15 آپشن استعمال ڪري سگهو ٿا.... پر جيڪڏهن توهان ڪنهن آن لائين حل طرف وڃڻ چاهيو ته PDF Mergy استعمال ڪريو... جنهن کي استعمال ڪرڻ انتهائي آسان پڻ آهي...
سوال: مون وٽ هڪ اهڙي پروٽيڪٽڊ پي ڊي ايف فائيل آهي جنهن مان نه ٽيڪسٽ ڪاپي ڪري سگهجي ٿو ۽ نه وري ان ٽيڪسٽ کي پرنٽ ڪري سگهجي ٿو ... ڪو ڏس ڏيو..؟ جواب: ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ توهان آن لائين سروس PDFUnlock.com استعمال ڪري سگهو ٿا.. يا وري freemyPDF.com پڻ استعمال ٿي سگهي ٿي.. اهي ٻئي ويب سائيٽس ايتري سگهه رکن ٿيون جو ڪنهن به پروٽيڪٽڊ پي ڊي ايف فائيل مان ريسٽڪشنس جهڙوڪ پرنٽ يا ٽيڪسٽ ڪاپي ڪرڻ کان روڪڻ کي ختم ڪري سگهن ٿيون سو به بغير ڪنهن گهربل پاسورڊ جي...