پي ڊي ايف بابت رهنمائي ..

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    PDF هڪ بهترين فارميٽ آهي جنهن ذريعي توهان پنهنجا ڊاڪومينٽس پنهنجي پسند جي فارميٽ ۽ لي آئوٽ تحت ٻين سان شيئر ڪري سگهو ٿا.. پي ڊي فائيلز در اصل “ريڊ اونلي” ٿيندا آهن ۽ موبائيل ڊوائيس سميت ڪمپيوٽر، ليپٽاپ ۽ ٽيبليٽس تي کولي سگهجن ٿا...
    هن موضوع ۾ توهان کي پي ڊي ايف کي ڪجهه سافٽويئر ٽولز ۽ ويب ايپليڪيشنز ذريعي ڪارآمد ٽوٽڪا ۽ ٽپس ڏسبا جنهن ۾ توهان جي هڪ پاولي به خرچ نه ٿيندي.. ته پوءِ شروع ڪجي...

    ********​

    سوال: ايڊوب ايڪروبيٽ کان سواءِ مان پي ڊي ڊاڪيومينٽ ڪيئن ٺاهيان... سائين (نثارابڙو جو سوال)
    جواب: گوگل ڪروم تي رهي ڪري توهان ڪنهن به ويب پيج جو پي ڊي ايف ٺاهي سگهو ٿا... ان لاءِ بس پرنٽ جي ريگيولر ڪمانڊ استعمال ڪريو... ۽ کلندڙ ونڊوز منجهان ڊيسٽينشن پرنٽر Save as PDF چونڊيو ۽ بس Save بٽڻ دٻايو.. ياد رهي ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به ايڪٽينشن انسٽال ڪرڻ جي ضرورت ناهي.. گوگل ڪروم ۾ بلٽ ان پي ڊي ايف رائيٽر موجود هوندو آهي...

    [​IMG]
    اهڙي نموني توهان ڪا تصوير گوگل ڪروم ۾ کولي ان کي به ساڳي ڪمانڊ سان پي ڊي ايف ۾ تبديل ڪري سگهوٿا...
    جڏهن ته ونڊوز ۾ آفيس يا ٻيا ٽيڪسٽ ڊاڪومينٽ پي ڊي ايف ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ Nitro Reader نالي هڪ ننڍڙو فري ٽول ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو.. جنهن ذريعي ڪوبه ڊاڪومينٽ آساني سان پي ڊي ايف فارميٽ ۾ تبديل ٿي سگهندو...

    [​IMG]
    جڏهن ته ڪجهه ٻيا پرنٽر جهڙوڪ SaveAsWWF ، printless PDFs ۽ BullZip پڻ پي ڊي ايف فارميٽ تيار ڪرڻ لاءِ مشهور آهن...
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سوال: مان ڪو سافٽويئر انسٽال نه ٿو ڪرڻ چاهيان... ڇا ڪا اهڙي ويب ايپليڪيشن موجود آهي جيڪا منهنجي ڊاڪومينٽس کي پي ڊي ايف ۾ تبديل ڪري سگهي..؟
    جواب: جي ها.. ان لاءِ سڀ کان پهريان توهان پنهنجا ڊاڪومينٽس گوگل ڊرائيو تي اپلوڊ ڪريو.. ۽ پوءِ کين پي ڊي ايف طور ايڪسپورٽ ڪريو...

    [​IMG]

    يا وري توهان پنهنجو ڊاڪومينٽ pdfconvert@pdfconvert.me تي اي ميل ڪريو جتان توهان کي ٿوڙي دير ۾ ئي ساڳي فائيل پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ٿي واپس ملندي.. ان کان علاوه Zamzar نالي ويب سائيٽ پڻ بهترين نتيجا ڏيندڙ ليکي ويندي آهي...
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڀلا اينڊرائيڊ فون لاء ڪا ويب اپليڪيشن آهي جنهن سان ڪنهن به ڊاڪومينٽ کي پي ڊي ايف ۾ ڪريون.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    فائل کي پي ڊي ايف ۾ تبديل ڪرڻ لا۽ Pdf24 editor به هڪ سٺو سافٽويئر آهي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪنهن به ورڊ ڊاڪيومينٽ کي پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ڪرڻ لاء مان ڊو پي ڊي ايف استعمال ڪندو آهيان.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين ڪنهن به آفيس ڊاڪيومينٽ کي پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ڪرڻ لاء Save as ۾ پي دي ايف فارميٽ موجود آهي، اهو استعمال ڪيو، آسان ۽ سولو آهي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ها پر ان ۾ ڪجهه فونٽ ٽُٽي ويندا آهن.
     
  8. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    پو۽ سائين توهان جي آفيس ۾ ته مسئلو ناهي.
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اهڙيون کوڙ ايپليڪيشنس آهن.. هتي ڪجهه ڏيان ٿو ... منهنجي استعمال هيٽ ڪيم اسڪينر آهي... جنهن اضافي فيچرس اصل لاجواب آهن... تفصيل ڏبا ته موضوع کان ڀٽڪجي وڃبو..
    PDF Creator
    CamScanner -Phone PDF Creator
    Web to PDF
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سوال: پي ڊي ايف فائيل مان ڪهڙي طرح ورڊ يا ايڇ ٽي ايم ايل فارميٽ ۾ تبديل ڪجي...؟
    جواب: پي ڊي ايف فائيل کي zamzar.com تي اپلوڊ ڪريو ۽ ڪهڙي به فارميٽ جهڙوڪ ورڊ، ايڇ ٽي ايم ايل ۽ ٽيڪسٽ وغيره ۾ تبديل ڪريو.. يا وري جي ميل آيل پي ڊي ايف فائيل کي ايڇ ٽي ايم ايل ۾ ڏسو...

    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سوال: ڪنهن مون ڏانهن عربي ۾ پي ڊي ايف فائيل موڪلي آهي.. مان ان کي انگريزي ۾ ڪيئن پڙهان؟
    جواب: توهان آساني سان گوگل ٽرانسليٽ ڪٽ translator toolkit استعمال ڪندي فائيل کي ڪنهن به زبان ۾ تبديل ڪندي پڙهي سگهو ٿا...

    [​IMG]

    يا وري translate.google.com تي اچي پي ڊي ايف فائيل اپلوڊ ڪريو ۽ ڪنهن به ٻولي ۾ ترجمو ڪري پڙهو...

    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سليمان وساڻ ادا اوهان آفيس 2013 استعمال ڪئي آهي؟;)
    انهي ۾ ڪُجهه نه ٿو ٽُٽي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    انهن کان علاوه پي.ڊي.ايف مشين به تمام بهترين سافٽويئر آهي . جنهن ۾ توهان جو لي آئوٽ ڪڏهن به آئوٽ نه ٿيندو. آئون اڪثر اهو آزمائيندو آهيان.
    يا وري
    پي ڊي ايف ڪريئيٽر به بهترين آهي.
    جيڪو تمام آسان آهي.

    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سوال: پي ڊي ايف فائيل ۾ ترميم ڪيئن ڪريان...؟
    جواب: پي ڊي ايف فائيل فارميٽ جي مشهوري جا ڪيترائي سبب آهن جن مان خاص هي ٽي آهن..
    • پي ڊي ايف فائيل عام طور ورڊ ڊاڪومينٽ جي مقابلي ۾ وزن ۾ هلڪا ٿين ٿا..
    • ورڊ وانگر هن فائيل ۾ آساني سان ترميم نه ٿي ٿي سگهي... ايتري تائين جو ڏسندڙ کي پرنٽ ڪڍڻ يا فائيل ۾ موجود ٽيڪسٽ ڪاپي ڪرڻ کان به روڪي سگهجي
    • توهان پي ڊي ايف فائيل ڪاٿي به کولي سگهو ٿا... اها چاهي موبائيل ڊيوائيس هجي يا ڪمپيوٽر .. هي فارميٽ ايڊوب ايڪروبيٽ ريڊر جهڙي مفت سافٽويئر ذريعي کولي سگهجي ٿو..
    جيتوڻيڪ اڳ ئي ٻڌايو ويو آهي ته پي ڊي ايف فائيل “ريڊ اونلي” هوندو آهي.. پر ڪجهه سروسز جانچڻ سان مليو وڃن جهڙوڪ PDFEscape.com ذريعي توهان ڪنهن به پي ڊي ايف فائيل ۾ ترميم ڪري سگهو ٿا..

    [​IMG]

    جيڪڏهن توهان رڳو ٽيڪسٽ ۾ تبديلي ڪرڻ چاهيو ٿا ته Stanza جو ڊيسڪٽاپ ورجن ٽرائي ڪري ڏسو... پر جيڪڏهن توهان ڪنهن اهڙي پي ڊي فائيل ۾ ترميم ڪرڻ گهرو ٿا جنهن ۾ تصويرون، چارٽ ۽ ٽيبلون هجن ته BCL Research يا NitroPDF آزمايو...
    هڪ وڌيڪ بهتر ٽول آهي.. PDF XChange جنهن ذريعي پي ڊي ايف ۾ ايڊوانس ايڊيٽنگ سان گڏو گڏ سائيننگ سٽيمپ لڳائڻ جي سهولت پڻ آهي...

    [​IMG]

    ان کانسواءِ ايڊوب السٽريٽر وانگر Inkscape نالي هڪ ڊرائينگ ٽول پڻ ٿيندو آهي جنهن ذريعي توهان پي ڊي ايف فائيل ۾ امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ڪري سگهو ٿا... تفصيل لاءِ هي وڊيو ڏسو...


    آخري ٽپ جيڪا پي ڊي ايف فائيل کي ترميم ڪرڻ لاءِ مان توهان کي ڏيڻ چاهيندس سا آهي... OpenOffice Draw گڏو گڏ PDFImport extension جي .. جنهن ذريعي آساني سان ٽيڪسٽ سان گڏ فارميٽ نما تبديليون جهڙوڪ ٽيڪسٽ سائيز، ٽيڪسٽ رنگ ۽ فونٽ جي تبديلي ڪري سگهجي ٿي.. تفصيل لاءِ هي جف تصوير ڏسو...

    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام گهڻو معلوماتي... پر عنوان آهي ڪجهه به ڪري سگهو ٿا... ههههه
     
  16. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سوال: اسڪينڊ ڪيل پي ڊي ايف ڊاڪومينٽس مان ٽيڪسٽ کي ايڪسٽريڪٽ ڪري مائڪروسافٽ ورڊ ۾ کڻي اچڻ جو ڪو سولو طريقو...؟
    جواب: توهان ايڊوب ريڊر مان ٽيڪسٽ سليڪٽ ٽولز جي ذريعي سولائي سان ٽيڪسٽ کڻي سگهو ٿا... ان کان علاوه گوگل ڊاڪ ذريعي پڻ ڪنهن اهڙي تصوير جيڪا ٽيڪسٽ تي مشتمل هجي جهڙوڪ اخبار جي ڪلپنگ وغيره کي ڊجيٽل ٽيڪسٽ ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا.. ان جو مثال هيٺين تصوير آهي...

    [​IMG]
    ان کانسواءِ ڪجهه او سي آر سافٽويئر پڻ موجود آهن جن ذريعي توهان اسڪين ڪيل تصويري ٽيڪسٽ اميجز مان ٽيڪسٽ کي ايڪسٽريڪٽ ڪري سگهو ٿا... انهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا...

    Qipit ، Snapter ۽ ScanR ويب سائيٽس پڻ اها سهولت ڏين ٿيون.. ونڊوز لاءِ FreeOCR نالي پڻ مشهور سافٽويئر آهي ... جيڪو ڪنهن به اسڪين ٿيل پيپرن مان ٽيڪسٽ کي الڳ ڪري ڏيڻ جي سهولت ڏئي ٿو...
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏11 جون 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي

    ڪجهه وقت اڳ مون به تصويرن کي سمپل ٽيڪسٽ ۾ ڪنورٽ ڪيو پر هڪ مسئلو پيش آيو ، اُهو هِي هو ته فائل ۾ موجود جتي به اسپيس وغيره هئا يا تصويرون هيون انهن جي جا تي اهڙا ته ڪوڊ ورڊ اچي ويا جيڪي منهنجي سمجهه کان ٻاهر هئا، پو آنلائن تصويرن مان ورڊ ڪنورٽر جي ذريعي فائل ڪنورٽ ڪيم . جتي سنڌي اکر هئا اتي ڪوڊ پيا اچن يا وري ڪٿي ڪٿي ساڳيو اکر تصوير جي شڪل ۾ اچي پيو..

    چوڻ جو مقصد ته ڇا اهڙو سافٽويئر آهي جنهن سان اسان پراڻيون سنڌي اخبارون يا ڪالم وغيره جديد ٽيڪسٽ ۾ ڪنورٽ ڪري سگهون ؟؟؟؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    في الوقت اهو ممڪن ناهي.. پر ان حوالي سان ڪجهه اڳ ڀرائي ٿي ضرور آهي.. سنڌي لينگويج اٿارٽي جي مدد سان سنڌ يونيورسٽي جو هڪ پروفيسر پنهنجي ٽيم سان ان ڪم ۾ رڌل آهي.. جي اهو پنهنجي ڪم ۾ ڪامياب ويو ته سنڌ ٻولي جا ڪيترائي ڪتاب پڻ يونيڪوڊز ۾ ڪنورٽ ٿي سگهندا..
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سوال: مان ٻن پي ڊي ايف فائيلز کي ملائي هڪ فائيل ڪيئن ٺاهيان.. ؟ ۽ ڇا انهن جي صفحي نمبر کي تبديل ڪري سگهجي ٿو...؟
    جواب: توهان PDF Fill نالي ٽول کي استعمال ڪندي مختلف پي ڊي ايف فائلز کي آساني سان ملائي سگهو ٿا.. هن جي ئي ذريعي توهان صفحن جي ترتيب درست ڪري سگهو ٿا.. ايسيتائين جو ڪنهن به صفحي کي روٽيٽ پڻ ڪري سگهڻ کان سواءِ ڪل ملائي ڪري 15 آپشن استعمال ڪري سگهو ٿا....

    [​IMG]

    پر جيڪڏهن توهان ڪنهن آن لائين حل طرف وڃڻ چاهيو ته PDF Mergy استعمال ڪريو... جنهن کي استعمال ڪرڻ انتهائي آسان پڻ آهي...

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سوال: مون وٽ هڪ اهڙي پروٽيڪٽڊ پي ڊي ايف فائيل آهي جنهن مان نه ٽيڪسٽ ڪاپي ڪري سگهجي ٿو ۽ نه وري ان ٽيڪسٽ کي پرنٽ ڪري سگهجي ٿو ... ڪو ڏس ڏيو..؟
    جواب: ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ توهان آن لائين سروس PDFUnlock.com استعمال ڪري سگهو ٿا.. يا وري freemyPDF.com پڻ استعمال ٿي سگهي ٿي.. اهي ٻئي ويب سائيٽس ايتري سگهه رکن ٿيون جو ڪنهن به پروٽيڪٽڊ پي ڊي ايف فائيل مان ريسٽڪشنس جهڙوڪ پرنٽ يا ٽيڪسٽ ڪاپي ڪرڻ کان روڪڻ کي ختم ڪري سگهن ٿيون سو به بغير ڪنهن گهربل پاسورڊ جي...

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو