• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڌورو انصاف!

منصور سرور

سينيئر رڪن
اسلم لغاري
حيدرآباد ڀرسان قائم قديم ڳوٺ ٽنڊو بهاول به سنڌ جي ڪجهه انهن ڳوٺن ۽ وسندين وانگر ئي آهي جيڪي ناانصافين، جدوجهد ۽ جبر جي حوالي سان پنهنجي پاڻ سڃاڻپ رکن ٿا، اڄ کان تقريبن 21 سال اڳ 5 جون 1992ع تي پيش آيل دردناڪ سانحي جا پاڇا اڄ به هن بدنصيب ڳوٺ تان هٽي ناهن سگهيا نه ڄاڻ هي ڪهڙو درد آهي جو جنهن جي پڄاڻي ئي ناهي. تقيربن 15 سئو ايڪڙ زمين جي تڪرار تان برپا ٿيل قيامت ۾ 9 پورهيت ڳوٺاڻا قانون لاڳو ڪندڙن جي گولين جو بک بڻبا، منٺار چانڊيو، حاجي اڪرم چانڊيو، بهادر چانڊيو، ڪنڊو خاصخيلي، جاويد خاصخيلي، غلام مصطفيٰ بروهي، شفيع محمد ڀرڳڙي، هملو ڪولهي ۽ ڌڻي بخش ٻٻر جا وارث اڄ به اهو درد وساري ناهن سگهيا. جيتوڻيڪ واقعي جو مک جوابدار ميجر ارشد جميل ڦاهي چڙهيو ۽ ٻين 13 اهلڪارن کي سزائون آيون پر ان لاءِ جيڪو درد جو درياهه منٺار ۽ بهادر جي ماءُ مائي جندو پار ڪيو ۽ قربانيون ڏيندي اڻٿڪ جدوجهد ڪئي، ان کي خراج تحسين پيش ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. هن انصاف جي حاصلات لاءِ پنهنجي ٻن ڌيئرن جي قرباني ڏني. 11 سيپٽمبر 1996ع تي حاڪم زادي ۽ زيب النساءَ جي او آر ڪالوني ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، جيڪي بعد ۾ بچي نه سگهيون، ڌيئرن کي پاڻ ساڙڻ لاءِ ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ مائي جندو کي ڪجهه عرصو جيل ڀوڳڻو پيو، سندن ساٿ ڏيڻ تي سماجي اڳواڻ فهميده قريشي پڻ گرفتار ٿي سندس ڀاءُ حفيظ قريشي کي به سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو.

هن وقت تقريبن 80 سالن جي جهور ۽ چهري تي گهنج ۽ بي پناهه حوصلو رکندڙ شخصيت جي مالڪ مائي جندو ٻڌائي ٿي ته اڄ به هو سمجهي ٿي ته ساڻس اڌورو انصاف ٿيو آهي. همت ۽ حوصلي جو اهڃاڻ مائي جندو ٽنڊي بهاول ۾ بهادري جو مثال بڻيل آهي هن انصاف لاءِ لڳاتار 18 سال جدوجهد ڪئي هن سڄي واقعي ۾ 34 ٻار يتيم ٿيا، 10 خاندان برباد ٿيا، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ مائي جندو متاثر ٿي، سندس خاندان جي 5 ڀاتين جون حياتيون ضايع ٿيون. ڀرڳڙي خاندان ۾ سندن ڪو مرد وارث نه هجڻ سبب زمينن تي قبضا ٿي ويا، زمين پوکڻ ۽ پورهيو ڪرڻ جي سزا هارين ۽ پورهيتن کي ملي، اڄ به ٽنڊو بهاول ۾ ڀرڳڙي خاندان جي حويلي قائم آهي جيڪا هاڻي ويراني جو منظر پيش ڪري ٿي، سندن زمينن تي ڌارين جي مالڪي آهي، ڀرڳڙي خاندان جي آخري وارثياڻي جيجي سمي ۽ ان جو ڀاڻيجو شير خان ڀرڳڙي انهيءَ ويران حويلي ۾ رهن ٿا، ڳوٺاڻن ۾ پنهنجي اخلافن ۽ ڀرڳڙي خاندان ۾ ڪو مرد وارث نه ڄڻ کانپوءِ فراڊ مٿان فراڊ سبب سڄي ملڪيت ڀرڳڙي خاندان جي هٿن مان نڪري وئي، وڏي ڳالهه جو جنهن زمين جي ڪري 9 ڳوٺاڻا شهيد ٿيا، سندن ٻار يتيم ٿيا انهن شهيدن جي وارثن کي هڪ ايڪڙ به زمين جو نصيب نه ٿيو، 5 گهر ڀاتين جي شهادت کانپوءِ مائي جندو درد جي تصوير بڻيل آهي ٻين شهيدن جا وارث به پنهنجو پنهنجو درد کڻي جيئن ٿا جڏهن ته ڀرڳڙي خاندان جي زمين جي واپسي لاءِ اڄ به عدالتن ۾ ڪيس هلندڙ آهن اڃا به انصاف اڌورو آهي جنهن لاءِ ڳوٺاڻن جا عدالتن ڏانهن پنڌ آهن، ڪيسن جي پوئيواري ڪندڙ شير خان ڀرڳڙي انصاف جو گهرجائو آهي. هو خاندان سان ٿيل وارتا ٻڌائيندي چوي ٿو ته ساڻن وڏيرن سان گڏ قانون واري هڪ اڳوڻي سيڪريٽري ۽ ٻين ڪامورن به فراڊ ڪيو اسان کي نه زمينون مليون ۽ نه پئسا مليا. ابتو اسان تي ڪوڙيون ايف آءِ آرون داخل ڪرائي زمين وڪرو ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، عدالت اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو پر ان وقت تائين زمين ٻين جي حوالي ٿي وئي، هاڻي انهن طرفان ئي ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي. راڄوڻي فيصلي تحت به نه زمين اسان کي ملي ۽ نه ئي فراڊ ڪرڻ تي رکيل ڏنڊ مان اسان کي ڪو ٽڪو مليو آهي، هاڻي حالت ته اها آهي جو وڏيرن اسان جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته سانحي جو مک جوابدار غلام نبي پٺاڻ به اڄ ڏينهن تائين گرفتار ناهي ٿي سگهيو، هو الزام هڻي ٿو ته کيس هڪ وڏيري پناهه ڏني آهي. ٽنڊو بهاول سانحي جي متاثرن کي اعلانيل نوڪريون به اڃا تائين نه ملي سگهيون آهن، بار بار آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ باوجود متاثر گهربل وارثي کان محروم آهن، هن سڄي سانحي ۾ شهيدن جي وارثن جو انصاف لاءِ ساٿ ڏيندڙ فهميده قريشي مائي جندو کي سنڌ جي ڏاهي عورت قرار ڏئي ٿي، سندس چوڻ آهي ته ماڻهو جدوجهد ۾ ٿڪي پون ٿا پر هن ڪڏهن به حوصلو نه هاريو، آخر تائين اٽل بيٺل رهي، سماج ۾ کيس جيڪا موٽ ملڻ گهرجي ها اها کيس ناهي ملي، بينظير ڀٽو کانپوءِ مون مائي جندو کي هڪ باهمت عورت جي روپ ۾ ڏٺو آهي، جيڪا ڪڏهن به جهڪي نه ٿي سگهي. ان سلسلي ۾ جڏهن مائي جندو سان سندس گهر ملڻ ٿيو ته پهرين ته هن روايتي ڳالهه ٻولهه ڪئي پر جڏهن امان چئي سندس پيرن کي ڇُهي موڪلائڻ لڳس، ڄڻ ته سندس دردن جي درياءَ جو بند ٽٽي پيو هو، اکين مان نير وهائيندي سڄو دردن جو داستان ٻڌائڻ لڳي ”اندر ۾ ڪا باهه آهي جيڪا اُجهامي نه ٿي، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اين جي اوز وارا ڪنهن پروگرام ۾ گهرائين ٿا نه ته اسان وٽ ڪو لڙي نٿو اچي، هن هڪ باهمت عورت هوندي اڻ سڌي طرح پنهنجي گهر جي معاشي مسئلن جو به ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته هن ڪيئن يتيم ٻارن جي پرورش ڪئي ۽ ڪيڏيون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون، هو ٻڌائي ٿي ته هڪ دفعو کيس ڪنهن قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي آفيسر پنهنجي آفيس گهرايو ۽ کيس سمجهائڻ لڳو ته تون اڪيلي اڻپڙهيل عورت ڇا ڪري سگهندين، تاڙي به هڪ هٿ سان ناهي وڄندي، جنهن تي مائي جندو ٻڌايو ته مون کيس جواب ڏنو ته نه صاحب نه تون غلط آهين ۽ مون پنهنجي هڪ هڪ جي تري زور سان فرش تي هنئي، جنهن تي ڪمري ۾ آواز ٿيو ۽ آفيسر کي ٻڌايم ته ڏس تاڙي هڪ هٿ سان به وڄندي آهي، آئون انصاف ٿيڻ تائين خاموش نه ٿيندس. هو ٻڌائي ٿي ته کيس خاموش ڪرائڻ لاءِ وڏيون آڇون ٿيون، ڪئين پير مريد به وچ ۾ آيا پر مون سڀني کي جواب ڏنو ته ميجر سنڌ جي راڄ جو ماڻهو نه آهي، منهنجي ٻچن ان جي ڪڪڙ به چوري ڪئي هجي ها ته آئون بدلي ۾ مينهن ڀري ڏيان ها پر منهنجا ٻچا ناحق ماريا ويا، آئون ڪا نه بخشديس.“

مائي جندو اڄ به پاڻ سان انصاف ٿيڻ جي منتظر آهي، جيتوڻيڪ عمر وڌڻ سبب هو هاڻي ڪافي ڪمزور به ٿي چڪي آهي، پر سندس حوصلا هماليه کان به وڌيڪ بلند اٿس، ٻچن جي جدائي ۽ دربدري ۾ لڳاتار روئڻ سبب سندس اکين جو نور به متاثر ٿيو اٿس، ٻه دفعا اکين جو آپريشن به ڪرائي چڪي آهي، سندس زندگي ۾ هاڻي ڪو خوشين جو لمحو ته ناهي پر عيدن يا ڪِن ٻين وڏن ڏهاڙن تي سندس اندر ۾ وڍ پون ٿا، هانءَ ڏري پوي ٿو، سندس دردن ماري دل وري ڏک ۾ ٻڏي وڃي ٿي، هڪ اکر به پڙهيل نه هجڻ باوجود همت سان زندگي گذاريندڙ مائي جندو پنهنجي سڄي خاندان مٿان ڄڻ ته ڇپر ڇانوَ بڻيل آهي. خاندان جي معاشي مسئلن سبب هو پريشان به رهي ٿي، سندس خواهش آهي ته ان جي حياتي ۾ ئي انٽر پڙهيل پوٽي وسيم کي ڪانوَ ڪري ملي پوي ته جيئن گهر جو گذر سفر سؤلو ٿي سگهي، جنهن لاءِ هن پنهنجي طرفان ڪجهه ڀڄ ڊڪ به ڪئي آهي پر وڌندڙ عمر سبب هاڻي هو آفيسن جا گهڻا چڪر نه ٿي ڪاٽي سگهي.

مائي جندو سنڌ جي هڪ عظيم ڪردار آهي، انساني حقن جي نالي تي جاکوڙ جي دعويٰ ڪندڙن کي کيس ضرور حياتي ۾ ئي مڃتا ڏيڻ گهرجي، هو همت ۽ بهادري جو وڏو نالو آهي، جيڪو شايد سو ڪالڊ سول سوسائٽي، روزانو ٿڌن ڪمرن ۾ ويهي ورڪشاپ ۽ سيمينار جي نالي ۾ پراجيڪٽ ٺاهي سماج ۾ سڌارو ۽ سجاڳي آڻڻ جا ٺيڪا کڻندڙن جي ايجنڊا ۾ شامل ناهي.
 
Back
Top