منصور سرور
سينيئر رڪن
سائين مختيار علي عباسي جي فيس بڪ وال تان ورتل
دنيا جا جديد هٿيار هنن ڄٽن وٽ ڪٿان ٿا اچن؟؟
قبائي جهيڙن سنڌ کي مڪمل طور مفلوج بنائي ڇڏيو آهي. سنڌي سماج ۾ هٿيار کڻي هلڻ کي وڏي بهادري تصور ڪيو ٿو وڃي. هنن قاتلن جا فوٽو نڪري سگھن ٿا باقي سرڪار کي خبر ناهي ته ڪهڙن ماڻهن وٽ غير قانوني جديد اسلحو آهي. رياستي مشينري سردارن معرفت سنڌ کي خانه جنگيء ۾ تبديل ڪرڻ ڇاهي ٿي. جيستائين سنڌ ۾ قبائي جهڳڙا ختم نه ٿيندا اوستائين سنڌ ڪڏهن به ترقي ڪري نه سگھندي. تفصيل هيٺ پڙهندا...
خيرپور/پيرجوڳوٺ (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو + منٺار جاگيراڻي) پيرڳوٺ ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري پريالوءِ جي اڳوڻي يوسي ناظم شجاع انصاري سميت چئن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. پريالوءِ جي انصاري محلي ۾ اڳوڻو ناظم شجاع حسين انصاري پنهنجي اوطاق تي ويٺل هو ته 10 کان وڌيڪ هٿياربندن حملو ڪري مٿس سڌي فائرنگ ڪري ڏني. نتيجي ۾ شجاع حسين انصاري موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته سندس دوست عبدالوحيد الرو،غلام علي ۽ اياز عباسي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، جن کي خيرپور اسپتال نيو ويو. هٿياربند محمد انعام الري کي اغوا ڪري ويا. جنهن کي بعد ۾ قتل ڪيو ويو. ٻي طرف اطلاع ملڻ تي الرا برادري جا ماڻهن اوڍا برادري جي چئن ڄڻن سجاد، غلام مصطفي ۽ محمد عرس اوڍي کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو، واضع رهي ته ٻنهي ڌرين ۾ هن وقت تائين 8 ڄڻا قتل ۽ هڪ عورت سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڌرين ۾ ٻه مهينا اڳ مير منظور پهنور ۽ سرادر پناهه اوڍي جي سرپئنچي هيٺ پڻ فيصلو ٿيو هو. هوڏانهن اهڙي واقعي بعد سموري علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانئجي ويو، جڏهن ته ڌريون مورچابند بڻجي ويون آهن. ٻي طرف رابطي ڪرڻ تي ايس ايس پي خيرپور پوري واقعي کان لاعلمي ڏيکاري ڇڏي. هوڏانهن انصاري برادري جي ماڻهن الزام لڳائيندي چيو آهي ته ڊي آءِ جي سکر جاويد عالم اوڍو جڏهن به سکر بدلي ٿي ايندو آهي ته پنهنجي برادري جي ماڻهن کي قتل ڪرڻ لاءِ همٿائيندو آهي، کين مدد فراهم ڪندو آهي ۽ هن قتلن جو به ڊي آءِ جي سکر پڻ ذميوار آهي، مقتولن جي وارثن آءِ جي سنڌ کان اڻڌري جاچ ڪرائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي. آخري اطلاع تائين ڌريون مورچا بند ٿي هڪٻئي خلاف فائرنگ ڪري رهيون هيون ۽ لاش پوسٽ مارٽم بعد گهرن ۾پيل هئا. ايس ايس پي خيرپور عثمان غني ضلعي جي پوليس طلب ڪري پريالوءِ ٿاڻي تي پهتو. جتي ڪئمپ قائم ڪري امن امان لاءِ پوليس گشت شروع ڪرايو.