منصور سرور
سينيئر رڪن
جيڪڏهن ماڻهو ڪرڻ تي اچي ته سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو صرف ماڻهو ذهني طور صحتياب هجي باقي وقت، حالتون ، ڄمارَ ، وسيلا ، نصيب، ڀاڳ ، قسمتون سڀ نه ڪرڻ جا هٿ ٺوڪيا بهانا آهن ... پاڻ کي کٽيندڙ يا جيتيندڙ سمجهڻ سان ئي کٽي سگهڻ ممڪن بڻجندو نه ته هاربو ئي رهبو ، ماڻهن کي پنهنجا تجربا ڪرڻ گهرجن پر ٻين جا حاصل ڪيل نتيجا مڪمل طور نظر انداز به نه ڪرڻ گهرجن .... مان اڳ به چوندو آهيان ته ماڻهوءَ وٽ لا محدود صلاحيتون هونديون آهن ، پنهنجين صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ جو حوصلو ۽ همٿ هجڻ گهرجي ، ميٽرڪ فيل شاگرد به اسٽيفن هانڪنگ ٿي سگهي ٿو ۽ پنج درجا پڙهيل ٻهراڙيءَ جي عورت جرمن چانسلر انجيلا مرڪل ۽ پنج روپيا ڏهاڙي تي ٻڪريون چاريندڙ ڌنار ” مارڪ ظڪر برگ“ بڻجي سگهي ٿو.
(سٽون: فياض خاصخيلي)
(سٽون: فياض خاصخيلي)