• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آزاد نظم

عابد بلوچ

سينيئر رڪن

هن دريءَ جو نظاروڪر
ڏس نه ته پريان ريل پئي وڃي
ڪي مسافر کڻي
هڪ اڻڄاتل منزل طرف

هن ريل جو سفر ڪن ماڻهن لاءِ
ڪيڏو نه اهم آهي
ڪي عرصي کان پوءِ پنهنجن جو ديدار ڪندا
ڪي پنهنجي محبوب ڏانهن محبت جو پيغام کڻي ويندا

ته ڪي قبرن تي عقيدت جا گل رکڻ ويندا
ڇا تو هن ريل جي آواز ۾ ٿڌين آهون
۽ خاموش ڳوڙهن کي نه محسوس ڪيو؟
يا وري ڪنهن ٽرندڙ ڪليءَ جي خوشبو تو ڏانهن نه آئي !

فقير عابد ديشي
 
خوش هجو پيارا .... ما اڄڪلهه اهڙي شاعري جي ڳولها ۾ آهيان جنهن ۾ اميد هجي ۽ نراسائي نه هجي.
 
هن دريءَ جو نظاروڪر
ڏس نه ته پريان ريل پئي وڃي
ڪي مسافر کڻي
هڪ اڻڄاتل منزل طرف

هن ريل جو سفر ڪن ماڻهن لاءِ
ڪيڏو نه اهم آهي
ڪي عرصي کان پوءِ پنهنجن جو ديدار ڪندا
ڪي پنهنجي محبوب ڏانهن محبت جو پيغام کڻي ويندا

ته ڪي قبرن تي عقيدت جا گل رکڻ ويندا
ڇا تو هن ريل جي آواز ۾ ٿڌين آهون
۽ خاموش ڳوڙهن کي نه محسوس ڪيو؟
يا وري ڪنهن ٽرندڙ ڪليءَ جي خوشبو تو ڏانهن نه آئي !

فقير عابد ديشي
اوهان جي پنهنجي شاعري آهي ادا؟
 
Back
Top